برقي ڪتاب

سنڌي ادب صدين کان کان بي پناھ شاھوڪار رھيو آھي، جنھن اندر لوڪ ڏاھپ جا اھي اھي داستان ملن ٿا جو رب جا جيترا شڪر ادا ڪجن اوترا گهٽ آھن. اسان جي ڪلاسيڪي ادب ۾ فطرت جي لقائن کان وٺي، مالڪ جي مرضين سان گڏ انسان جي اندر جون خوشيون، پيڙائون، اھنج عذاب پڌري پٽ پيون آھن. شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ کان ويندي، سچل سرمست تائين وري ان کان پوءِ موجود ادب ۾ بي انتھا ملوڪ شھپارہ رکيل آھن. اسان وٽ مالڪ جي حمد ثنا ھجي يا سرور ڪونين جي معرفت وٺي سھڻي رب آڏو ان جو شان ڳائڻو ھجي، اھي سڀ اسان جي ادب ۾ ڀريا پيا آھن. جديد دور ۾ بہ اسان وٽ ڪمال جو ادب نسري پيو. ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي اھو ازم ڪيل ھئو تہ پنھنجي وت ۽ وس آھر ناياب ڪتابن جي بہ ھڪ لائبريري ھجي، ان سلسلي ۾ ھتي ڪجهہ برقي ڪتاب رکجن پيا. اميد ڪجي ٿي تہ اوھان کي اھي وڻندا ۽ انھن مان اوھان فيض پائيندا.