ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحو۽ زمان حال استمراري

۽ زمان حال استمراري

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون جنهن جو ڊائريڪٽر عباس بروهي هو جيڪو اي ڪي بروهي ۽ علي احمد بروهي جو ننڍو ڀاءُ هو ۽ عبدالماجد سان اڳ جي واقفيت هئس. عبدالماجد ٻڌائيندو آهي ته مسٽر بروهي کيس بيحد ڀائيندو ۽ قرب ۽ عزت سان پيش ايندو هو.
ڪجھ مهينا اڳ عبدالماجد پنهنجي وڏي پٽ عبدالمصور کي اي ليول (A Level) جي تَعليم مُڪمل ڪرڻ کانپوءِ واڌاري تعليم لاءِ آمريڪا جي رياست ايريزونا جي شهر ٽوسان ۾ موڪلي ڏنو هو جتان هن پاڻ به ايم بي اي ڪئي ۽ جتي هاڻي عبدالماجد جو سوٽ عبدالجليل عرف زاهد به پنهنجي والده سان گڏ رهندو هو. عبدالمصور اتي ڪاليج ۾ بي بي اي لاءِ داخلا ورتي.
چند مهينا پي آئي اي ۾ ڪم ڪرڻ کانپوءِ عبدالماجد به مستقلًا آمريڪا نقل مڪاني جو فيصلو ڪيو. پنهنجي ڊائريڪٽر مسٽر بروهي سان ڳالھ ڪڍيائين جنهن صلاح ڏنس ته شروع ۾ چئن مهينن جي موڪل وٺ جيڪا پوءِ آمريڪا مان وڃي وڌرائجانءِ. عبدالماجد کي پنهنجي گھرواري جي علاج جي لاءِ جرمني به وڃڻو هو. پي آئي اي ۾ موڪل جي درخواست منظور ٿيس. هن فليٽ ڇڏي پنهنجو سامان وغيره پيڪ ڪري ڪنهن دوست جي گھر ۾ هڪ ڪمري ۾ رکرايو جتان پوءِ بعد ۾ اهو لاڙڪاڻي موڪلرايائين. پوءِ زال ۽ ٻارن کي ساڻ ڪري جرمني ويو جتي ڊاڪٽر ٽيسٽن ۽ علاج بعد چيس ته هاڻي سندس گھرواري کي ٻيهر اچڻ جي ضرورت ڪانهي. عارضو شروع ٿئي پنج سال ٿي ويا هئا۽ تڪليف وري ڪانه ٿي هئس. هنن شڪر ڪيو ۽ پوءِ آمريڪا روانا ٿي ويا.
هن جي موڪل منظور ٿي چڪي هئي ۽ وڃڻ جي تياري ئي هئس ته محترمه بينظير جي وزات عظمىٰ معزول ٿي. عبدالماجد آمريڪا ۾ هو جو موڪل پوري ٿيڻ تي نئين حڪومت سندس ڊيپوٽيشن رد ڪري کيس واپس انڪم ٽيڪس کاتي موڪليو. عبدالماجد پنهنجي موڪل (بنان پگھار جي يعني Leave Without Pay) پنجن سالن لاءِ پنهنجي محڪمي مان وڌرائي. 1995 ۾ موڪل جي مدي پوري ٿيڻ تي ڪجھ ڏينهن لاءِ آيو ۽ وري ٽن سالن لاءِ موڪل جي درخواست ڏنائين جيڪا منظور ٿيس. حقيقت اها هئي ته 1990 ۾ ئي هن جي مرضي استعيفا ڏيئي نوڪري کي هميشہ لاءِ خيرباد چوڻ جي هئي ۽ محض منهنجي ان ڳالھ لاءِ اجازت نه ڏيڻ جي ڪري هن مجبورًا موڪل جي درخواست ڏني جيڪا پئي وڌرايائين.
آمريڪا ۾ هي ٽوسان ويا جتي سندس سوٽ زاهد رهندو هو ۽ پٽ عبدالمصور پڙهندو هئس. هاڻي جڏهن آمريڪا ۾ مستقل قيام جي ارادي سان ويو ته سوچيائين ته اتي ٽوسان ۾ ئي رهي يا ڪنهن ٻئي هنڌ کي مستقل رهائش لاءِ منتخب ڪري. آمريڪا جي مختلف علائقن ۽ شهرن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪري، فيصلو ڪيائين ته آمريڪا جي شهر سياٽل ۾ رهائش اختيار ڪري. جيئن ٽوسان ڏکڻ اولهائين ڪنڊ ۾ ميڪسيڪو جي سرحد ويجھو هو تيئن سياٽل وري اتان ڏيڍ هزار ميل يا اڍائي هزار ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ملڪ جي اُتر اولهائين ڪنڊ ۾ ڪينيڊا جي سرحد ويجھو، پيسيفڪ اوشين تي واقع، ملڪ جي خوبصورت ترين شهرن مان هڪ هو. ڊسمبر 1990 ۾ عبدالماجد پنهنجن ٻارن سوڌو اتي سڪونت اختيار ڪئي جتي اڄ سوڌو هو ۽ سندس چار ئي ٻار رهن ٿا. شهر جي منظرڪشي ڪندي چوندو هو ته بابا مري کي صاف سٿرو ڪري، ڏهوڻو ويهوڻو وڏو ڪري، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڻن ۽ برفپوش چوٽين سوڌو کڻي اچي سمنڊ جي ڪناري سجايو ۽ شهر کي ويهه پنجويهه مختلف ايراضين وارين خوبصورت ڍنڍن سان سينگاريو، ته سياٽل بس ڪجھ ايئن آهي. جڏهن پنج ورهيه پوءِ، 1995 ۾، سياٽل وڃڻ ٿيو ته احساس ٿيم ته اها منظرڪشي به اصل سان انصاف ڪرڻ کان قاصر هئي.
سندس تعليم ۽ تجربي جي آڌار تي نوڪري به مليس ۽ ملڪ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ جي اجازت به. 1993 ۾ کيس سعودي عرب جي ڪمپنين جي هڪ وڏي مجموعي زينل گروپ آف ڪمپنيز طرفان چيف انٽرنل آڊٽر جي نوڪري جي آڇ ٿي جيڪا هن قبولي ۽ جولاءِ 1993 کان مارچ 1996 تائين هو، سندس رفيقه حيات ۽ ٻه ننڍا ٻار، عبدالباري ۽ عائشه، ان سلسلي ۾ جده ۾ رهيا.
1995 ۾ هن پنهنجي ٻئي نمبر فرزند عبدالباسط جي شادي پنهنجي سنڍو عبدالاحد اچڪزئي جي دختر سان ڪئي جنهن سان ٻه ورهيه اڳ مڱڻو ڪرايو هئائون. انهيءَ موقعي تي ئي سندس وڏي فرزند عبدالمصور جو مڱڻو مير پرويز علي ٽالپر عرف مير راجا (مرحوم) جي وڏي ڌيءَ (جيڪا عبدالماجد جي ڀاڻيجي آهي) سان ڪرايائين.
آمريڪا ۾ واپس اچڻ کانپوءِ عبدالماجد کي ڪا مناسب يا جوڳي نوڪري ڪانه ملي تنهنڪري سندس ٻنهي وڏن پٽن نوڪريون شروع ڪيون ته جيئن ڪٽنب جي مالي گھرجن جو پورائو ٿي سگھي. عبدالمصور تڏهن 24 ۽ عبدالباسط 21 ورهين جو هو جڏهن ٻنهي ملازمت شروع ڪئي. ٻئي ان کان اڳ به پارٽ ٽائم نوڪريون وقتًا فوقتًا ڪندا رهندا هئا ته جيئن گھر جي خرچن لاءِ جوڳو انتظام ٿي سگھي. عبدالماجد توڙي سندس گھرواري ۽ ٻارن کي اسان سان تمام گھڻي محبت ۽ لڳاءُ رهيو آهي. ماڻهو آمريڪا وڃي سالن جا سال ملڪ نه ورندا آهن جو اچڻ وڃڻ جي ڪراين ۽ ڀاڙن کي منهن ڏين يا ڪا پنهنجي لاءِ بچت ڪن. پر عبدالماجد ۽ سندس زال کي قرار ئي نه ايندو هو جيڪڏهن هو ۽ سندن ٻار هر سال اسان سان ملي نه وڃن. انهن بجاءِ پيسا بچائڻ جي هر سال ٻارن سوڌو پاڪستان اچڻ، اسان سڀني سان ملي وڃڻ کي ترجيح ڏني. پر جتي سِڪون ته لهنديون هيون، ته ساڳـئي وقت مالي مشڪلات ۾ به اضافو ٿيندو هئن ته به انهن پنهنجي تقريبًا هر ورهيه اچڻ واري روايت قائم رکي.
1997 ۾ عبدالماجد جي والده سخت ناچاق ٿي پئي. خبر ٻڌائون ته ٻئي زال مڙس هڪدم پهچي ويا. ٽڪيٽ لاءِ بروقت پيسا ڪونه هئن. سياٽل ۾ رهندڙ هڪ دوست لياقت جماڻي کان پيسا اوڌارا ورتائون جيڪي ٻئي مهيني سندن پٽن ان مهربان کي واپس ورائي ڏنا ۽ ايئن هي ٻئي وقت سر پاڪستان پهتا. سندن پهچڻ کان ڏهن يارهن ڏينهن کان پوءِ سندس والده سندس هنج ۾ ئي ڄڻ دم ڏنو ۽ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي ملي. عبدالماجد ۽ سندس گھرواري کي بيحد صدمو رسيو. نرگس جي پنهنجي والده جو 1978 ۾ انتقال ٿي چڪو هو ۽ هو پنهنجي سس کي پنهنجي ماءُ جيان ڀائيندي هئي. چاليهي تائين هو ٻئي هتي لاڙڪاڻي رهيا ۽ پوءِ آمريڪا واپس وريا.
آگسٽ 1998 ۾ سندس موڪل پوري ٿي ۽ محڪمي طرفان زور ڀريو ويس ته يا واپس اچ يا نوڪري ڇڏ. ان اٺن سالن جي عرصي دؤران کاتي ۾ سندس سڀ همعصر، بلڪِ هن کان جيڪي جونئير هئا سي به، پنهنجي وقت تي پروموشن حاصل ڪري 20 گريڊ جا آفيسر ٿي ويا هئا. موڪل تي رهڻ ڪري عبدالماجد جو پروموشن به نه ٿي سگھيو هو. محڪمي وارن کيس نيپا (National Institute of Public Administration) ۾ ٽريننگ لاءِ جوائن ڪرڻ لاءِ چيو. 20 گريڊ ۾ پروموشن لاءِ اها ٽريننگ لازمي هوندي آهي. اچڻ جي تياري ئي ڪيائين پئي ته کيس سندس ڀيڻيوئي مير راجا جي بيوقتي وفات جي خبر ملي. مير راجا جي ڌي سان سندس پٽ جو مڱڻو به ٿيل هو. آگسٽ 1998 ۾ عبدالماجد پاڪستان آيو ۽ نيپا ۾ ٽريننگ شروع ڪيائين.
نيپا ۾ سندس ملاقات سيد محمدفاروق احمد صاحب سان ٿي جيڪو ان اداري ۾ اسلاميات جو استاد هو. بظاهر اهو اتفاق هو پر لڳو ايئن پئي ته قدرت سندس مرشد جي وصال کانپوءِ هڪ ٻئي بزرگ سان سندس ملاقات لاءِ اهو سامان ڪيو هو. سيد فاروق احمد ابوالعلائي سلسلي سان وابسته هڪ صاحبدل بزرگ هو پر ان ڳالھ جي سُڌ عبدالماجد کي سردست ڪانه هئي. عبدالماجد چوندو آهي ته پهرين ئي ڏينهن کان انهن بزرگن جي مٿانئس مهر جي نظر هئي جنهن جي نتيجي ۾ هن جو ساڻن محبت ۽ نيازمندي وارو سلسلو شروع ٿيو جيڪو 2009 تائين جاري رهيو جڏهن انهن وصال فرمايو.
2003 ڌاران فاروق صاحب عبدالماجد کي هڪ ننڍڙو ڪتابچو ڏنو ۽ چيائينس ته هي هڪ بزرگ جي عربي ۾ لکيل مناجات ۽ ان جو اردو ۾ ڪيل ترجمون آهن جن کي تون انگريزي ۾ ترجمو ڪر. پنهنجي مهربان جي حڪم کي ٽارڻ ڏکيو لڳس پر چيائين ته سائين مون کي ته عربي جي ڄاڻ ڪانهي، پر توهان جو حڪم آهي ته ڪوشش ڪندس. کولي ڏٺائين ته حيران رهجي ويو ته اها مناجات ٻئي ڪنهن جي نه بلڪِ سندس ئي شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جي مرشد شيخ احمد بن مصطفىٰ العلوي جي لکيل آهي. مناجات جي مصنف سان پنهنجي روحاني نسبت کي الاهي اشارو سمجھندي ان ڪم ڪرڻ جي بخوشي هامي ڀريائين. پهرين اردو مان انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ لڳو پر پوءِ ان مان مطمئن نه ٿيندي، اردو ترجمي کي هڪ پاسي ڪري رکيائين ۽ سڌو عربي مان انگريزي ترجمو شروع ڪيائين. پنهنجي ان ڪوشش دؤران اردو ۾ ڪيل ترجمي، جيڪو خود هڪ بهترين ترجمو هو، مان ضرورت پٽاندر مدد ضرور ورتائين پر ترجمو اصل عربي جو ئي ڪيائين. اڄ سوڌو چوندو آهي ته حيراني اٿم ته عربي جي بيحد معمولي ڄاڻ هوندي به اهو ترجمو ڪيئن ڪيم. ڊسمبر 2005 ۾ اصل عربي متن انگريزي ترجمي سوڌو هڪ بيحد جاذب نظر ايڊيشن جي صورت ۾ پاڪستان مان ڇپرايائين. جن به اهو انگريزي ترجمون ڏٺو ۽ پڙهيو آهي، تن کي اهو بيحد وڻيو آهي ۽ تعريف ڪئي اٿائون. ان جي اشاعت جي لاءِ رقم سندن ٻارن ۽ گھرواري ڏني ۽ بجاءِ قيمتًا وڪرو ڪرڻ جي، ان کي دلچسبي رکندڙن ۾ مفت ورهايائين ۽ بعد ۾ ان جو تصحيح شده ٻيو ايڊيشن انٽرنيٽ تي به شايع ڪيائين. چوندو آهي ته هن ڪاميابي ۾ سموري ڪرم فرمائي انهن بزرگن سڳورن جي آهي، جن مناجات لکي، جن جي وساطت ۽ نسبت جي ڪري اها وٽس پهتي ۽ جن کيس ان جي ترجمي لاءِ همٿايو ۽ مامور ڪيو.
نيپا ۾ ٽريننگ کانپوءِ عبدالماجد جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي جتي ايڊيشنل ڪمشنر ڪري رکيائونس. 1999 ۾ پنهنجي رفيقه حيات ۽ ننڍن ٻن ٻارن سوڌو ڪراچي ۾ رهڻ شروع ڪيائين. انڪم ٽيڪس کاتي ۾ جيڪي جونيئر آفيسر هن جا ماتحت ٿي رهيا هئا، هاڻي تن جي به گريڊ ويهين ۾ ترقي ٿي وئي هئي. جيتوڻيڪ عبدالماجد اهڙن آفيسرن جي ماتحتي ۾ ڪم نه پئي ڪيو، ته به کيس اهڙين حالتن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو ڪونه پئي آيو. ڪجھ عرصي بعد کيس سنڌ بلوچستان جي ريجنل ڪمشنر وٽ بطور معاون ايڊيشنل ڪمشنر هيڊڪوارٽر جا اهم فرائض سونپيائون جيڪي هن بيحد خوش اسلوبي سان سرانجام ڏنا. مسلسل موڪل تي رهڻ ڪري پروموشن لاءِ مقرره مدي پوري ٿيڻ ۾ به اڃا ٻه ٽي سال هئس. مون محسوس ڪيو ته کيس انهن حالتن ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ مٿان هتي رهائش جي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجن پٽن کان پيسا گھرائڻ وغيره هن لاءِ هڪ اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي هئي جنهن جي مدنظر مون چيومانس ته هو جيئن مناسب سمجھي تيئن ڪري ۽ منهنجي طرفان هاڻي اهڙي ڪا جھل پل ڪانه آهي ته نوڪري نه ڇڏي.
منهنجي طرفان اهڙي اجازت ملڻ جي دير هئي، عبدالماجد نوڪري تان استعيفا لکي موڪلي ۽ گڏ، جيستائين اها منظور ٿئي، موڪل جي درخواست به رواني ڪيائين ۽ ايئن 1999 جي آخر ۾ انڪم ٽيڪس کاتي سان پنهنجي واسطيداري ختم ڪيائين.
1999 ۾، پاڪستان ۾ رهائش دؤران پنهنجي وڏي فرزند عبدالمصور جي شادي به ڪرايائون جنهن جو مڱڻو 4 ورهيه اڳ ٿيو هو. 2000 ۾ عبدالماجد ۽ نرگس واپس آمريڪا موٽي ويا ۽ پنهنجن ٻارن سان گڏ رهڻ لڳا. 1995 ۾ سندس فرزند عبدالباسط کي ڌي ڄائي ۽ 1999 ۾ هڪ پٽ ڄائو ۽ 2000 ۾ عبدالمصور جي گھر هڪ ڌي ڄائي.
ايندڙ پنجن ورهين ۾ عبدالماجد پنهنجي ڌي عائشه ۽ پنهنجي پٽ عبدالباري جون شاديون به 2003 ۽ 2005 ۾ ڪرائي ڇڏيون ۽ انهن فرضن کان به آجا ٿي ويا. سندن ٽيئي پٽ، نُهر، پوٽا پوٽيون سمورو ڪٽنب بيحد خوشي ۽ خوشحالي واري مثالي زندگي گذاري رهيو هو. سندن ڌي عائشه، جنهن جي شادي عبدالماجد جي سوٽ مسيح الله سان ٿي هئي، جيڪو منهنجي ننڍي ڀاءُ ڊاڪٽر امان الله جو ننڍي ۾ ننڍو فرزند هو، سي به ساڳـئي شهر رهندا هئا. مسيح الله، عبدالمصور ۽ عبدالباسط سان گڏ، ڪارن جي ڪمپني ٽويوٽا جي هڪ ڊيلرشپ ۾ بطور فنانس مينيجر ڪم ڪري رهيو هو. 2004 ۾ کين فرزند ڄائو جنهن جو نالو حُسين رکيائون. سڀني کي آمريڪي شهريت به ملي چڪي هئي.
2006 ۾ عبدالماجد کي سندس گھرواري چيو ته هاڻي اسان الحمدلله سڀني فرضن کان آجا ٿي ويا آهيون، هل ته ڪاڏي گھمي ڦري اچون. چيائينس ته منهنجي دل آهي ته ڪروز شپ يعني بحري آسائشي جهاز تي دنيا جو سير ڪيون. هي پروگرام طئي ڪري انگلينڊ ويا جتي عبدالماجد جي سؤٽ ڊاڪٽر افسانه (ادا عنايت الله مرحوم جي ڌي) پنهنجي خاوند ڊاڪٽر عطاءُالله وقاصي سان گڏ رهندي هئي. هي قربائتا ۽ محبتي انسان آهن جن جي عبدالماجد ۽ نرگس ٻنهي سان دل رهي آهي. ٻه ٽي ڏينهن وٽن رهي، هي طئي شده پروگرام مؤجب هڪ وڏي آسائشي بحري ٻيڙي تي، جيڪو سائز ۽ آسائش جي لحاظ کان هڪ شاندار 5 اسٽار هوٽل کان به وڌ هو، تنهن تي بالٽڪ سمنڊ ۽ ان جي ڪنارن تي واقع ملڪن جي ٻن هفتن جي سير ۽ سياحت لاءِ اُسريا. پولنڊ، ايسٽونيا، جرمني، فن لينڊ، رُوس،سُويڊن، ناروي، ڪوپن هيگن وغيره ڪيئي ملڪ انهن ٻن هفتن ۾ هُو گھميا. رات جو جهاز هلندو هو ۽ ڏينهن جو ڪنهن شهر وٽ لنگرانداز ٿيندو هو جيڪو هي گھمي ايندا هئا. ان سير مان هو بيحد لطف اندوز ٿيا. واپس انگلينڊ پهچي ٻه هفتا کن اتي رهيا. اڳ ۾ به انگلينڊ ڪيئي ڀيرا وڃڻ ٿيو هون پر هميشہ لنڊن شهر ۾ ئي قيام رهندو هون. هن ڀيري سوچيائون ته اندرون ملڪ ۽ ٻهراڙي، جنهن کي اتي ٻهراڙي نه بلڪِ ڪنٽري سائيڊ چوندا آهن، تنهن جو سير ڪجي. گاڏي ڀاڙي تي ورتائون ۽ باٿ، ڪاٽس والڊ، اسٽون هينج، آڪسفورڊ، ڪيمبرج وغيره جو سير ڪري آيا. پوءِ پنهنجي ميزبانن سان گڏجي مشهور زمانه ليڪ ڊسٽرڪٽ جو سير ڪيائون جيڪو انگلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ جي سرحد تي بيحد جاذب نظر قدرتي نظارن سان ڀرپور خطو آهي. اتان هي زال مڙس ٻئي اسڪاٽلينڊ جو تاريخي شهر ايڊنبرا گھمڻ ويا. ايئن مهيني سوا جو سير سفر ڪري هي واپس آمريڪا وريا.
قدرت جا کيڏ به پنهنجا آهن ۽ انهن جي رمز کان به هو واقف آهي. واپس وريا مس، ۽ ٻارن سان پنهنجي سير سپاٽي جو احوال ئي ڪيائون پئي، ته نرگس هلڪي طبيعت جي ناسازيءَ جي شڪايت ڪئي ۽ ان لاءِ ڊاڪٽر کان چيڪ اپ ڪرائڻ وئي. ايڪويهه ورهيه اڳ، ڇاتي جي ڪينسر جي عارضي ۾ جڏهن مبتلا ٿي هئي ته دعا گھري هئائين ته اي پروردگار ايتري ته مهلت ڏي جو هي جيڪا ڌيءَ عطا ڪئي اٿئي تنهن جون خوشيون ته ڏسان. ڌيءَ وڏي به ٿي، شادي به ٿيس، الله تعالىٰ اولاد نرينه جي نعمت سان به نوازيس ۽ هاڻي پنهنجي گھر ۾ پنهنجي ور سان خوشين واري زندگي گھاري رهي هئي. شايد مهلت جو مُدو پورو ٿي چڪو هو. ڊاڪٽرن ٽيسٽون ڪيون ۽ نرگس جي 56 سالگره ٿيڻ واري هئي جو عبدالماجد کي اها روح فرسا خبر ڏنائون ته سندس رفيقه حيات کي ڇاتي جو بيحد مهلڪ قسم جو ڪينسر آهي جنهن مان جانبر ٿيڻ جا امڪان تمام گھٽ آهن.
ان خبر عبدالماجد جي پرسڪون، خوشگوار، جنت سمان زندگي ۾ جهڙوڪه ڀونچال آڻي ڇڏيو. هر ڪوشش، هر تدبير ڪيائون ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو لڳو ته سڀ صحيح ٿي ويو آهي. پر اهو ئي ڊاڪٽر جنهن جي علاج 21 ورهيه اڳ کيس بظاهر نئين زندگي بخشي هئي، تنهنجون سڀ تدبيرون هن ڀيري ڄڻ ناڪام ويون. تقريبًا پوڻن ٻن سالن بعد، 25 اپريل 2008 تي، نرگس پنهنجي جاني مڙس کي الوداع چئي ملڪ عدم راهي ٿي. طبيعت جي ناسازي باعث هڪ ڏينهن اڳ اسپتال وٺي ويس، جتي ٻئي ڏينهن صبوح جو 9 لڳي 30 منٽن تي پنهنجي مجازي خدا جي هنج ۾ ئي هئي جو اکيون کوليائين. جنهن مڙس کي ساه کان وڌيڪ ڀائيندي هئي، تنهن سان نگاهون جو اٽڪايائين ته ڦيريائين مور ڪونه، بس پيار ۽ بيوسي وچان ڏسندي ٻن چئن منٽن بعد اکيون آهستي آهستي کڻي ٻوٽيائين ۽ جان جان آفرين جي سپرد ڪيائين. ان مهل وٽس ماجد ۽ سندن چار ئي ٻار، عبدالمصور، عبدالباسط، عبدالباري ۽ عائشه موجود هئا؛ ڪمري ۾ ٻيو ڪوئي به ڪونه هو. اهي نيڻ جيڪي ماجد کي چاليهن ورهين تائين اٿاه پيار سان ڏسندي پئي آيا سي هميشہ لاءِ ٻوٽجي ويا. انا لله و انا اليہ راجعون. ماجد چيو ته قدرت جي ستم ظريفي ته ڏسو: بهار جي مند ۾، سدابهار (Evergreen) نالي اسپتال ۾ منهنجي زندگي جون بهارون هميشہ لاءِ موڪلائي ويون ۽ هڪ طويل، ڪڏهن نه کٽندڙ خزان شروع ٿي وئي.

مين چاهتا ٿا اسي روڪ رکون
ميري جان ڀي جائي تو جاني نه دون
ڪيي لاک فريب ڪروڙ فسون
نه رها، نه رها، نه رها، نه رها

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا