هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پھريون سنڌي اي بوڪ چونڊيل

مارچ 20, 2013

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاھ سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي. ان کان پوءِ، ان جي پي ڊي ايف ايڊيشن بہ شايع ڪيم تہ جيئن پڙهندڙ رسالو ڊائونلوڊ ڪري پنھنجي ڪمپيوٽر ۾ رکي ڇڏين يا ضرورت مھل ان کي پرنٽ بہ ڪري سگهن. ڪافي عرصي کان خواهش هيم ته ان کي اي پب جي فارميٽ ۾ شايع ڪجي. ان ۾، پي ڊي ايف جيان ڪمپيوٽر، ٽيبليٽ يا سمارٽ فون تي لاهڻ کان علاوہ، پي ڊي ايف جي ڀيٽ ۾ ٻيون سھولتون بہ هيون. مثلًا ان فارميٽ ۾ ٽيڪسٽ سھولت سان ڪاپي، پيسٽ ۽ ٻين هنڌن تي استعمال ڪري سگهبي آهي، لفظن جي ڳولا جي سولائي آهي، فانٽ جي سائز، ڪتاب جي بيھڪ ۽ سيٽنگ کي پنهنجي مرضي پٽاندڙ بدلائڻ جو اختيار (اي بُوڪ ريڊر جي فيچرن مطابق) وغيرہ جھڙيون سھولتون هونديون آهن. پر ان سلسلي ۾ مسلسل ڪي عملي دشواريون پيش پئي آيون، جن ۾ هڪڙي اها بہ هئي ته اڪثر اي بُوڪ ريڊر عربي رسم الخط کي سپورٽ ڪونہ پئي ڪيو. آخرڪار، هاڻي اهو ممڪن ٿيو آهي ۽ هي، منھنجي ڄاڻ موجب پھريون سنڌي اي بُوڪ آهي جيڪو مقبول ترين اِي پب EPUB فارميٽ ۾ آهي. ان جي وڏي سھولت اها آهي ته ٽيڪسٽ اوتجڻ واري، يعني reflowable، شڪل ۾ هوندي آهي. فانٽ جي سائز ننڍي وڏي ڪرڻ تي، سِٽون پنھنجي بيھڪ ۽ شڪل مٽائي، اسڪرين جي سائز موجب نئين صورت اختيار ڪنديون آهن تہ جيئن پڙهڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڏکيائي نہ ٿئي.

مون هي اِي پب ايڊيشن خصوصًا اينڊرائڊ ٽيبليٽ ۽ فون لاءِ ٺاهي آهي. سڀ اي بُوڪ ريڊر هن کي صحيح طرح سان ڏيکاري نہ سگهندا ۽ اهو ان ڪري نہ آهي جو هن جي ڊيزائن ۾ ڪا اوڻائي آهي، بلڪِ ان ڪري آهي جو اهي ريڊر سڀني ٻولين جي لاءِ ٺھيل نہ آهن. هن وقت ڪم از 3 يا 4 يا اڃا بہ وڌيڪ اي بوڪ ريڊر اينڊرائڊ پليٽفارم تي مھيا آهن جيڪي هن کي سپورٽ ڪن ٿا. انھن مان جيڪي مون آزمايا ۽ بھترين ڏٺم، سي ترتيب وار هيٺيان آهن:
DL Reader
هي سڀني کان بھترين نموني سان ڪتاب ۾ استعمال ڪيل فانٽ ۾ نماءُ ڏئي ٿو. ان ۾ ڳولا جي سھولت بہ آهي، پر ڳولا وقت اعراب نظرانداز نہ ٿا ٿين تنھنڪري جيڪڏهن اعرابن ۾ فرق هوندو تہ ڳولا جو نتيجو صحيح نہ نڪرندو.
PageTurner
هي بہ سنڌي بھترين نموني ڏيکاري ٿو پر هن ۽ هيٺين ريڊر ۾ اينڊرائڊ جو سسٽم فانٽ استعمال ٿئي ٿو. منجهس ڳولا جي سھولت ڪانھي.
Moon+ Reader
هي هڪ بهترين اي ريڊر آهي، جنھن ۾ ڳولا جي سھولت بہ آهي، پر ڪڏهن سٽن کي آخر ۾ ڪٽي ٿو ڇڏي.
پر هن لسٽ کي مڪمل نہ سمجهو جيئن تہ مون بہ چند ريڊر جاچيا آهن. نوان اي بُوڪ ريڊر ايندا ٿا رهن ۽ پراڻن ۾ نوان فيچر شامل ٿيندا ٿا رهن. اميد آهي تہ وقت گذرڻ سان سنڌي لاءِ سھولتون وڌنديون. هن نئين پيش رفت سان، هاڻي اسان بھترين سنڌي ڊجٽل لائبرريون ٺاهي ٿا سگهون، جيڪي اسان پنھنجي فون، ٽيبليٽ ۽ ٻين هٿ جي تِري جيترن ڊوائسز ۾ اوتاري يعني ڊائونلوڊ ڪري عملي طرح هميشہ پاڻ سان ساڻ رکي سگهون ٿا. ان کان علاوہ، اهو وقت پري ڪونھي جو ٻار ڪاغذ تي ڇپيل ڪتابن جا وزني ٿيلھا ڀري اسڪول کڻي وڃڻ جي بجاءِ هڪ ننڍڙي، پراڻن وقتن واري سليٽ جي ماپ جيتري، برقي سليٽ يا ٽيبليٽ کڻي ويندا جنھن ۾ سڀ درسي ڪتاب موجود هوندا.
ڌڻي در دعا آهي ته منھنجون اهي ڪوششون سنڌي قوم لاءِ لاڀائتيون ثابت ٿين ۽ اميد اٿم تہ هي استادن، شاگردن ۽ سنڌي ادب جي شائقين لاءِ مستقبل ۾ نيون واٽون کوليندي هڪ روشن ۽ سنھري آئيندي جو پيش خيمو بڻبي.

اي پب ڊائون لوڊ ڪريو

عبد الماجد ڀرڳڙي

عبد الماجد ڀرڳڙي

ايم بي سٿ جو سرواڻ

عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽنگ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو، ۽ هاڻي سياٽل ۾ رھي ٿو. 1987-88 کان سندس ڪم ذاتي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي استعمال کي فعال بڻايو ۽ سنڌي اشاعتي ادارا ۽ اشاعتي صنعت ۾ انقلاب آندائين.

ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

تحرير: شبير ڪنڀار ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي...

read more

ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

تحرير: امر فياض ٻرڙو جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي...

read more

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي...

read more

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ...

read more