ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

ايم بي سنڌي بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

20 Mar 2013
هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي. ان کان پوءِ، ان جي پي ڊي ايف ايڊيشن به شايع ڪيم ته جيئن پڙهندڙ...

بلاگ ڪئلينڊر

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوبلاگتاريخ جي حساب سان خبرون چونڊيون ويون: مارچ 2013
تاريخ جي حساب سان خبرون چونڊيون ويون: مارچ 2013

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي. ان کان پوءِ، ان جي پي ڊي ايف ايڊيشن به شايع ڪيم ته جيئن پڙهندڙ رسالو ڊائونلوڊ ڪري پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رکي ڇڏين يا ضرورت مهل ان کي پرنٽ به ڪري سگھن. ڪافي عرصي کان خواهش هيم ته ان کي اي پب جي فارميٽ ۾ شايع ڪجي. ان ۾، پي ڊي ايف جيان ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ يا سمارٽ فون تي لاهڻ کان علاوه، پي ڊي ايف جي ڀيٽ ۾ ٻيون سهولتون به هيون. مثلًا ان فارميٽ ۾ ٽيڪسٽ سهولت سان ڪاپي، پيسٽ ۽ ٻين هنڌن تي استعمال ڪري سگھبي آهي، لفظن جي ڳولا جي سولائي آهي، فانٽ جي سائز، ڪتاب جي بيهڪ ۽ سيٽنگ کي پنهنجي مرضي پٽاندڙ بدلائڻ جو اختيار (اي بُوڪ ريڊر جي فيچرن مطابق) وغيره جهڙيون سهولتون هونديون آهن. پر ان سلسلي ۾ مسلسل ڪي عملي دشواريون پيش پئي آيون، جن ۾ هڪڙي اها به هئي ته اڪثر اي بُوڪ ريڊر عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪونه پئي ڪيو. آخرڪار، هاڻي اهو ممڪن ٿيو آهي ۽ هي، منهنجي ڄاڻ موجب پهريون سنڌي اي بُوڪ آهي جيڪو مقبول ترين اِي پب EPUB فارميٽ ۾ آهي. ان جي وڏي سهولت اها آهي ته ٽيڪسٽ اوتجڻ واري، يعني reflowable، شڪل ۾ هوندي آهي. فانٽ جي سائز ننڍي وڏي ڪرڻ تي، سِٽون پنهنجي بيهڪ ۽ شڪل مٽائي، اسڪرين جي سائز موجب نئين صورت اختيار ڪنديون آهن ته جيئن پڙهڻ ۾ ڪنهن به قسم جي ڏکيائي نه ٿئي.

مون هي اِي پب ايڊيشن خصوصًا اينڊرائڊ ٽيبليٽ ۽ فون لاءِ ٺاهي آهي. سڀ اي بُوڪ ريڊر هن کي صحيح طرح سان ڏيکاري نه سگھندا ۽ اهو ان ڪري نه آهي جو هن جي ڊيزائن ۾ ڪا اوڻائي آهي، بلڪِ ان ڪري آهي جو اهي ريڊر سڀني ٻولين جي لاءِ ٺهيل نه آهن. هن وقت ڪم از 3 يا 4 يا اڃا به وڌيڪ اي بوڪ ريڊر اينڊرائڊ پليٽفارم تي مهيا آهن جيڪي هن کي سپورٽ ڪن ٿا. انهن مان جيڪي مون آزمايا ۽ بهترين ڏٺم، سي ترتيب وار هيٺيان آهن:
DL Reader
هي سڀني کان بهترين نموني سان ڪتاب ۾ استعمال ڪيل فانٽ ۾ نماءُ ڏئي ٿو. ان ۾ ڳولا جي سهولت به آهي، پر ڳولا وقت اعراب نظرانداز نه ٿا ٿين تنهنڪري جيڪڏهن اعرابن ۾ فرق هوندو ته ڳولا جو نتيجو صحيح نه نڪرندو.
PageTurner
هي به سنڌي بهترين نموني ڏيکاري ٿو پر هن ۽ هيٺين ريڊر ۾ اينڊرائڊ جو سسٽم فانٽ استعمال ٿئي ٿو. منجھس ڳولا جي سهولت ڪانهي.
Moon+ Reader
هي هڪ بهترين اي ريڊر آهي، جنهن ۾ ڳولا جي سهولت به آهي، پر ڪڏهن سٽن کي آخر ۾ ڪٽي ٿو ڇڏي.
پر هن لسٽ کي مڪمل نه سمجھو جيئن ته مون به چند ريڊر جاچيا آهن. نوان اي بُوڪ ريڊر ايندا ٿا رهن ۽ پراڻن ۾ نوان فيچر شامل ٿيندا ٿا رهن. اميد آهي ته وقت گذرڻ سان سنڌي لاءِ سهولتون وڌنديون. هن نئين پيش رفت سان، هاڻي اسان بهترين سنڌي ڊجٽل لائبرريون ٺاهي ٿا سگھون، جيڪي اسان پنهنجي فون، ٽيبليٽ ۽ ٻين هٿ جي تِري جيترن ڊوائسز ۾ اوتاري يعني ڊائونلوڊ ڪري عملي طرح هميشه پاڻ سان ساڻ رکي سگھون ٿا. ان کان علاوه، اهو وقت پري ڪونهي جو ٻار ڪاغذ تي ڇپيل ڪتابن جا وزني ٿيلها ڀري اسڪول کڻي وڃڻ جي بجاءِ هڪ ننڍڙي، پراڻن وقتن واري سليٽ جي ماپ جيتري، برقي سليٽ يا ٽيبليٽ کڻي ويندا جنهن ۾ سڀ درسي ڪتاب موجود هوندا.
ڌڻي در دعا آهي ته منهنجون اهي ڪوششون سنڌي قوم لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿين ۽ اميد اٿم ته هي استادن، شاگردن ۽ سنڌي ادب جي شائقين لاءِ مستقبل ۾ نيون واٽون کوليندي هڪ روشن ۽ سنهري آئيندي جو پيش خيمو بڻبي.
نيازمند
عبدالماجد ڀرڳڙي

ڊائونلوڊ لاءِ لنڪ

ڊائونلوڊ لنڪ

اڱارو, 12 مارچ 2013 20:52

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي ته سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي سسٽم ۾ هئا سي هاڻي نظر ڪونه ٿا اچن. هاڻي سنڌي بنان ڪنهن مسئلي جي هر پروگرام ۾ ۽ انٽرنيٽ تي لکجي پئي.

ظاهر آهي ته ڪنهن به ٻولي جي ڪمپيوٽر، ٽيبليٽز ۽ فون ڊوائسز تي ترويج جي عمل جي رفتار جو دارومدار گھڻي ڀاڱي انهيءَ ڳالھ تي آهي ته ان ٻوليءَ جا وارث ۽ نگهبان، يعني اهي جن جي اها مادري زبان آهي، سي ان جي استعمال ۾ ڪيترا اڳڀرا ، فعال، چُست ۽ مستعد آهن. اسان ان تي ڀاڙي نه ٿا ويهي سگھون ته مدعي ڀلي سست هجي پر گواه اسان کي چُست ملي.

جيئن اسان پنهنجي ٻوليءَ جي استعمال کي وڌائينداسين، تيئن ان انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪاروباري ۽ غيرڪاروباري ادارن کي به احساس ٿيندو ته ها ٻيلي هي ٻولي نڌڻڪي ناهي، ان جا به ڪي والي وارث آهن، ان جا استعمال ڪندڙ به آهن، تنهنڪري اسان کي پنهنجي هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر ۾ ان لاءِ گنجائش رکڻ گھرجي.

اينڊرائڊ جي نئين ورشن ۾ سنڌيءَ جي حوالي سان جيڪا بظاهر اڻ اعلانيل اڳڀرائي ٿي آهي، اها ان حقيقت جو چٽو ثبوت آهي. اهڙي طرح سان ان کان اڳ جيڪو ونڊوز 8 ۾ سنڌيءَ کي اهم ٻوليءَ جي حيثيت ۾ شامل ڪيو ويو، اهو پڻ هڪ اهم سنگ ميل آهي. لنڪس جي ابنٽو سسٽم جي سنڌي ۾ لوڪلائيزيشن جي حوالي سان ڪجھ ڏينهن ئي دوستن دل لڳائي ڪم ڪيو ته ان ۾ ان حد تائين سپورٽ اچي وئي جو نه رڳو ڪيبورڊ ۽ فانٽ شامل ڪيا ويا، پر آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي جو نماءُ اچي ويو. ڪافي عرصي تائين، ميڪنٽوش ۾ اهي سنڌي فانٽ استعمال ٿي ڪونه سگھندا جيڪي اوپن ٽائپ اسٽينڊرڊ مطابق هوندا هئا، پر پوءِ جيئن ئي ميڪنٽوش وارن اوپن ٽائپ جي آڌار تي ٺهيل فانٽن کي پنهنجي آپريٽنگ سسٽم ۾ سپورٽ ڏني ته هڪدم سنڌي جا سوين فانٽ، جيڪي اڳ ۾ ونڊوز ۽ لنڪس ۾ استعمال ٿي سگھندا هئا سي ميڪنٽوش ۾ به استعمال ٿيڻ لڳا.

اڄ خوشي جي ڳالھ آهي ته سنڌي جا ويب پيج پنهنجي خوبصورت مخصوص سنڌي لاءِ ٺهيل فانٽن ۾ ونڊوز، ميڪنٽوش، لنڪس، اينڊرائڊ (فائر فاڪس ۾، ٻين ۾ سسٽم فانٽ استعمال ٿئي ٿو جيڪو پڻ سنڌي لاءِ موزون آهي) ۽ گوگل جي ڪروم آپريٽنگ سسٽم ۾ به بهترين نموني ۾ ڏسي سگھجن ٿا. آئي پيڊ ۽ آئي فون ۾ به سنڌي پڙهي ۽ لکي (في الحال سنڌي نويس ذريعي) سگھجي ٿي.

سو وقت جي ضرورت ڇا آهي؟ سنڌي جو ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال ۽ جتي جتي اسان ڪا اوڻائي يا گھٽتائي ڏسون، اتي جيڪڏهن اهو ڪم انهن هارڊويئر ۽ سافٽ ويئر ٺاهڻ وارن ادارن هٿان ٿيڻو آهي ته انهن جو ڌيان ان اوڻائيءَ ڏانهن ڇڪائڻ ۽ ان جي ازالي لاءِ انهن کي لکڻ يا متعلقه فورمن وغيره تي اها ڳالھ آڻڻ. مثلًا نوڪيا ۾ سنڌي آڻڻ لاءِ هن فورم تي ڳالھ هلي پئي، ان تي وڃي ان تي لکڻ.

 نوڪيا فورم جي لنڪ

اميد اٿم ته سنڌي دوست پنهنجي ٻولي جي وارثي ڪندي منهنجي عرض تي غور ڪندا ۽ سنڌيءَ جي استعمال ۽ ان جي اوسر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ته جيئن ايندڙ ڏينهن، مهينن ۽ سالن ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي جي رفتار ۾ واڌارو ٿئي. اها اسان جي ذميداري آهي، اسان کي ئي نڀائڻي آهي، نه ته خدا نه ڪري ڪا ڪمي بيشي رهجي وئي ته ايندڙ نسل سڄو ڏوه اسان جي ئي کاتي ۾ وجھندا.

جمعو, 01 مارچ 2013 00:00

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس. سن 1987 هو ۽ تڏهن ڪنهن جي به وهم گمان ۾ ڪونه هو ته اها ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ايندڙ ورهين ۾ دنيا ۾ ڪهڙو انقلاب آڻيندي ۽ نه ئي مونکي اندازو هيو، ته هي جيڪو مان پنهنجي وِت ۽ وس آهر ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي اوسر متعلق ڪم ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي هلي ڪمپيوٽر جي برڙ باڪاس آپريٽنگ سسٽم ”ونڊوز“ ۾ هڪ ٿي سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف نين بلندين تي رسائيندو پر سنڌي ٻولي ايندڙ صدين جي گھرجن کي منهن ڏيڻ جي قابل به ٿي ويندي. ڌڻيءَ در ڪروڙين سجدا ڪريان ته به هوند ان احسان جو هڪ رتي برابر به ڳيچ ڳائي نه سگھان جيترو مالڪ حقيقيءَ مون تي ڪيو.

ان ئي ڌڻيءَ جا ڪروڙين احسان جو اڄ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي، ٻين مشرقي ٻولين جي قد بت برابر آهي ۽ اها دنيا جي ڪنهن به ڪمپيوٽر، ڪنهن به آپريٽنگ سسٽم تي ڪنهن پروگرام جي لاهڻ بغير لکي ۽ پڙهي سگھجي ٿي. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اها به هڪ حقيقت آهي ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ نت نيون ترقيون هر روز جو معمول آهن. پرتي نه ٿا وڃون، اڄ کان ويهه سال اڳ وارو اڌ مڻ وزني چئن پنجن حصن تي مشتمل ڪمپيوٽر ڪل ڏيڍ ٻن ڪلوگرامن جي تور جيتري ليپ ٽاپن ۾ سڪڙجي ويو آهي پر ڳالھ ڇڙي اتي ئي ڇيهه نه پئي ڪري. هاڻي ليپ ٽاپ مان به جند ڇڏائي، آءِ پيڊ، ٽيبليٽز ۽ هٿ جي تريءَ کان به اڌ جيتري ماپ وارا سمارٽ فون دنيا ۾ ڪمپيوٽر کي به ”موڪلاڻي“ ڏيڻ جي چڪرن ۾ آهن. انٽرنيٽ جي ويب سائيٽن ۾ پراڻي ايڇ ٽي ايم ايل وارين سائيٽن کي هاڻي مشڪوڪ سمجھي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ڇو ته انهن جي سيڪيورٽي بلڪل ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي جديد پروگرامنگ پي ايڇ پي تي اجڪس جهڙي انساني منطق رکندڙ سرشتا هر ايندڙ ويب سائيٽ جي بنيادي گھرج بنجي چڪا آهن.

منهنجي اندازي موجب هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ان انقلابي ۽ جديد پروگرامنگ ۾ منتقل ڪرڻ جو دؤر اچي چڪو آهي. مان سمجھان ٿو ته جيئن اردو موبائل فونن ۾ اچي چڪي آهي ٺيڪ ائين سنڌي ٻوليءَ کي به موبائلن جي بنيادي ”فرم ويئرن“ ۾ اچڻ گھرجي. ان جي ئي ڪري مان ڪمپيوٽر جي جديد پروگرامرن ۽ گرافڪس جي حس رکندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن جو هڪ سٿ جوڙڻ جو سوچي رهيو آهيان. ابتدائي طور تي مان جن ٻن پنهنجي دوستن کي پنهنجي ان سٿ ۾ شامل ڪندي خوشي محسوس ڪيان ٿو تن جي ڪيل محنتن کان ڪو به سڄڻ انڪار نه ٿو ڪري سگھي. هڪ ته آهي محترم امر فياض ٻرڙو، جنهن پنهنجي ڏينهن راتين جي محنتن سان ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ويب سائيٽن جي جديد پروگرامنگ پي ايڇ پي ۽ اجڪس ۾ سنڌي ۽ اردوءَ کي پنهنجو ڪري مقامي ٻولين جي ويب سائيٽن  ۾ پنهنجو هڪ نمايان نالو ٺاهيو آهي ۽ جنهن هي ويب سائيٽ ٺاهي پاڪستان جي پهرين لوڪلائيزڊ ريسپانسو (Responsive) ويب سائيٽ جو اعزاز به سنڌي ٻولي جي ان ويب سائيٽ کي ڏنو جيڪا دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ به آهي. ٻيو نالو آهي محترم شبير ڪنڀار, جنهن نوان ۽ اوريجنل سنڌي فانٽ، سنڌي ڪمپيوٽنگ سکيا وڊيو ۽ شاه سائين جي شعرن جا وڊيو جوڙي اسان کي بهترين ”سوکڙيون“ ڏنيون آهن.
منهنجي دلي خواهش آهي ته ٻيا دوست به جيڪڏهن هن منهنجي سٿ ۾ شامل ٿيڻ جا خواهشمند هجن ته اهي مهرباني ڪري رابطو ڪن ته جيئن سندن اهليتن ۽ ڪاريگرين مان سنڌي ٻوليءَ کي وڌ کان وڌ اڳتي وڌائجي. اوهان جا نيڪ مشورا ۽ ويچار اکين تي رکيا ويندا. ته ڇا خيال آهي اوهان دوستن جو؟

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا