سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

مارچ 1, 2013

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي

اها تڏهن جي ڳالهہ آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ ۽ 2 ميگابائيٽ ميموري!) تي سنڌي الفابيٽ کي سيٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هيس. سن 1987 هو ۽ تڏهن ڪنھن جي بہ وهم گمان ۾ ڪونہ هو تہ اها ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي ايندڙ ورهين ۾ دنيا ۾ ڪھڙو انقلاب آڻيندي ۽ نہ ئي مونکي اندازو هيو، تہ هي جيڪو مان پنھنجي وِت ۽ وس آهر ڏينھن رات هڪ ڪري پنھنجي ٻوليءَ جي اوسر متعلق ڪم ڪري رهيو آهيان، سو اڳتي هلي ڪمپيوٽر جي جڳ مشھور آپريٽنگ سسٽم ”ونڊوز“ ۾ هڪ ٿي سنڌي ٻوليءَ کي نہ صرف نين بلندين تي رسائيندو پر سنڌي ٻولي ايندڙ صدين جي گهرجن کي منھن ڏيڻ جي قابل بہ ٿي ويندي. ڌڻيءَ در ڪروڙين سجدا ڪريان تہ بہ هوند ان احسان جو هڪ رتي برابر بہ ڳيچ ڳائي نہ سگهان جيترو مالڪ حقيقيءَ مون تي ڪيو.

ان ئي ڌڻيءَ جا ڪروڙين احسان جو اڄ سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي، ٻين مشرقي ٻولين جي قد بت برابر آهي ۽ اها دنيا جي ڪنھن بہ ڪمپيوٽر، ڪنھن بہ آپريٽنگ سسٽم تي ڪنھن پروگرام جي لاهڻ بغير لکي ۽ پڙهي سگهجي ٿي. پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اها بہ هڪ حقيقت آهي تہ ٽيڪنالاجيءَ ۾ نت نيون ترقيون هر روز جو معمول آهن. پرتي نہ ٿا وڃون، اڄ کان ويھہ سال اڳ وارو اڌ مڻ وزني چئن پنجن حصن تي مشتمل ڪمپيوٽر ڪل ڏيڍ ٻن ڪلوگرامن جي تور جيتري ليپ ٽاپن ۾ سڪڙجي ويو آهي پر ڳالھہ ڇڙي اتي ئي ڇيھہ نہ پئي ڪري. هاڻي ليپ ٽاپ مان بہ جند ڇڏائي، آءِ پيڊ، ٽيبليٽ ۽ هٿ جي تريءَ کان بہ اڌ جيتري ماپ وارا سمارٽ فون دنيا ۾ ڪمپيوٽر کي بہ ”موڪلاڻي“ ڏيڻ جي چڪرن ۾ آهن. انٽرنيٽ جي ويب سائيٽن ۾ پراڻي ايڇ ٽي ايم ايل وارين سائيٽن کي هاڻي مشڪوڪ سمجهي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ڇو ته انھن جي سيڪيورٽي بلڪل ختم ٿي چڪي آهي، هاڻي جديد پروگرامنگ پي ايڇ پي تي اجڪس جھڙي انساني منطق رکندڙ سرشتا هر ايندڙ ويب سائيٽ جي بنيادي گهرج بنجي چڪا آهن.

منھنجي اندازي موجب هاڻي سنڌي ٻوليءَ کي ان انقلابي ۽ جديد پروگرامنگ ۾ منتقل ڪرڻ جو دؤر اچي چڪو آهي. مان سمجهان ٿو ته جيئن اردو موبائل فونن ۾ اچي چڪي آهي ٺيڪ ائين سنڌي ٻوليءَ کي بہ موبائلن جي بنيادي ”فرم ويئرن“ ۾ اچڻ گهرجي. ان جي ئي ڪري مان ڪمپيوٽر جي جديد پروگرامرن ۽ گرافڪس جي حس رکندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خير خواهن جو هڪ سٿ جوڙڻ جو سوچي رهيو آهيان. ابتدائي طور تي مان جن ٻن پنهنجي دوستن کي پنھنجي ان سٿ ۾ شامل ڪندي خوشي محسوس ڪيان ٿو تن جي ڪيل محنتن کان ڪو بہ سڄڻ انڪار نہ ٿو ڪري سگهي. هڪ تہ آهي محترم امر فياض ٻرڙو، جنھن پنھنجي ڏينهن راتين جي محنتن سان ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ ويب سائيٽن جي جديد پروگرامنگ پي ايڇ پي ۽ اجڪس ۾ سنڌي ۽ اردوءَ کي پنھنجو ڪري مقامي ٻولين جي ويب سائيٽن  ۾ پنھنجو هڪ نمايان نالو ٺاهيو آهي ۽ جنھن هي ويب سائيٽ ٺاهي پاڪستان جي پهرين لوڪلائيزڊ ريسپانسو (Responsive) ويب سائيٽ جو اعزاز بہ سنڌي ٻولي جي ان ويب سائيٽ کي ڏنو جيڪا دنيا جي پھرين سنڌي ويب سائيٽ بہ آهي. ٻيو نالو آهي محترم شبير ڪنڀار, جنھن نوان ۽ اوريجنل سنڌي فانٽ، سنڌي ڪمپيوٽنگ سکيا وڊيو ۽ شاھ سائين جي شعرن جا وڊيو جوڙي اسان کي بهترين ”سوکڙيون“ ڏنيون آهن.
منهنجي دلي خواهش آهي تہ ٻيا دوست بہ جيڪڏهن هن منھنجي سٿ ۾ شامل ٿيڻ جا خواهشمند هجن تہ اهي مھرباني ڪري رابطو ڪن تہ جيئن سندن اهليتن ۽ ڪاريگرين مان سنڌي ٻوليءَ کي وڌ کان وڌ اڳتي وڌائجي. اوهان جا نيڪ مشورا ۽ ويچار اکين تي رکيا ويندا. تہ ڇا خيال آهي اوهان دوستن جو؟

عبد الماجد ڀرڳڙي

عبد الماجد ڀرڳڙي

ايم بي سٿ جو سرواڻ

عبد الماجد ڀرڳڙي سنڌي ٻولي ۾ ڪمپيوٽنگ جو باني آهي. هو لاڙڪاڻو سنڌ پاڪستان سان تعلق رکي ٿو، ۽ هاڻي سياٽل ۾ رھي ٿو. 1987-88 کان سندس ڪم ذاتي ڪمپيوٽرن تي سنڌي جي استعمال کي فعال بڻايو ۽ سنڌي اشاعتي ادارا ۽ اشاعتي صنعت ۾ انقلاب آندائين.

ٻوليءَ جي انجينئرنگ جو ادارو

تحرير: شبير ڪنڀار ٻوليون پنھنجن ادبي خزانن سان سڃاتيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي سنڌي ٻولي ان معاملي ۾ ڏاڍي آسودي آھي. ڇاڪاڻ تہ کيس پنھنجي شاندار ادبي ورثي...

read more

ٻولين جي انجڻڪاريءَ بابت

تحرير: امر فياض ٻرڙو جڏھن اوھان ڪمپيوٽر مشين تي ڪنھن خاص ٻوليءَ ۾ لکو ٿا ۽ پوءِ پڙھو ٿا يا وري ان کي ليزر يا ڊاٽ پرنٽر تي ڇاپيو ٿا تہ اھو ٽيڪسٽ جي...

read more

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

تحرير: عبدالماجد ڀرڳڙي مون اڄ پنھنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي بيحد خوشي ٿي تہ سنڌي سان لاڳاپيل ڪيئي مسئلا جيڪي پراڻي...

read more