سندري اتمچنداڻيءَ بابت

سُندري اُتمچَنداڻي جي ڪھاڻين ۾ ھڪ معياري ڪھاڻيءَ جو سڀيئي خصوصيتون توھان کي نظر اينديون. زندگيءَ جي مسئلن کي مد نظر رکي لکيل سندس ڪھاڻين جا مرڪزي خيال، نھايت ئي سھڻي ۽ پراثر محاوريدار ٻوليءَ سان نڀايل ملندا. سندس ڪھاڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
ھن جا ڪتاب ھند ۽ سنڌ ۾ ڪافي مقبول ٿيا آھن ۽ سنڌ ۾ بہ ور ور ڪري پئي ڇپيا آھن. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھندستان جي ٻين ٻولين ۾ بہ ترجمو ٿيون آھن. نھرو امن انعام، ساھت اڪادمي انعام، گورو پرسڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي انعامن سان سندس ساھتڪ شيوائن جو اقرار ڪيو ويو آھي.
مان آشا چاند جو شڪرگذار آهيان جنھن مونکي هنن ڪھاڻين کي انٽرنيٽ تي پبلش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان ۾ منهنجي مدد ڪئي تہ اهي ڪهاڻيون هنن اليڪٽرانڪ صفحن جي سونھن بڻجن. هي ڪھاڻيون سندس مجموعي ‘مُرڪ تي منعُ’ مان آهن. منھنجي ڪوشش آهي تہ مجموعي جون سڀ ڪھاڻيون هتي شائع ڪجن. اميد تہ اوهان بہ انھن کي پڙهي ايترا ئي لطف اندوز ٿيندا جيترو مان ٿيو هيس، يعني بيحد.