ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

تاريخ ٺهي پئي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوماجد ڀرڳڙي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ

ماجد ڀرڳڙي ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن کي ترجيح ملڻ ڪري نااميدي، ڪاروباري معاملن ۾ آڏن ابتن ڪمن ڪري بيزاري ۽ ڀائيوار جي وعده خلافي ڪري بيوسي وغيره سڀني ملي اهڙا حالات پيدا ڪيس جو بِالآخر قدرت کيس ان ڪم طرف ڌِڪي آئي جيڪو هن جي مقدر ۾ لکيو هئائين، يعني سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽر تيار ڪرڻ. قادر مطلق، جيڪو ڏينهن جي پيٽ مان رات، رات جي پيٽ مان ڏينهن، جيئري جي پيٽ مان مُئل ۽ مُئي جي پيٽ مان جيئندو ڪڍڻ جي قدرت رکي ٿو، تنهن کي انسانن جي بگاڙيل ڪمن مان به سنوار جا رستا ڪڍڻ جي سگھ آهي.
اها آڪٽوبر نومبر 1987 جي ڳالھ آهي. عبدالماجد کي اهو به احساس هيو ته جيڪو ڪم ڪمپيوٽر سائنس انجنيئر (حسام الدين جا فرزند) ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن سو کانئس ڪيئن ٿيندو جنهن کي ڪمپيوٽر سائنس جي باري ۾ صرف بنيادي ڄاڻ هئي. پر هن الله تو آهر ڪري، پنهنجي شوق جي ڪري، ان ۾ هٿ وڌو. چوندا آهن همت مردان مدد خدا. هن معاملي ۾ به ايئن ئي ٿيو ۽ هفتي ٻن اندر کيس ابتدائي ڪاميابي ٿي ۽ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌي جو پرسنل ڪمپيوٽر وسيلي ٽائپ سيٽ ٿيل پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو ته ٻڌائيندو آهي ته سندس خوشي جي ڪا انتها نه رهي ۽ هن قادر مطلق جا بي انداز ٿورا مڃيا جنهن سندس نصيب ۾ اها ڪاميابي لکي هئي.
ان ابتدائي ڪاميابي جي خبر ان وقت هلال پاڪستان ڏني. بعد ۾ هن اخبار جو هڪ مضمون به ٽائپسيٽ ڪري هلال پاڪستان وارن کي ڏنو جيڪو نومبر يا ڊسمبر 1987 ۾ ڇپيو. اهو انعام شيخ جو لکيل ڪک پن نالي هڪ ڪالم هو. ان کان علاوه ڪراچي جي هڪ ڪاليج جي مخزن نقوش جو سنڌي سيڪشن به ٽائپسيٽ ڪري ڏنائين. اهڙي ننڍڙي ابتدا سان سنڌي ۾ ڪمپيوٽر جي استعمال يعني سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ابتدا ٿي ۽ سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ان انقلاب جي شروعات ايندڙ ٻن ٽن سالن ۾ ان جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. عبدالماجد، ڪمپيوٽر سائنس ۾ ڪا ڊگري نه هوندي به، اڪيلي سر پنهنجي محدود وسائل ذريعي مختصر عرصي ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو جيڪو ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪمپيوٽر سائنس جا ماهر باوجود پنهنجي وسائل ۽ ڄاڻ جي سالن ۾ به نه ڪري سگھيا.
عبدالماجد ٻڌائيندو آهي ته سراج الحق ميمڻ صاحب کيس هلال پاڪستان جي دفتر وٺي ويو جيڪو تن ڏينهن ۾ بندر روڊ تي واقع هو. اتي اخبار جي ڪمپوزنگ جو ڪم وغيره ٿيندو هو. سراج الحق ميمڻ ڪنهن زماني ۾ ان جو ايڊيٽر رهي چڪو هو جنهن سان عبدالماجد جي ڏيٺ ويٺ انڪم ٽيڪس کاتي جي ڪري هئي جنهن ۾ ميمڻ صاحب به نوڪري ڪئي هئي. اخبار جي ايڊيٽر شيخ عبدالحليم جوش کين دفتر ڏيکاريو ۽ عملي سان ملايو. اخبار ۾ 40 کن ڪمپازيٽر ڪم ڪندا هئا. عبدالماجد سمجھيو ته اهي انهيءَ خبر تي خوش ڪونه ٿيندا ڇو جو ڪمپيوٽر ذريعي اخبار جي ٽائپسيٽنگ ٿيڻ ڪري سندن نوڪريون ختم ٿي وينديون ۽ انهن جي پيشي يا فن جي گُھرج به ڪانه رهندي. پر انجي برعڪس انهن انهيءَ ڪم کي بيحد ساراهيو ۽ هي چئي کيس حيراني ۾ وجھي ڇڏيائون ته توهان جو ته اهو اسان تي وڏو احسان آهي. هو چوڻ لڳا ته هي ڪم دراصل اسان لاءِ پِٽ آهي، پاراتو آهي. جيئن ته سنڌي ۾ هٿ سان ڪتابت جو ڪو رواج ڪونه هو ۽ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا وغيره سڀ هٿن وسيلي ڪمپوز يا ٽائپسيٽ ٿيندا هئا، تنهنڪري ڪمپازيٽرن جي گُھرج هميشہ رهندي هئي ۽ پرنٽر ۽ پبلشر کين جوڳي پگھار تي ملازم رکندا هئا. جيڪي اهو ڪم ڄاڻندا هئا، سي به روزگار خاطر ٻئي پاسي وڃڻ بجاءِ جو اهو ڪم شروع ڪندا هئا ته ان جي اسپيشلائيزيشن سبب سڄي ڄمار پوءِ ان مان جان آجي نه ٿيندي هئن.
هينڊ ڪمپوزنگ جو سسٽم هيئن هوندو هو جو شيهي جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ اکر جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري مضمون کي ترتيب ڏيندا هئا. پر جڏهن سالن جا سال هو ان شيهي جي ٺهيل ٽائپ کي هٿن جي آڱرين سان هينڊل ڪندا هئا ته عمومًا اڳتي هلي انهن مان هر هڪ شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندو هو جنهن جي ڪري کين انيڪ جسماني عارضا لاحق ٿي ويندا هئا. اها ڳالھ انهن ڪمپازيٽرن پاڻ عبدالماجد کي ٻڌائيندي چيو ته سائين اسان ته توهان جا هٿ چمنداسي جو توهان ته اسان لاءِ نجات دهنده آهيو جو اسان کي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي هن پاراتي واري پيشي مان نجات ڏيارڻ جا سبب بڻيا آهيو جنهن کي نه اسان ڪرڻ ٿا چاهيون ۽ نه ئي ڇڏي ٿا سگھون.
ان ابتدائي ڪاميابي کانپوءِ سنڌي ۾ ڪمپيوٽر تي لکڻ ممڪن ته ٿيو پر اهو طريقه ڪار وقت طلب هو ۽ ان کي عملي طرح ڪارگر بڻائڻ لاءِ اڃا ڪم جي ضرورت هئي. عبدالماجد جو وري آمريڪا وڃڻ ٿيو جتان هو ان ڪم لاءِ ڪجھ ڪتاب ۽ ڪمپيوٽر پروگرام وغيره خريد ڪري آيو. موٽي اچي وري ڪم شروع ڪيائين ۽ مارچ 1988 تائين هن عملي لحاظ کان مڪمل سرشتو جوڙي راس ڪيو جنهن وسيلي ڪمپيوٽر تي سنڌي جو استعمال به اوتري ئي سولائي سان ممڪن بڻيو جهڙو عربي، فارسي ۽ اردو وغيره لاءِ ان کان اڳ ۾ هو.
هن جي موڪل جي مدت به پوري ٿي چڪي هئي ۽ مارچ 1988 ڌاران هن وري انڪم ٽيڪس کاتو جوائن ڪيو. اها موڪل، اها ڪنهن متبادل ذريعه معاش جي تلاش، اهي سڀ ڄڻ قدرت هن کان ان لاءِ پئي ڪرايا جو اهو سنڌي ڪمپيوٽنگ وارو ڪم سندس هٿان ڪرائي. تيستائين مرحوم علي احمد بروهي شيخ سلطان ٽرسٽ جو ايڊمنسٽريٽر ٿي چڪو هو جيڪا هلال پاڪستان هلائيندي هئي. هو عبدالماجد جي ڪم جو بيحد مداح هو. ايپل ڪمپني جا پاڪستان لاءِ ڊسٽريبيوٽر به هن ڪم جي ڪري هن جا ٿورائتا هئا جو انهن ڏٺو پئي ته سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترويج ۽ ترقي ۾ سندن پراڊڪٽ يعني مئڪنٽاش ڪمپيوٽر لاءِ ڊماند ۽ وڪرو وڌندا. انهن عبدالماجد کي آفر ڏني ته هو ان سنڌي سافٽويئر سرشتي جي مارڪيٽنگ ڪندا ۽ ان جي بدلي ۾ عبدالماجد کي ايندڙ ٻن سالن دؤران هڪ طئي شده معاوضو هر مهيني ڏيندا. عبدالماجد سندن آڇ قبولي.
جولائي 1988 ۾، ايپل جي ڊسٽريبيوٽر، هاڻوڪي ميريٽ هوٽل ۾، جيڪو تڏهن هاليڊي ان سڏبو هو، هڪ تقريب منعقد ڪري عبدالماجد جي ان تاريخي ڪم کي عوام ۽ خواص آڏو متعارف ڪرايو. ان تقريب جي صدارت مرحوم علي احمد بروهي ڪئي جنهن ۾ قاضي اسد عابد، محب الله شاه، سراج الحق ميمڻ ۽ ٻين سنڌ جي ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊان، جنگ، مشرق ۽ سنڌي اخبارن ۾ ان متعلق خبرون ڇپيون ۽ اهڙي طرح سان سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ ڪمپيوٽر وسيلي سنڌي ٽائپسيٽنگ جي باقاعده شروعات ٿي.
عبدالماجد مون کي ٻڌايو ته تقريب کان پوءِ جڏهن چانهن ۽ رفريشمينٽ جو دؤر شروع ٿيو ته مرحوم علي احمد بروهي کيس کِلندي کِلندي چيو: "ڀرڳڙي، جيڪڏهن تون اهو ڪم بنگالي ٻوليءَ لاءِ ڪرين ها ته بنگالي تنهنجا مُجسما ٺاهي، شهرن ۾ لڳائن ها. پر تو اِهو ڪم سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيو آهي، فڪر نه ڪر، جلد ڪو تنهنجي ٽنگ مان جھلي، هيٺ گِهلي لاهيندُءِ."
جلد ئي هلال پاڪستان وارن اخبار جي جزوي ٽائپسيٽنگ ڪمپيوٽر وسيلي شروع ڪئي پر عوامي آواز پهرين اخبار هئي جنهن شروع کان ئي سڄي اخبار جي ڪمپوزنگ عبدالماجد جي جوڙيل سرشتي کي استعمال ڪندي ڪمپيوٽر وسيلي ڪرڻ شروع ڪئي. اهو سرشتو استعمال ۾ ايترو ته آسان هو جو انگريزي ٽائپنگ ڄاڻندڙ ٻن ٽن ڏينهن ۾ رواني سان سنڌي ۾ ڪمپيوٽر تي ٽائپنگ ڪرڻ سکي پئي ويا. عوامي آواز وارن 4 ڪمپيوٽر ۽ هڪ ليزر پرنٽر وٺي مڪمل سنڌي اخبار جي ان سان اشاعت ڪئي ۽ تمام ڪاميابي سان ڪئي. بعد ۾ ڪاوش، آفتاب ۽ ٻين سنڌي اخبارن به عبدالماجد واري سرشتي کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. جلد ئي سڀ اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا ڪمپيوٽر وسيلي ڇپجڻ لڳا.
1988 ۾ ئي سنڌي ادبي بورڊ وارن ممتاز مرزا جو لکيل هڪ ڪتاب عبدالماجد کي ٽائپسيٽ ڪرڻ لاءِ موڪليو، جيتوڻيڪ بورڊ ويهن لکن روپين کان به وڌيڪ رقم جي سيڙپ ڪري مونوٽائپ يا شايد لائنوٽائپ وارن کان سنڌي لاءِ فوٽوٽائپسيٽنگ مشين ورتي هئي. عبدالماجد بورڊ ۾ اها مشين ڏٺي هئي جنهن لاءِ خاص ايئرڪنڊيشن ڪمرو ٺهرايل هو. مشين سان گڏ ڪمپني وارن بورڊ کي هڪڙو ٽائپفيس يا فانٽ ڏنو هو ۽ واڌاري فانٽ لاءِ جيڪي پيسا گھريائون پئي اوتري ۾ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر ۽ ليزر پرنٽر سنڌي جي هڪ ڊزن فانٽن سوڌو خريد ڪرڻ ممڪن هو. مٿان وري اسڪرين تي عبارت جيئن نظر ايندي هئي تنهن جي ڪا نسبت، صورت جي لحاظ کان، پرنٽ ٿيندڙ مواد سان ڪانه هوندي هئي ۽ پڙهڻ ۾ به ڏاڍو اولو هو. سڀني کان وڌيڪ جيڪا اهم ڳالھ، جيڪا بورڊ ان سسٽم کي خريد ڪرڻ مهل نظرانداز ڪئي هئي، سا اها هئي ته ان مشين تي هڪ صفحي جي فوٽو پرنٽنگ جو خرچ ڳاٽي ڀڳو هو. اهڙي مشين انگريزي ڪتابن جي ٽائپسيٽنگ لاءِ ته موزون هئي جو وڏي مارڪيٽ هئڻ سبب انگريزي ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ ڇپبا هئا ۽ ٽائپسيٽنگ جي فڪسڊ لاڳت انهن ۾ ورهائجي ويندي هئي. پر سنڌي جي محدود مارڪيٽ، جنهن ۾ ڪتاب سون جي تعداد ۾ ڇپبا هئا، تنهن ۾ ٽائپسيٽنگ جي وڏي لاڳت ڪري اهو فوٽوٽائپسيٽنگ سرشتو، مشين جي قيمت توڙي فوٽو پرنٽنگ جي پر پيج لاڳت جي لحاظ کان ايترو ته مهانگو هو جو ان جو استعمال معاشي حساب سان فيزبل ڪنهن به طرح نه پئي بيٺو. ان جي ثابتي ان مان ملي ٿي ته ان کي نه رڳو سنڌي ادبي بورڊ استعمال ڪونه ڪيو بلڪِ بورڊ کان علاوه ٻئي ڪنهن به اداري اهو سرشتو خريدڻ يا استعمال ڪرڻ جو سوچيو به ڪونه. نتيجو اهو نڪتو جو بورڊ ۾ اها مشين ڪئي سال ته پئي رهي پر ڪتب مڙيوئي ڪي آئي.
تڏهن نور احمد ميمڻ سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري هو ۽ هو ان ڪتاب جو مسودو کڻي پاڻ عبدالماجد وٽ آيو. عبدالماجد وٽ ڪا باقاعده جڳھ ڪانه هوندي هئي، پنهنجي رهائشي فليٽ ۾، جيڪو" آغاز (Agha's) سپر مارڪيٽ" جي ڀرسان مسواڙ تي ورتل هوس، هڪ ڪمري کي ان لاءِ ڪتب آڻيندو هو. عطيه داؤد وٽس ڪم ڪندي هئي ۽ مسودن جي ڪمپيوٽر تي ٽائپنگ ڪندي هئي. نوراحمد پاڻ سان گڏ پنهنجي هڪ ڪمپيوٽر انجنيئر دوست بدرالدين هيسباڻي کي به ساڻ ڪري ايندو هو ۽ ٻئي ڄڻا ان نئين ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان بيحد متاثر ٿيا. بعد ۾ انهن سنڌيڪا نالي هڪ ادارو به جوڙيو ۽ نئين حاصل ڪيل ڄاڻ جي بنياد تي ان ۾ به سنڌي ڪمپيوٽنگ جو سيٽ اپ ڪيائون.
1990 تائين، جيستائين عبدالماجد پاڪستان ۾ رهيو، تيستائين سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترويج ۽ ترقي لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. ان دؤر ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جو وڌ ۾ وڌ استعمال اشاعتي ادارا ۽ اخباري ادارا ڪندا رهيا. عام ماڻهن ۾ ان جي باري ۾ اڃا گھڻي ڄاڻ ڪانه هئي. حقيقت اِها آهي ته ڪمپيوٽر عام ماڻهو جي روزمره جي استعمال ۾ انٽرنيٽ ۽ ورلڊوائيڊ ويب جي عام ٿيڻ کانپوءِ اچڻ لڳو.
عبدالماجد آمريڪا ويو ته اتي به شروع ۾ ڪوششون جاري رکيائين. رياست يوٽاه جي شهر پراوو ۾ الڪاتب سافٽويئر ٺاهڻ واري ڪمپني جي مالڪن سان 1990 جي آخر ۾ مليو جن تازو ونڊوز ڪمپيوٽر لاءِ عربي ۽ فارسي جو ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ پروگرام ٺاهيو هو. عبدالماجد چاهيو پئي ته ونڊوز ۾ به سنڌي جو استعمال ممڪن بڻجي تنهنڪري انهن سان ملي کين ان پروگرام ۾ سنڌي شامل ڪرڻ لاءِ چيائين. انهن پڇيو ته ڀلا سنڌي لاءِ ڪيتريون ڪاپيون پروگرام جون وڪامبيون؟ عبدالماجد چين ته سنڌي پاڪستان جي، اردو کانپوءِ، وڌ ۾ وڌ استعمال ٿيندڙ زبان آهي (اشاعتي ۽ ڪمپيوٽر جي استعمال جي حساب سان) تنهنڪري ان جو مارڪيٽ چڱو خاصو آهي. انهن ان لاءِ ڪم ڪرڻ جي هامي ته ڀري پر عبدالماجد کي چيائون ته توهان هن پروگرام جي هڪڙي ڪاپي خريد ڪيو ۽ پوءِ اسان ان ۾ سنڌي شامل ڪري توهان کي موڪلينداسي ته ان کي ٽيسٽ ڪيو. عبدالماجد کانئن ان سافٽويئر جي ڪاپي 350 ڊالرن ۾ خريد ڪئي. مهيني کن ۾ انهن سنڌي لاءِ مناسب تبديليون ڪيل پروگرام جي ڪاپي Beta Version کيس موڪلي ڏني پر هاڻي مسئلو اهو اچي ٿيو ته عبدالماجد وٽ سافٽويئر کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ڪونه هو ۽ نه ئي وٽس ايترا فاضل وسائل هئا جو ان مقصد لاءِ ڪمپيوٽر خريد ڪري سگھي.
تن ڏينهن ۾ آمريڪا جي سنڌي ڊاڪٽرن جي آرگنائيزيشن سمنا SAMNA جي هڪ وڏي گڏجاڻي (Convention) آمريڪا جي شهر سينٽ لوئيز (Saint Louis) ۾ ٿيڻي طئي ٿي. ڊاڪٽرن جي ڪوٺ تي عبدالماجد جو ان گڏجاڻي ۾ وڃڻ ٿيو، جتي هن سنڌي ڊاڪٽرن سان اها خوش خبري ونڊيندي کين اِهو به ٻڌايو ته وٽس ان سافٽويئر کي ٽيسٽ ڪرڻ لاءِ ڪمپيوٽر ڪونه هو. سنڌي ڊاڪٽرن چيس ته اهو ته ڪو مسئلو ڪونهي ۽ کيس تسلي ڏنائون ته هو سياٽل پهچي ته کيس ان ڪم لاءِ هڪ اڌارو ڪمپيوٽر موڪلي ڏيندا. پر وه وعده هي ڪيا جو وفا هو مصداق ڪمپيوٽر کيس ڪڏهن نه مليو. ايئن سندس اها ڪوشش، وسائل جي اڻهوند ۽ پيسن جي اڻاٺ سبب اڌوري رهجي وئي ورنه 1991 ۾ ئي ونڊوز پرسنل ڪمپيوٽر تي به سنڌي جو استعمال ممڪن بڻجي وڃي ها.
ان کان پوءِ غمِ روزگار ۽ ٻين مصروفيتن جي ڪري عبدالماجد 1999 تائين ٻي ڪا پيش رفت ان ڏس ۾ ڪانه ڪئي. 1999 ۾ جڏهن پنهنجي موڪل ختم ٿيڻ تي ڪجھ عرصو پاڪستان رهيو ته اتي سنڌي ڪمپيوٽنگ سان وابسته ڪنهن دوست مٿس زور رکيو ته وقت اچي ويو آهي ته هاڻي بجاءِ عربي فارسي سافٽويئر ۽ پروگرامن ۾ تبديليون آڻي انهن کي سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻائڻ جي سنڌي جي بين الاقوامي معيار يونيڪوڊ يا يونيورسل ڪوڊ جي آڌارتي ڪمپيوٽر تي ترويج ڪجي ۽ معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز ڪجي. ان دوست کيس چيو ته هن کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي به ان ڪم جي مناسب ڄاڻ ڪانهي، ۽ سنڌي ادارن ۽ يونيورسٽين جي ان معاملي ۾ دلچسپي بِلڪُل ڪانهي، تنهنڪري کيس ئي انهيءَ ڪم ۾ هٿ وجھڻو پوندو.
در اَصل ڪمپيوٽر تي ڪنهن به ٻوليءَ جي استعمال لاءِ ان ٻوليءَ لاءِ هڪ ڪوڊ پيج گھربل هوندو آهي جنهن ۾ ان ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني اکرن، حرفن ۽ علامتن وغيره کي هڪ عددي ڪوڊ پوائنٽ ڏني ويندي آهي ته جيئن ڪمپيوٽر، جيڪو عددي حساب جي آڌار تي ڪم ڪندو آهي، سو ان ڪوڊ پوائنٽ وسيلي ان ٻوليءَ جي اکرن، حرفن وغيره جي سڃاڻپ ڪري سگھي. هر ٻوليءَ جا ادارا پنهنجي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي ترويج لاءِ هڪ معياري ڪوڊ پيج جوڙي ان کي ڪمپيوٽر سان وابسته بين الاَقوامي ادارن کان منظور ڪرائي وٽن رجسٽر ڪرائيندا آهن. انهيءَ بنيادي ڪم کان پوءِ ئي ان ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر تي استعمال جا امڪان پيدا ٿيندا آهن. بدقسمتي سان سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنهن به حڪومتي اداري يا درسگاه وغيره ڪڏهن اهڙي ڪوشش ڪانه ورتي. معياري سنڌي ڪوڊ پيج نه هئڻ ڪري، سنڌي کي ڪمپيوٽر تي استعمال جو واحد طريقو اهو وڃي رهيو هو ته عربي فارسي ڪوڊپيج کي، هڪ قسم جي جڳاڙ يعني Hack ذريعي، سنڌي لاءِ قابل استعمال بڻايو وڃي ۽ اهوئي طريقو عبدالماجد استعمال ڪيو هو. جيئن ته ان قسم جو جڳاڙ لامحاله ڪنهن معيار يعني Standard تي ٻڌل نه هوندو آهي، تنهنڪري ان ذريعي ڪتاب، رسالا وغيره ٽائپسيٽ ڪرڻ ته ممڪن هو پر اسرندڙ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ذريعي ٻولي جي بين الاقوامي سطح تي ڪمپيوٽر ۽ انٽرينٽ تي ترويج، ويب پيج جوڙڻ، اي ميل ۽ چيٽنگ وسيلي هڪ ٻئي سان رابطو وغيره وقت جون اهڙيون اهم ۽ اڻٽر ضرورتون هيون جن جو پورائو معياري سنڌي ڪمپيوٽنگ کانسواءِ ممڪن ڪونه هو. خوشقسمتي سان تازوئي هڪ يونيورسل ڪوڊ پيج ترتيب ڏنو ويو هو ته جيئن دنيا جي سڀني ٻولين جو ڪمپپيوٽر تي استعمال ٿي سگھي ۽ انهن ۾ سنڌي به شامل هئي. پر ڪوڊپيج ته بنيادي گھرج هئي، ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي استعمال ڪرڻ لاءِ اڃا ٻيا گھڻا مرحلا طئي ڪرڻا هئا. ان لاءِ بين الاقوامي معيار مطابق فانٽ (Font) ۽ ٽائپفيس(Typeface) جوڙڻ، ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم ۾ ٻولي جي پروسيسنگ لاءِ سپورٽ هجڻ، ڪمپيوٽر تي لکڻ لاءِ ڪيبورڊ اينٽري سرشتو ۽ ان کي سسٽم ۾ نصب ڪرڻ وغيره اهڙا ناگزير عملي مرحلا هئا جيڪي طئي ڪئي بنان ٻوليءَ جو ڪمپيوٽر تي عملي طرح استعمال ممڪن نه هو.
سن 2000 ۾ عبدالماجد پنهنجي سرڪاري نوڪري مان استعفىٰ ڏيڻ بعد واپس آمريڪا وريو جتي جولاءِ ۾ هن وري سنڌي ڪمپيوٽنگ جي فيلڊ ۾ پاڻ پتوڙڻ شروع ڪيو ۽ هن ڀيري عزم ڪيائين ته باقاعده ۽ معياري سنڌي جي ڪمپيوٽر تي استعمال جو بنياد وجھي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجي جي دؤر ۾ عالمي رابطي جو ذريعو بڻائيندو. تقريبًا ڇهن مهينن جي لڳاتار محنت، ونڊوز ٺاهڻ واري ڪمپني مائڪروسافٽ جي متعلقه شعبي جي سربراه سان روبرو ميٽنگن، ساڻن سوين اي ميلز جي ڏي وٺ بعد، هن پهريون ڀيرو ڪمپيوٽر تي يونيڪوڊ جي آڌار تي، معياري سنڌي جو بنياد وڌو ۽ ان جي استعمال کي ممڪن بڻايو.
تنهن زماني ۾ ئي پشتو ۽ اردو جو ڪمپيوٽر تي استعمال به تازو شروع ٿيو هو پر فرق اهو هو ته جتي ڪمپيوٽر جي لاءِ پشتو ۽ اردو جا پيڪيج سون ڊالرن ۾ وڪامجي رهيا هئا ته اُتي عبدالماجد سنڌي لاءِ ساڳي قسم جي سافٽويئر، پنهنجي هڪ ويبسائيٽ ٺاهي، تنهن تي مفت ورهائڻ يعني ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ رکي ڇڏي. اهڙي طرح سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان 21هين صدي جي ابتدا ۾ هڪ نئين دؤر جو آغاز ٿيو ۽ دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي اهليت آساني سان شامل ڪري تقريبًا هر اهو ڪم ڪري ٿي سگھيا جيڪو ان کان اڳ ۾ صرف انگريزي ۽ ٻين ترقي يافته ٻولين ۾ ممڪن هو.
عبدالماجد سنڌي جي پهرين ويب سائيٽ ترتيب ڏيئي ٻين سنڌي ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙن کي به همٿايو ۽ کين هڪ عملي نموني ذريعي گائيڊ ڪندي سنڌي ٻوليءِ جي انٽرنيٽ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب تي وجود ۽ ترويج لاءِ راه هموار ڪئي. هن پنهنجي ويبسائيٽ تي شروع ۾ شاه سائين جو رسالو، پوءِ سچل سائين جو سنڌي ڪلام ۽ پوءِ قُرآن ڪريم جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌي لاءِ ڪنهن به وقت انهن مان استفاذو حاصل ڪرڻ ممڪن ٿيو. پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ سنڌي نويس به جوڙيائين ته جيئن ڪو به سنڌي آساني سان ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي لکي سگھي. مختلف ڪمپيوٽر سرشتن جهڙوڪ ونڊوز، ميڪنٽوش ۽ لِنڪس جي لاءِ انسٽالر ٺاهي پنهنجي ويبسائيٽ تي مفت ونڊيائين ته جيئن سنڌي جو ڪمپيوٽر تي استعمال عام ٿئي ۽ ٻولي هن جديد اليڪٽرانڪ ۽ انٽرنيٽ واري دؤر ۾ ٻين ٻولين کان ڪنهن به لحاظ کان پوئتي نه رهجي وڃي.
تازو هن، اوپن سورس (Open Source) آپريٽنگ سسٽم لنِڪس (LINUX) جي سنڌي ۾ ترجمي لاءِ هڪ ٽيم تشڪيل ڏيئي دنيا جي پهرئين سنڌي ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم جوڙڻ جي ابتدا ڪئي آهي جيڪو ڪم ڪافي اڳتي وڌيو آهي. ان سسٽم وسيلي اهو شخص به ڪمپيوٽر استعمال ڪري سگھندو جنهن کي انگريزي جي ڪا ڄاڻ ڪانهي ۽ صرف سنڌي لکڻ ۽ پڙهڻ ڄاڻي ٿو.
1987-88 ۾ عبدالماجد سنڌي ڪمپيوٽنگ جو بنياد وڌو ۽ 2000-01 ۾بين الاقوامي معيار موجب ڪمپيوٽر ۾ سنڌي جي استعمال کي ممڪن بڻائيندي ان ڪم کي تڪميل تي رسايائين. اڄ سندس محنتن جي نتيجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي ممڪن بڻيو آهي. سنڌ ۽ سموري دنيا ۾ هزارين لکين سنڌي ان مان فائدو وٺن پيا. سنڌي ويب سائيٽن جو انگ اڄ هزارن ۾ آهي ۽ اڄ سنڌي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دؤر ۾ بين الاقوامي رابطي جي زبان آهي. انٽرنيٽ جي دنيا جي مشهور سماجي نيٽ ورڪ فيس بوڪ (Facebook) تي اڄ سنڌي جو استعمال عام جام آهي ۽ دنيا جي هر حصي ۾ رهندڙ سنڌي پاڻ ۾ خيالات ۽ خبرون ونڊڻ لاءِ سنڌي جو استعمال ڪن پيا. انهن سڀني ڳالهين لاءِ سمورو ڪريڊٽ عبدالماجد لهڻو.
1989 ۾ عبدالماجد ڪنهن دوست وٽ ويٺو هو جنهن چيس ته جيڪڏهن هو حج تي وڃڻ چاهي ته هو کيس ان لاءِ خاص اجازت وٺرائي ڏيئي پئي سگھيو جو حج اسڪيم تحت درخواست ڏيڻ وغيره جو مدو عرصو ٿيو ختم ٿي چڪو هو. حج ۾ وڃي ڪي ڏينهن رهيا هئا. هن پاڻ لاءِ اها سعادت سمجھندي هڪدم هام ڀري ۽ ايئن پاڻ ۽ گھرواري ان سال حج تي ويا. سعودي عرب ۾ سندس گھرواري جي ننڍي همشيره به رهندي هئي جنهن جي مڙس عيسىٰ ذڪريا بندقجي جو تعلق اتان جي هڪ معزز سيد گھراڻي سان هو. انهن به، ۽ سندس گھرواري جي ٻين ٻن ڀينرن به پنهنجن گھروارن سميت ان سال حج ڪيو. مرحوم الله بخش مگسي ۽ سندس گھرواري به حج دؤران سندن رفيق هئا ۽ عبدالماجد انهن جي ذاتي اخلاق، اخلاص ۽ محبت جي بيحد تعريف ڪندو آهي.
1989 ۾ عبدالماجد جي لاءِ مون شهيد بينظير صاحبه کي عرض ڪيو ته کيس اهليت جي بنياد تي پي آئي اي ۾ ڊيپوٽيشن تي ڪا مناسب پوسٽنگ ڏني وڃي. ان ته مهرباني ڪري آرڊر ڪيو پر اسان جي ملڪ ۾ ته نوڪرشاهي اصل شاه آهي. سو بجاءِ وزير اعظم جي حڪم جي تعميل جي، کيس هيڏانهن هوڏانهن ڦيرايائون پر ڪم کان جواب. پرائم منسٽر جو سيڪريٽري سراج سليم شمس الدين عبدالماجد جو بيچميٽ هو جنهن سان 1973 کان واقفيت هئس ۽ ٻيو ته ٻنهي جو تعلق انڪم ٽيڪس کاتي سان هو. سندن ٻيو مشترڪه دوست هو مرحوم ظهير علي شاه جنهن جي پوسٽنگ پڻ اسلام آباد ۾ هئي. هو عبدالماجد جو گهرو دوست هو ۽ گڏ سراج سان به سندس ڪافي دوستي هئي. تنهن ان سلسلي ۾ ڪافي ڪوشش ورتي ۽ آخرڪار 1990 جي شروع ڌاري عبدالماجد جي ڊيپوٽيشن تي پي آئي اي ۾ مقرري ٿي. کيس جنرل مينيجر ڪري رکيائون جڏهن ته هن کان گھٽ ڪواليفڪيشن رکندڙ، گھٽ تجربي ۽ اهليت جا حامل ماڻهو اداري ۾ ڊائريڪٽر طور تعينات هئا.

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني... اڳتي پڙهو

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا