ڪجھه سائيٽ جي باري ۾

جيئن 2004 ۽ ان کان اڳ 2001 ۾ ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام کي دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ هجڻ جو شرف هو، تيئن هن ويب سائيٽ کي به اهو اعزاز آهي ته هي دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ آهي جيڪا جديد ترين پروگرامن تي ٺهيل آهي.
ايم بي سنڌي اڊوب تي
![]()
هن وقت تائين اڊوبي فوٽوشاپ، السٽريٽر وغيره ۾ سنڌي جو استعمال صرف مڊل ايسٽرن ايڊيشن ۾ ممڪن هو. هاڻي فوٽوشاپ ۽ ٻيا اڊوبي جا پروگرام، ونڊوز توڻي ميڪ ۾، توهان بيحد سولائي سان سنڌي لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا
۽ هاڻي ايم بي خورشيد

تمام گھڻي عرصي کان دوستن جو اصرار هو ته هن ويبسائيٽ ۾ استعمال ڪيل ايم بي خورشيد فونٽ رليز ڪيو وڃي. هن موقعي تي اسان اهو به پيش خدمت ڪيون ٿا. ونڊوز لاءِ نئون ڪيبورڊ به ترتيب ڏنو ويو آهي.
سنڌيءَ کي بڪ مارڪ ڪري هر هنڌ سنڌيءَ ۾ لکو
اوهان جي سهولت لاءِ انٽرنيٽ ۽ ويب تي ورچوئل ويب ڪيبورڊ ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن وسيلي سسٽم ۾ سنڌي انسٽال ڪرڻ بنان به توهان انٽرنيٽ ۽ ويب ۾ سنڌي استعمال ڪري سگھو ٿا. اهو سنڌي جي انٽرنيٽ تي استعمال لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. رڳو هن نشان
تي رائٽ ڪلڪ ڪري ”بوڪ مارڪ دِس لنڪ“ چونڊيو، يا انهيءَ لنڪ کي ڊريگ ڪري، يعني گِهلي، وڃي برائوزر جي بوڪ مارڪ ٽول بار تي ڇڏيو. مقصد فقط لنڪ کي بوڪ مارڪ ڪرڻ آهي. هاڻي ڪنهن به ويب پيج ۾ سنڌي لکڻ لاءِ رڳو ويب ڪيبورڊ جي بوڪ مارڪ ڪيل لنڪ تي هڪ ڀيرو ڪلڪ ڪري ۽ سنڌي لکڻ شروع ڪريو. ان جي مدد سان جي ميل ۽ ياهو وغيره ۾ اي ميل سنڌي ۾ لکي سگھو ٿا، گوگل ۾ سنڌي ۾ ڳولها ڪري سگھو ٿا، فيس بوڪ ۽ ٻين فورمز يا ويب بلاگز تي پنهنجي مٺڙي مادري ٻوليءَ ۾ پنهنجا سنيها ۽ پيغام لکي سگھو ٿا.

















This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا