ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوآمريڪا، سڀاويڪ سفر

آمريڪا، سڀاويڪ سفر

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو ۽ ٽي وي، وي سي آر وغيره کڻي ويا. مالي طرح ته گھڻو نقصان ڪونه ٿيو پر اهو واقعو هن لاءِ ذهني ڪوفت جو سبب بڻيو. انڪم ٽيڪس جي نوڪري ۾ به کيس يڪسانيت جو احساس ٿيڻ لڳو ۽ هن فيصلو ڪيو ته ڪجھ واڌاري پروفيشنل تعليم حاصل ڪري. هن آمريڪا وڃي ايم بي اي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان مقصد خاطر خصوصي داخلا وارا امتحان ڏيڻ شروع ڪيائين ۽ آمريڪا ۾ مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ به درخواستون موڪليائين. کيس يونيورسٽي آف سدرن ڪيليفورنيا (University of Southern California) لاس اينجلز ۾ داخلا جي آڇ آئي ۽ هن پنهنجي محڪمي کي ان مقصد لاءِ ٽن سالن جي موڪل لاءِ درخواست ڏني. موڪل منظور ٿيڻ تي هن مارچ 1983 ۾ پنهنجي گھرواري ۽ ٽن پٽن سميت آمريڪا ڏانهن سفر جو سانباهو ڪيو. ڪراچي مان هو سعودي عرب ويا جتي سندس گھرواري جي ننڍي ڀيڻ ۽ سندس مڙس رهندا هئا. عُمرو ڪري هي اڳتي روانا ٿيا ۽ آمريڪا جي شهر لاس اينجلز وڃي اسريا.
لاس اينجلز ۾ پهچي عبدالماجد يونيورسٽي جو واءُ سواءُ ورتو. يونيورسٽي جو ڪيمپس وچ شهر ۾ لاس اينجلز ڊائون ٽائون جي ويجھو هو. هو يونيورسٽي جي ڪيمپس مان خاص مرعوب ڪونه ٿيو. ڪورس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجھ مهينا هئا ۽ هن لاس اينجلز ۾ هڪ فليٽ مسواڙ تي وٺي اتي رهڻ شروع ڪيو ۽ ٻن وڏن پٽن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايائين جن جون عُمرون ان وقت بالترتيب 11 ورهيه ۽ 8 ورهيه هيون.
اتفاق سانگي هڪ دوست سان گڏجي ايريزونا رياست جي شهر ٽوسان (Tucson) وڃڻ ٿيس جتي هي اتان جي مشهور درسگاه يونيورسٽي آف ايريزونا (University of Arizona) جو ڪيمپس ڏسڻ ويو. يونيورسٽي ۽ ان جو ماحول دل کي وڻيس ۽ لاس اينجلز جي ڀيٽ ۾ ٽوسان جو نسبتًا ننڍو شهر به پسند آيس جيڪو وڏن شهرن جي ٽريفڪ واري رش ۽ آلودگي کان به پاڪ هو. بيٺي بيٺي هن داخلا جي درخواست ورتي ۽ مڪمل ڪري اتي ڏيئي آيو. واپس لاس اينجلز آيو ته ٿوري ئي عرصي ۾ يونيورسٽي آف ايريزونا مان خط آيس ته ايم بي اي پروگرام ۾ داخلا لاءِ سندس ڏنل درخواست منظور ڪئي وئي آهي ۽ نه رُڳو اهو بلڪِ کيس اسڪالرشپ به ڏني وئي آهي جيڪا، جي سندس امتحان ۾ ڪارڪردگي صحيح رهي، ته ايندڙ سالن ۾ به جاري رهندي. عبدالماجد لاس اينجلز ڇڏي ٽوسان هليو آيو ۽ آگسٽ 1983 ۾ پنهنجي اعلىٰ تعليم جي ابتدا ڪيائين. يونيورسٽي آف ايريزونا پبلڪ يونيورسٽي هئي جنهن عبدالماجد کي اسڪالرشپ آڇيندي رياست جي باشندن واري رعايتي في مقرر ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ تقريبًا 10,000 ڊالرن جي ساليانه بچت ٿيس. اها رعايت جيترو عرصو يونيورسٽي ۾ رهيو کيس ملندي رهي جيئن ته سندس پڙهائي جي ڪارڪردگي سمورو عرصو اعلىٰ رهي ۽ هو تقريبًا سڀ امتحان ٽاپ يعني اي (A) گريڊ ۾ پاس ڪندو رهيو. اتي ئي پهريون ڀيرو سندس واسطو ڪمپيوٽر ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سان پيو ۽ ان متعلق کيس بنيادي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو.
1985 ۾ عبدالماجد جي زندگي ۾ هڪ خوشي آئي پر ان کان هڪدم بعد هڪ الميي سان دوچار ٿيڻو پيس. فبروري 1985 ۾ کين آخري اولاد، سندن ڌي عائشه، اتي ٽوسان ۾ پيدا ٿي. ٻئي زال مڙس ڏاڍا خوش هئا ته ٽن پٽن کانپوءِ هڪ ڌيءَ جي پيدايش سان سندن ڪٽنب ڄڻڪ مڪمل ٿي ويو هجي. اهو عبدالماجد جو تقريبًا آخري سيمسٽر هو جو ان کان پوءِ صرف هڪڙو مضمون رهيل هئس جنهن لاءِ ارادو هوس ته اونهاري واري ڪنهن سيميسٽر، جيڪي هڪ مهيني جا ٿيندا هئا، تنهن ۾ کڻي ايم بي اي جو ڪورس مڪمل ڪري وٺندو.
زندگي ۾ خوشي ۽ غم هڪ ٻئي جي پويان ڏينهن ۽ رات وانگر پيا ايندا ويندا آهن. اڃا نوزائيده ڌي جي پيدايش جي خوشين مان ڍاپيا ئي ڪونه هئا ته مٿن اها خبر هڪ وڄ بڻجي ڪري ته نرگس کي ڇاتي جي ڪينسر جو هڪ بيحد خطرناڪ قسم لاحق آهي. نرگس چيو ته اي منهنجا الله دعائون ته ٻڌئي ۽ ڌي به ڏنئي پر ايترو وقت به ته ڏئين ها جو ان جون خوشيون ڏسان! هڪ آپريشن ٿي، ٻي ٿي، ٽين ٿي. ڊاڪٽرن چيو ته هي ڇاتي جي ڪينسر جو هڪ مهلڪ قسم آهي ۽ ان لاءِ ڪم از ڪم هڪ ورهيه تائين ڪيمو ٿيريپي ڪرڻي پوندي. ميڊيڪل انشورنس هون تنهنڪري مالي لحاظ کان ته ڪا مشڪل ڪانه هئي، پر ذهني لحاظ کان صورتحال نسورو عذاب هئي. عبدالماجد جيئن تيئن ڪري پنهنجو سيميسٽر پورو ڪيو ۽ آخري رهيل ڪورس لاءِ استاد اجازت ڏنس ته هو هڪ ريسرچ پيپر لکي ڏئي جنهن لاءِ يونيورسٽي اچڻ يا ڪلاس جي ڪا ضرورت ڪانهي.
ان واقعي عبدالماجد توڙي نرگس جي زندگي کي هر لحاظ کان جنجھوڙي رکيو ۽ کين پنهنجي پوري گذريل زندگي تي نظرثاني ڪندي آئيندي متعلق زندگي جا نوان رخ متعين ڪرڻ تي مجبور ڪيو. سڀ کان اول ته ان مهلڪ بيماري سان منهن ڏيڻو هون. عبدالماجد ان مرض متعلق هر قسم جي معلومات حاصل ڪرڻ شروع ڪئي جنهن کان پوءِ ان نتيجي تي رسيو ته ڪيموٿيريپي خاطر خواه علاج ڪونهي. هڪ ته اها انهن سببن کي، جن جي ڪري جسم ۾ ڪينسر جو مرض پيدا ٿئي ٿو، تن کي جسم مان ڪانه ٿي ڪڍي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن ڪيموٿيريپي (Chemotherapy) هڪ صحتمند انسان کي ڏني وڃي ته اها مڃيل حقيقت آهي ته اهڙي انسان کي خود ڪينسر لاحق ٿيڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ڪافي غور و خوض ۽ تحقيق بعد هن فيصلو ڪيو ته نرگس کي جرمني وٺي وڃي اتان جي هڪ مشهور ڪينسر اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جوزف ازيلس کان علاج ڪرائيس. نرگس کي پنهنجو رايو ٻڌايائين جنهن کي پنهنجي مڙس جي محبت ۽ سمجھداري تي ايمان جي حد تائين يقين هو تنهنڪري هامي ڀريندي ويرم ڪانه ڪيائين.
مسئلا ڪيئي هئن. سڀ کان وڏي ڳالھ ته آمريڪي ميڊيڪل انشورنس آمريڪا ۾ مروج طريقه علاج لاءِ ته خرچ ڀرڻ لاءِ ٻڌل هو پر جرمني ۾ متبادل طريقه علاج لاءِ هڪ پيسو ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه هو. معنىٰ ته سفر، رهائش ۽ معالجي جو سمورو خرچ پاڻ کي ڀرڻو هون. عبدالماجد 1984 ۾ پنهنجن ٻن ننڍن ڀائرن عبدالصمد ۽ عبدالغفار کي به آمريڪا گھرايو هو ته گھمي به وڃن ۽ جي ممڪن هجي ته اتي تعليم به حاصل ڪن. سندن عُمر بالترتيب 20 ۽ 19 سال هئي ۽ اهي ٻئي به عبدالماجد وارن وٽ رهندا هئا. انهن کي، ٻارن کي ۽ خصوصًا نوزائيده ڌيءَ کي ڪٿي ۽ ڪنهنجي سنڀال ۾ ڇڏي وڃن؟ جرمني جي ويزا جو حصول اڃا هڪ ٻيو مسئلو هو.
ادا وڏي جو پٽ عبدالجليل عرف زاهد جيڪو آمريڪا ۾ رهندو هو سو پاڪستان آيل هو ۽ واپس آمريڪا ورڻ وارو هو. عبدالماجد فون ڪري چيو ته سندس والده کي ان سان گڏ موڪلي ڏيو. مون انهن حالتن پيش نظر پنهنجي گھرواري کي آمريڪا موڪلي ڏنو. زاهد به ٽوسان منتقل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هو به عبدالماجد سان گڏ رهڻ لڳو. عبدالماجد جرمني ۾ ڊاڪٽر سان فون تي مشاورت ڪري، جرمني وڃڻ جي پروگرام کي عملي شڪل ڏيڻ لڳو ۽ ويزا لاءِ لاس اينجلز وڃي درخواست ڏنائين. پهرين ته جرمن قونصليٽ وارا ويزا ڏيڻ ۾ ڪيٻائڻ لڳا پر ويزا آفيسر، جنهن جي پنهنجي والده ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا رهي هئي، تنهن سندن حالات کان متاثر ٿيندي ويزا ڏيئي ڇڏين. عبدالماجد پنهنجن ٽنهي پٽن کي ان دؤران اڳ ۾ ئي پاڪستان موڪلي ڏنو. والده جي آمريڪا پهچڻ بعد ٻئي زال مڙس جرمني ويا جتي علاج جي سلسلي ۾ ٻه اڍائي مهينا رهڻو پين.
ڊاڪٽر ازيلس، جنهن کي ڪينسر جي آخري اسٽيج وارن هزارن مريضن جي علاج ڪرڻ جو تجربو هو ۽ جنهن ۾ هو بيحد ڪامياب به هو، تنهنجو نظريو اهو هو ته ڪينسر هڪ مقامي مرض نه بلڪِ جسماني عارضو آهي. جيڪڏهن ڪينسر جون ظاهري علامتون، جهڙوڪ ڳوڙهيون Tumor آپريشن ذريعي جسم مان ڪٽي ڌار ڪجن، يا ريڊيو ٿيريپي ذريعي انهن کي ساڙي ناس ڪجي يا ڪيموٿيريپي ذريعي اهڙن گھريتڙن يعني Cells کي ختم ڪجي ته به اهي اسباب جن جي ڪري جسم ۾ سرطان جا گھريتڙا ٺهن ٿا سي پنهنجي جاءِ تي موجود رهن ٿا ۽ ڪجھ عرصي بعد ٻيهر يا ٻئي هنڌ ڪينسر جي علامت نمودار ٿئي ٿي. هن جو چوڻ هو ته سائنس جي تحقيق موجب ڪينسر جا گھريتڙا هر انسان جي جسم ۾ پيدا ٿيندا رهندا آهن ۽ اهو هڪڙو فطري عمل آهي پر جسم ۾ هڪ مدافعتي قوت هوندي آهي جيڪا باقاعده ۽ منظم طريقي سان اهڙن گھريتڙن جي نشاندهي ڪري انهن کي وقت سر ختم ڪري وڌڻ کان روڪيندي آهي. پر ڪن سببن ڪري هر ڪينسر جي مريض ۾ اهڙي مدافعتي قوت بيحد گھٽ هوندي آهي. ان ڪري ڪينسر جو ڪو به طريقه علاج تيستائين ڪامياب نه ٿو ٿي سگھي جيستائين جسم جي مدافعتي قوت کي ان جي مناسب فطري سطح تي آڻڻ جي ڪوشش اهڙي طريقهءَ علاج جو حصو نه هجي. هو هڪ خداترس، هڏ ڏوکي، ٻئي جو درد محسوس ڪندڙ ۽ بيحد ذهين ڊاڪٽر هو. پر بِالآخر ڊاڪٽر، طبيب، ويڄ، دوائون، سُتيون ۽ ڦَڪيون سڀ بهانا آهن. آهي سڄي ڳالھ آهي الاهي امر جي. بقول شاه سائين،
ڦَڪيون تڏهن فرق ڪن، جڏهن امر ٿئي ان کي.

الله سندن دعائون سڻيون ۽ نرگس کي شفا نصيب ٿي. هي جرمني مان موٽي آمريڪا آيا. ڊاڪٽر علاج جاري رکڻ لاءِ دوائون ساڻ ڏنن ڇو جو تن جو حصول آمريڪا ۾ ممڪن ڪونه هو. ڇهن مهينن کانپوءِ وري اچڻ لاءِ چَين جنهن کان پوءِ سال ۾ هڪ ڀيرو ٻن کان چئن هفتن لاءِ فالو اپ ٽريٽمينٽ لاءِ اچڻو پوندن. 1985 جي سرءُ واري مند ۾ عبدالماجد اڳ ۾ پنهنجي والده، نرگس ۽ ڌي عائشه کي پاڪستان موڪلي ڏنو. سندس ڀائرن به آمريڪا ۾ وڌيڪ رهڻ جي هام ڪانه ڀري ۽ مهيني کن ۾ هي سڀ به پاڪستان موٽي آيا.
هاڻي عبدالماجد جي زندگي جون ترجيحات ڄڻڪ بدلجي چڪيون هيون. خبر پيس ته اهو بزرگ جنهن جو لکيل ڪتاب تيرنهن ورهيه اڳ اڪيڊمي ۾ پڙهيو هئائين ۽ جنهن جا ان کان پوءِ ڪيئي ٻيا ڪتاب به مختلف هنڌان هٿ ڪري پڙهيا هئائين سو دراصل شاذليه طريقي سان واسطو رکندڙ هڪ صوفي بزرگ هو. خبر اها هئس ته اهو بزرگ سئزرلينڊ ۾ رهندو آهي پر ڪٿي، ڪهڙي شهر ۾ رهندو هو، يا ڇا اتو پتو هوس تنهن جي ڪا ڄاڻ ڪانه هئس. هن جي ذهن ۾ اهي ازلي سوال ڦري رهيا هئا جن جو جواب ڪتابن ۾ يا لفظن ۾ ڪنهن وٽ به ڪونه هو، ۽ نه ئي ٿي سگھيو پئي. ۽ نه ئي وري انهن سوالن کان ڇوٽڪاري جي ٻي ڪا واه سندس نگاه ۾ هئي سواءِ ان جي ته ڪنهن صاحب دِل بزرگ جو دامن وڃي جھلي ۽ ان جي صحبت مان فيض پرائي. ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته کيس هڪ مرشد هادي جي تلاش هئي جيڪو کيس زندگي جو رستو ڏيکاري. سندس خوشقسمتي اها هئي هن سموري سفر ۾، راه سلوڪ ۾، سندس رفيقه حيات نرگس هن سان هر ويل ۽ هر گھڙي پنهنجي پوري وجود سان گڏ هئي.
اهي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب ۽ گوگل سرچ کان اڳ وارا ڏينهن هئا. ٻيو نه سُجھيس ته هڪ خط لکي برطانيه جي ان رسالي جي معرفت موڪلي ڏنائين جنهن ۾ شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جا ليک وقتًا فوقتًا پيا ڇپبا هئا. انهيءَ خط ذريعي بزرگن سان پنهنجي دل جو حال اوري پنهنجي خواهش جو اظهار ڪندي عرضداشت سندن خدمت ۾ پيش ڪيائين. 1986 ۾ ان خط جو جواب کيس ڊاڪٽر مارٽن لِنگز Martin Lings موڪليو جيڪو شيخ جي مکيه مريدن ۽ خليفن مان هڪ هو ۽ انگلينڊ ۾ رهندو هو. ڊاڪٽر مارٽن لِنگز جو اسلامي نالو ابوبڪر سراج الدين هو ۽ انگريزي ۾ نبي پاڪ ﷺ جي سيرت تي لکيل مشهور زمانه ڪتاب محمد ﷺ (Muhammad: His Life Based On Earliest Resources) جو مصنف هو. سندس موڪليل خط مان عبدالماجد کي خبر پئي ته شيخ عيسىٰ نورالدين احمد جي هاڻي آمريڪا جي رياست انڊيانا جي هڪڙي ننڍڙي شهر بلومنگٽن ۾ مستقل سڪونت هئي. سِدي ابوبڪر کيس سلسلي سان وابسته فقير محمد سُهيل عُمر سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ چيو جيڪو لاهور ۾ اقبال اڪيڊمي ۾ آفيسر هو. محمد سهيل عُمر هاڻي اقبال اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر آهي.
ايئن عبدالماجد جو روحاني سفر شروع ٿيو جيڪو اڄ به جاري آهي. 1986 ۾ جڏهن سهيل عُمر صاحب جو ڪراچي اچڻ ٿيو ته سندن ملاقات ٿي. 1986 جي سياري ۾ جڏهن علاج لاءِ جرمني ويا ته اتان پوءِ ٻئي زال مڙس لنڊن ويا جتي سندن ملاقات سِدي ابوبڪر سان ٿي. عام طرح سِدي ابوبڪرطريقي يا سلسلي ۾ بيعت ڪرڻ جو مجاز هو پر جيئن ته عبدالماجد وارن جو ارادو آمريڪا وڃي شيخ عيسىٰ نورالدين احمد سان ملڻ جو هو، تنهنڪري سِدي ابوبڪر چَين ته شيخ پاڻ توهانکي بيعت ڪري سلسلي ۾ شامل ڪندو. تنهن کان پوءِ هي ٻئي آمريڪا ويا. اها 1987 جي شروعات جي ڳالھ آهي. اتي سندن ملاقات شيخ عيسىٰ سان ٿي جن ڪمال شفقت سان پيش ايندي کين سلسلي ۾ بيعت ڪري تعليم ڏني. ڪجھ ڏينهن بلومنگٽن ۾ رهي پوءِ هي ٽوسان ويا جتي سندن يونيورسٽي وارن ڏينهن جا دوست هئا ۽ پوءِ هي پاڪستان واپس وريا.
عبدالماجد ۽ سندس گھرواريءَ جون ملاقاتون پوءِ به پنهنجي مُرشد سڳوري سان ٿينديون رهيون ۽ سِدي ابوبڪر سان به. سِدي ابو بڪر ٻه ڀيرا سندن گھر ڪراچي به آيو هو. 1998 ۾ شيخ عيسىٰ نورالدينؒ جو وصال ٿيو. عبدالماجدپنهنجي شيخ جو هن دنيا ۾ آخري سلام ڀرڻ لاءِ سياٽل مان، جتي هو ان وقت رهندو هو، بلومنگٽن ويو. چيائين ته "جيئن ته شيخ جا مريد دنيا جي مختلف حصن مان اچڻا هئا، سندس جسد خاڪي جي تدفين ٽئين يا چوٿين ڏينهن تي ٿي. مَئي جو مهينو هو ۽ بلومنگٽن ۾ موسم معتدل هئي. هڪ ڪمري ۾ سندن جسد مبارڪ ڪفن ۾ لپٽيل پيو هو ۽ جڏهن اسان پهتاسي ته چهرو مبارڪ کليل هو ۽ گلاب جي گل وانگر ٽڙيل هو. ايئن پئي لڳو ته ڄڻ هاڻي هاڻي ستا آهن. جڏهن تدفين جو وقت آيو ته اسان سڀني کي چيائون ته هاڻي توهان ٻاهر هلو. ٻاهر نڪرڻ مهل مان ڄاڻي واڻي پوئتي ٿي ويس ۽ سڀني کان آخر ۾ ڪمري مان نڪتس. نڪرڻ مهل مون الوداع واري انداز ۾ ڪفن ۾ لپيٽيل شيخ جي جسد مبارڪ جي پيرن کي چمي ڏني ۽ جيئن چُمي ڏيڻ لاءِ پيرن ۾ هٿ وڌم ته اهي ايئن نرم ۽ ڪُونئرا هئا جيئن هڪ جيئري جاڳندي انسان جا هوندا آهن ورنه عام طور تي چند ڪلاڪن اندر جسم اڪڙجڻ ۽ سخت ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي جنهن کي انگريزي طب جي زبان ۾ رِگر مارٽِس Rigor Mortis چوندا آہن."
1986 مارچ ۾، موڪل جي پوري ٿيڻ تي عبدالماجد ڪراچي ۾ وڃي نوڪري تي چڙهيو. ان دؤران سندس پروموشن 19 گريڊ ۾ بطور انسپيڪٽنگ يا ايڊيشنل ڪمشنر ٿي چڪو هو. هن هڪ سٺي آمريڪي يونيورسٽيءَ مان تمام سٺي گريڊ ۾ ايم بي اي پاس ڪئي هئي جنهن ۾ ماليات يعني فنانس ۾ اسپيشلائيزيشن ڪئي هئائين. گڏوگڏ انڪم ٽيڪس جي ڪم جو به ڪافي تجربو هوس. هن کي اميد هئي ته سندس تعليم، تجربي ۽ قابليت جي آڌار تي ڪنهن سرڪاري مالياتي اداري Financial Corporation وغيره ۾ ڊيپوٽيشن تي نوڪري ملي ويندي. سرڪاري ملازمت ۾ ته پگھار جو حال پورو سارو هو، سوچيائين ته ڪارپوريشن ۾ پگھار ۽ الائونس وغيره به چڱا ملي ويندم ۽ گذارو ٿي ويندو. ٽيئي پٽ به هاڻي اسڪول پئي ويا ۽ خرچ به ڪافي هئا. ٻن هنڌن تي ڊيپوٽيشن جو امڪان به نڪتو، رائيس ڪارپوريشن آف پاڪستان ۾ ۽ نيشنل انويسٽمينٽ ٽرسٽ ۾ به جنهن جو تنهن وقت سربراه منهنجو پراڻو دوست سيد مظفر احمد اشرف هو. پر ٻنهي هنڌن، ادارن جي سفارش کي نظرانداز ڪندي، گھڻو گھٽ اهليت پر مظبوط سفارش رکندڙ آفيسرن کي هن مٿان ترجيح ڏني وئي. مسٽر اشرف، اداري جو سربراه هوندي ۽ عبدالماجد جي صلاحيتن جو واقف ۽ معترف هوندي به بيوسي مان ڏسندو رهجي ويو ۽ ڪجھ به ڪري نه سگھيو.
عبدالماجد پنهنجي مالي حالت کي سهارو ڏيڻ لاءِ مختلف طريقا سوچڻ لڳو. هن هڪ سال لاءِ وري موڪل ورتي ته ڪو پنهنجو ڪم ڌنڌو شروع ڪري. سندس هڪ دوست فدا حسين، جنهن سان هن جي ملاقات ٽوسان ۾ پڙهائي دؤران ٿي هئي، سو آمريڪا ڇڏي پاڪستان ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي خيال کان لڏي آيو. کيس آمريڪا ۾ ٻن چئن دوستن پيسا ڏنا هئس ته وڃي پاڪستان ۾ ڪو ڪاروبار شروع ڪري. عبدالماجد به هن سان گڏجي ڪاروباري موقعن ۽ منصوبن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لڳو.
مختلف ڪاروبارن جي امڪانات تي غور ڪندي آخر سندس دوست اهو فيصلو ڪيو ته پنجاب ۾ سٽرس فِرُوٽ پيدا ڪندڙ علائقي ۾ هڪ سٽرس جوس پلانٽ لڳايو وڃي. ظاهر آهي ته ايڏي وڏي منصوبي لاءِ قرض لازمي گُھربل هوندو آهي پر قرض ڏيڻ وارو ادارو به ڏسندو آهي قرضدار جي پنهنجي مُوڙي ڪيتري آهي. هنن وٽ گُھربل موڙي ڪانه هئي تنهنڪري سندس دوست ان جو اهو حل سوچيو ته جنهن ٻاهرين ڪمپني کان پلانٽ خريد ڪبو تنهن کان اووَر اِنوائسنگ (Over Invoicing) ڪرائبي. اووَر اِنوائسنگ ذريعي خريد ڪرڻ واري ڪمپني کان پلانٽ جي قيمت وڌيڪ لکرائبي آهي ۽ بينڪ کان پيسن جي ادائگي ٿي وڃڻ بعد اُها واڌاري رقم پلانٽ وڪڻڻ واري ڪمپني کان وٺي ڇڏبي آهي. هن جي دوست چيو ته اسان ڪمپني کي چونداسي ته هو بينڪ تي اِهو ظاهر ڪري ته ان مان ڪجھ رقم (اوور انوائسنگ وارو حصو) کين اڳ ۾ ئي ملي چڪي آهي ۽ هيڏانهن بينڪ ۾ اثر رُسوخ ۽ پيسن ذريعي ان بنياد تي قرض منظور ڪرائبو ته ان رقم کي سندن سيڙپ ڪري ليکيو وڃي. عبدالماجد کي اها تجويز ڪانه آئڙي ۽ هن ان ڪم مان هٿ ڪڍي پاڻ کي آجو ڪيو. شايد عبدالماجد جي شخصيت اسانجي مُلڪ جي ڪاروباري مصلحتن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ موزون ڪانه هُئي. سندس دوست بهرحال ان ڪم کي تڪميل تي رسايو ۽ پاڪستان ۾ ان قسم جو پهريون پلانٽ لڳايو جتان جوس ڪنسنٽريٽ پرڏيهي ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ ڪيو ويندو هو. عبدالماجد چيس ته مون کي جيڪڏهن اهڙا آڏا ابتا ڪم ڪرڻا هجن ها ته اهي مان انڪم ٽيڪس جي نوڪري ۾ به ڪري پئي سگھيس، اها ان لاءِ ته ڪونه ڇڏيون ويٺو آهيان ته جيڪي ڪم اتي نه ڪيم سي هاڻي هتي اچي ڪيان. دوست وراڻيس ته پاڪستان ۾ ته ڪاروبار ايئن ئي ٿيندو آهي. عبدالماجد چيو ته پوءِ اهڙي ڪاروبار کان بس ڀلي.
اٺالو پاندان اپنا هم باز آئي محبت سي
پوءِ عبدالماجد ڪجھ عرصي لاءِ انڪم ٽيڪس پريڪٽس ڪرڻ متعلق به سوچيو ۽ ٻه ٽي مهينا هڪ انڪم ٽيڪس پريڪٽشنر، جنهن سان سندس پراڻي دوستي هئي، تنهن جي آفيس ۾ چيمبر پريڪٽس به ڪري ڏٺائين پر طبيعت ان ۾ به ڪانه لڳس.
هڪ واقفڪار جنهن سان تازو سڃاڻپ ٿي هيس تنهن ٽيڪنالاجي جي فيلڊ سان لاڳاپيل هڪ ڪاروبار جي تجويز ڏنس جيڪو هو پاڻ لاهور ۾ ڪري رهيو. ليزر پرنٽر تن ڏينهن ۾ نوان نوان آيا هئا. ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر جي وسيلي ڪتابن وغيره جي ٽائپسيٽنگ جو ڪم ممڪن بڻيو جنهن لاءِ ان کان اڳ تمام مهانگيون فوٽو ٽائپسيٽنگ مشينيون ڪتب اينديون هيون. ان کي ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ ڪري ڪوٺيندا هئا. اهو ڪم هڪ ڊيسڪ ٽاپ پرسنل ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر وسيلي ٿي پيو سگھي ۽ ان لاءِ ڪا ڳاٽي ڀڳي سيڙپ به ڪانه گھربل هئي. انهيءَ دوست عبدالماجد کي چيو ته هو ڪراچي ۾ اهو ڪم ساڻس ڀائيواري ۾ ڪرڻ چاهي ٿو.
عبدالماجد کي ڪمپيوٽر جي باري ۾ جوڳي بنيادي ڄاڻ هئي سو ڪجھ تحقيق کانپوءِ هو ان نتيجي تي پهتو ته ان ڪم لاءِ ونڊوز پرسنل ڪمپيوٽر جي بجاءِ ايپل جا ميڪنٽاش ڪمپيوٽر گھڻو وڌيڪ موزون هئا. پنهنجي ڀائيوار سان صلاح ڪري هن ايپل ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر لاءِ آرڊر ڏنو. اُهي تڏهن ريڊي اسٽاڪ ۾ ڪونه ملندا هئا ۽ ايندي ايندي ٻه ٽي مهينا لڳي ويندا هئا. ڀائيوار ۽ هي مسواڙي دڪان ڏسڻ لڳا جتي ڪاروبار سيٽ اپ ڪجي. فيصلو اهو ٿيو ته جڏهن ڪمپيوٽر ۽ پرنٽر اچي ويندا تيستائين سندس ڀائيوار پنهنجي لاهور وارن معاملات لاءِ ڪو مئنيجر وغيره مقرر ڪري پاڻ ڪراچي ايندو. دُڪان وغيره ۾ سيڙَپ ڀائيوار کي ڪرڻي هُئي.
جڏهن هنن اهو ڪمپيوٽر آرڊر ڪيو، ته ان جون خوبيون بيان ڪندي ڊيلر ڪمپني جي مالڪ عبدالماجد کي ٻڌايو ته اهڙا ڪمپيوٽر اردو جي ٽائپسيٽنگ لاءِ به استعمال ڪيا ٿا وڃن. هن عبدالماجد کي انهن ماڻهن سان ملايو جيڪي اهو ڪم ڪندا هئا. حسام الدين اشاعت جي ڪاروبار سان وابسته هو ۽ سندس پٽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر هئا جن ڪمپيوٽر تي اردو ۾ ٽائپسيٽنگ يا ڪمپوزنگ ممڪن بڻائي هئي. اهو سندن ٽريڊ سيڪريٽ يعني ڪاروباري راز هو، تنهنڪري ڪمپيوٽر تي اردو ۾ ڪم ٿيندي ته نه ڏيکاريائون، البته اردو جا ڇپيل نمونا عبدالماجد کي ڏيکاريائون. عبدالماجد جڏهن نسخ رسم الخط ۾ اردو لکيل ڏٺي ته لامحاله سندس دل ۾ خيال آيو ته ڇا سنڌي لاءِ ايئن نه ٿو ٿي سگھي؟ هن اها ڳالھ حسام الدين صاحب سان ڪئي جنهن چيو ته هو پُٽن سان مشورو ڪري ٻڌائي سگھندو ته آيا اهو ممڪن آهي يا نه ۽ جي ممڪن هوندو ته هو اهو ڪم مناسب معاوضي تي ڪري ڏيندا. عبدالماجد کيس سنڌي جي صورتخطي وغيره جي باري ۾ سڄي معلومات مهيا ڪئي ۽ مهيني کن کان پوءِ ٻي مُلاقات لاءِ وقت طئي ٿيو. ٻيهر ملاقات تي حسام الدين صاحب مُعذرت ڪندي چيو ته سندس پُٽن ڪوشش ڪئي پر هو سنڌي جي 52 اکرن يا حرفن کي سيٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگھيا.
ان دؤران ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر به اچي ويا. ڀائيوار پهرين ته ڪجھ وقت گُھريو پر پوءِ اڳتي هلي مورڳو معذرت ئي ڪري ڇڏيائين ته هن لاءِ لاهور وارو ڪاروبار ڇڏي ڪراچي منتقل ٿيڻ ممڪن ڪونهي. عبدالماجد جي لاءِ اڪيلي سر اهو ڪاروبار سيٽ اپ ڪرڻ ڏکيو هو سو سامان وٺي اچي گھر ۾ رکيائين ۽ ڀائيوار جي ڪراچي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. پوءِ سوچيائين ته ڪمپيوٽر ته موجود آهي ڇو نه پاڻ ئي سنڌي جو ورڊ پروسيسنگ ۽ ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ سسٽم ٺاهي. هڪ ڀيرو وري وڃي حسام الدين سان مليو ۽ کانئس مدد طلب ڪيائين. حسام الدين چيس ته هو ايترو ٻڌائي سگھي ٿو ته ان مقصد لاءِ انهن هڪ عربي ۽ فارسي جي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام "الڪاتب" ۾ تبديليون آڻي ان کي اردو لاءِ قابل استعمال بڻايو آهي ۽ ڪجھ ٻين پروگرامن وغيره کي استعمال ڪري ٽائپسيٽنگ ڪن ٿا. ٻيهر چيائين ته سنڌي جي حرفن يا اکرن جو تعداد تمام گھڻو آهي تنهنڪري ان کي سيٽ ڪرڻ ناممڪن آهي. ان کان وڌيڪ معلومات يا مدد مهيا ڪرڻ کان معذرت ڪيائين.

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني... اڳتي پڙهو

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا