عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني

(حصو ٻيون: حالتن جي ڌارا دکم سروم، سروم دکم)

 

سگهو ئي عبدالماجد جي گهرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت ناساز هئي. عبدالماجد کيس لاهور جي هڪ مشھور ليڊي ڊاڪٽر، ڊاڪٽر طُوري، کي ڏيکاريو ۽ ان سان مشوري بعد کيس سندس اسپتال ۾ بہ داخل ڪرايائين. علاج هليو پر افاقي جي بجاءِ طبيعت ويتر بگڙندي وئي. پوءِ ڪنہن دوست صلاح ڏنس تہ گلبرگ لاهور ۾ واقع يونائيٽيڊ ڪرسچن هاسپيٽل UCH ۾ مُلڪ جي مشھور گائنيڪالاجسٽ ڊاڪٽر قمرالزمان سان مشورو ڪري. قمرالزمان هڪ قابل معالج ۽ بہترين انسان هو. جڏهن هي وٽس ويا ۽ عبدالماجد کيس تفصيلي ۽ پورو احوال ڏنو تہ ڊاڪٽر ڏانھنس ڏسي پڇيس تہ، “ڇا توهان ڊاڪٽر آهيو؟” تنھن تي عبدالماجد ٻڌايس تہ هو هتي والٽن ۾ انڪم ٽيڪس جو زير تربيت آفيسر آهي. ڊاڪٽر چيس تہ “مون اها ڳالهہ ان ڪري چئي تہ جيئن تو ڪيس هسٽري مون کي ٻڌائي ايئن عام طور تي ڊاڪٽر ئي ڪري سگهندا آهن. اها ڪيس هسٽري ٻڌي مان، بغير تپاس جي ئي، تشخيص ڪري چڪو آهيان تہ مسئلو ڇا آهي ۽ مان ان لاءِ تنھنجو ٿورائتو آهيان. هاڻي تپاس رڳو پنھنجي تشخيص جي تصديق ڪرڻ لاءِ ڪندس.” ڊاڪٽر ٻڌايس تہ سندس گهرواري کي Ectopic Pregnancy ٿي وئي آهي جنھن کي Tubal Pregnancy پڻ سڏبو آهي. ان حالت ۾ ڳرڀ بجاءِ رحم مادر جي، فيلوپين ٽيوب ۾ ٿي پوندو آهي جيڪا بيحد تشويشناڪ صورتحال آهي ڇو تہ جيڪڏهن هڪ ڀيرو ٽيوب ڦاٽي پوي تہ پوءِ مريض جي زندگي کي خطرو هوندو آهي. هن چيو تہ هڪدم سرجري جي ضرورت آهي تہ جيئن آپريشن ذريعي متعلقہ ٽيوب ڪٽي ۽ بند ڪري ڇڏبي جنھن بعد آئندہ اميدواري جا امڪان اڌ رهجي ويندا آهن. ٻئي ڏينھن صبوح تي آپريش ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. آپريشن ٿي، هفتو کن سيمي پرائيوٽ وارڊ ۾ رهي ۽ ايئن سندس زندگي کي درپيش خطرو ٽريو. عبدالماجد ڊاڪٽر توڙي اسپتال ۽ ان جي عملي جي مستعدي، همدردي ۽ هوشياري جي بيحد تعريف ڪندو هو. ڊاڪٽر پاڻ کيس مشورو ڏنو تہ پرائيويٽ وارڊ نہ وٺو جو ان ۾ اجايو گهڻا پيسا ڀرڻا پوندو ۽ خود سندس في بہ گهڻي وڌيڪ هوندي. هن عبدالماجد ۽ نرگس جو حال ڏسندي کيس خاص اجازت اسپتال طرفان ڏياري تہ هو پنہنجي زال وٽ رهي سگهي ٿو. ماني وغيرہ بہ اسپتال وارا ڏيندا هئا جنھن جو معيار تمام سٺو هو. هفتي جي رهائش، ڊاڪٽر جون فيون، دوائن ۽ ماني جو خرچ ڪل ملائي ٻڌائيندو اٿم تہ تقريبًا 300 يا 350 روپيہ بل ٺھيو جيڪو ان سھانگپ واري دؤر ۾ بہ تمام گهٽ خرچ هو.
عبدالماجد جي فنانس سروسز اڪيڊمي ۾ تقريبًا ڏھ يارنھن مھينا ٽريننگ هلي ۽ ٽريننگ جي اختتام تي پبلڪ سروس ڪميشن جو تڪميلي امتحان ٿيو جنھن ۾ هو سٺن نمبرن سان ڪامياب ٿيو. چوندو هو تہ، “مون بوڪ ڪيپنگ جو نالو پھريون ڀيرو اتي ٻڌو ۽ اهو سمجهيم تہ اهو ڪو لائبرري ۾ ڪتابن جي رکڻ متعلق علم آهي. حيران ٿيس تہ ان جو ماليات يعني Finance سان ڪھڙو واسطو؟ پوءِ خبر پيم تہ اهو اڪائونٽنگ جو ٻيو نالو آهي.” ان کانپوءِ لاهور ۾ ڇھہ مھينا کن وڌيڪ انڪم ٽيڪس کاتي جي ڊپارٽمينٽل ٽريننگ لاءِ رهڻو پيس. ان ۾ کين انڪم ٽيڪس قانون، رولز، ڪاروباري کاتن جي پڙتال يا آڊٽ ۽ انتظامي امور وغيرہ سان لاڳاپيل تربيت ملي ۽ ان جي اختتام تي وري ڊپارٽمينٽل امتحان ٿين جنھن لاءِ مشھور هو تہ ورلي ئي ڪو آفيسر ان جا سڀ مضمون پھرين ڪوشش ۾ پاس ڪري سگهندو آهي. عبدالماجد انھن ٻن ٽن آفيسرن مان هڪ هو جن اهو امتحان پھرين ئي ڪوشش ۾ پاس ڪيو.
ان بعد سندس پوسٽنگ اپريل 1974 ۾ ڪراچي ۾ ٿي جتي ڪا باقاعدہ چارج ڪانہ ڏنائونس بلڪِ مختلف آفيسرن وٽ تربيت لاءِ موڪليندا رهيس. چوندو هو تربيت مڙيوئي ڪا هئي، بس وڃبو هو، حاضري لڳائبي هئي، چانھن بسڪوٽ نوش ڪري، ڪلاڪ اڌ ڪچھري ڪري فارغ ٿي وڃبو هو. هو اهي ٻہ ٽي مھينا دوستن سان گڏ گارڊن واري علائقي ۾ گورمينٽ هاسٽل ۾ رهيو ۽ ٻار لاڙڪاڻي ۾ رهندا هيس، جن سان ملڻ ايندو رهندو هو.
جولاءِ 1974 ۾ سندس پوسٽنگ لاڙڪاڻي ڪيائون جيڪا هڪ اهم چارج هئي جو ملڪ جي سربراھ يعني ڀُٽي صاحب جي شھر هجڻ کان علاوہ اها انڪم ٽيڪس سرڪل ٻن ضلعن يعني لاڙڪاڻي ۽ دادو تي محيط هئي ۽ درياھ جي ساڄي ڪپ تي ان جون حدون شھدادڪوٽ کان ويندي ٿاڻي بولا خان تائين، جن جو باهم فاصلو چئن سون ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ هو، پکڙيل هيون. ان کان علاوہ لاڙڪاڻي ۾ نگران بالا آفيسر بہ نہ هوندو هو ۽ انھي سڀني سببن ڪري اها هڪ خودمختار ۽ اهم چارج سمجهي ويندي هئي. عبدالماجد کي بالا آفيسرن چيو تہ توکي لاڙڪاڻي جي اهم ذميداري ان ڪري ٿا سونپيون جو تو ڊپارٽمينٽل امتحان پھرين ڪوشش ۾ پاس ڪيو آهي انڪري اسان کي تنھنجي اهليت تي ڀروسو آهي ۽ ٻيو تہ تون اتان جو آهين تنھنڪري توکي اتان جي حالتن جي ٻين کان بھتر ڄاڻ هوندي. عبدالماجد بھرحال پريشان هو تہ گهر ۾ پوسٽنگ جي ڪري نہ رڳو زوربار ۽ سفارشن جو امڪان وڌيل هو، پر ان کان بہ وڌيڪ کيس اهو اونو هو تہ منھنجي ڀُٽي صاحب سان سياسي مخالفت جي ڪري کيس هتي ڪي ڏکيايون نہ درپيش اچن. ان سببان هن چاهيو پئي تہ کيس لاڙڪاڻي جي بجاءِ ڪنھن ٻئي هنڌ پوسٽ ڪن.
ان مقصد لاءِ هي وڃي منھنجي هڪ دوست سيد مظفراحمد اشرف سان مليو جيڪو هڪ سينئر سِول سرونٽ هو ۽ جنھنجي پوسٽنگ تڏهن ڪراچي ۾ هئي. کيس گذارش ڪيائين تہ هو ڪوشش وٺي سندس لاڙڪاڻي واري پوسٽنگ رد ڪرائي. اشرف صاحب جي قاضي احمد حُسين سان دعا سلام هئي جيڪو انڪم ٽيڪس جو بيحد سينئر آفيسر هو ۽ تڏهن ڪراچي ۾ PIDC جو سربراہ ھو. هي ٻئي گڏجي وٽس ويا جنھن کين سٺي موٽ ڏني، ڪافي وغيره سان تواضح ڪيائين ۽ پوءِ عبدالماجد کي سمجهايائين تہ هو پاڻ بہ لاڙڪاڻي ۾ انڪم ٽيڪس آفيسر رهي چڪو هو ۽ اهڙي اهم جاءِ تي اٿندي ئي پوسٽنگ ملڻ هڪ اعزاز هو ۽ ڪم سکڻ جو بہ هڪ بھترين موقعو. چيائينس تہ، “منھنجي سفارش تي تنھنجي پوسٽنگ رد تہ ڪري ڇڏيندا پر پوءِ ٿي سگهي ٿو تہ توکي ڪا غير اهم جاءِ ڏين. بھتر آهي تہ وڃي چارج وٺ، ٻہ ٽي مهينا اتي ڪم ڪري ڏس ۽ جيڪڏهن توکي اهي مشڪلات درپيش اچن جن جو توکي خدشو آهي تہ پوءِ تون مون کي ٻڌائجائين ۽ مان تنھنجي اتان بدلي لاءِ سفارش ڪندس.” عبدالماجد کي قاضي صاحب جي اها تجويز پسند آئي ۽ هي ڪافي پي، ڪچھري ڪري، شڪريو ادا ڪري هليو آيو.
دراصل عبدالماجد جنھن آفيسر جي جاءِ تي آيو اهو ڪراچي جو هڪ نوجوان ۽ فھميدو آفيسر هو پر کيس هتان جي حالتن جي پوري ڄاڻ ڪانہ هئي. ڪيئي واپاري اچي ڌونس ڄمائيندا هئس يا دهمان ٻڌندا هئس تہ اسان جو واسطو پيپلز پارٽي سان آهي ۽ جي تو اسان جو ڪم نہ ڪيو تہ اسان ڀُٽي صاحب يا ان سان واسطو رکندڙ ڪنھن بااثر ماڻهو وٽ تنھنجي شڪايت ڪنداسي وغيرہ. انھن ڌمڪين ۽ دهمانن بہ ان مسڪين کي ڪافي پريشان ڪيو هو. پر جيئن تہ عبدالماجد مقامي ماڻهن ۽ انھن جي واسطيدارين مان واقف هو تنھنڪري کيس اهڙن اجاين انديشن سان واسطو ڪونہ پيو.
هڪ ڀيري ايئن ٿيو جو پيپلز پارٽي سان واسطو رکندڙ ڪجهہ واپارين ڀُٽي صاحب جي کليل ڪچهري ۾ عبدالماجد جي شڪايت ڪئي تہ هو پارٽي جي مخالف عبدالغفور ڀرڳڙي جو پٽ آهي ۽ اسان کي ان ڪري تنگ ٿو ڪري. لاڙڪاڻي جو پارٽي جو صدر تڏهن ايس ڪي خان هو. هو هڪ مھاجر انڪم ٽيڪس پريڪٽشنر هو جنھن جي جاءِ جو هيٺيون حصو انڪم ٽيڪس کاتي کي مسواڙ تي آفيس لاءِ ڏنل هو. اهڙي ريت سندس واسطو ڏينھن رات انڪم ٽيڪس وارن سان هوندو هو ۽ کانئس ڪا ڳالھہ لڪل ڪانہ هئي. ڀُٽي صاحب جو بہ مٿس ان لحاظ کان اعتماد هو جو مرحوم هڪ مخلص انسان ۽ پارٽي ورڪر هو، تنھنڪري کانئس پڇا ڪيائين جنھن ٻڌايس تہ عبدالماجد پيسو وغيره ڪونہ ٿو گهري ۽ نہ ئي پارٽي سان ڪا مخاصمت اٿس، البتہ ٽيڪس مڙهڻ ۽ وصول ڪرڻ جي معاملي ۾ برجستو آفيسر آهي. ان کانپوءِ ڀُٽي صاحب شڪايت آڻيندڙن کان پڇيو تہ ڇا آفيسر توهان کان پيسا يا رشوت گهري هئي. انھن شايد چيو نہ، پر اهو تہ کين سياسي مخالفت جي ڪري تنگ ٿو ڪري. پر پوءِ ڀُٽي صاحب عبدالماجد کي تہ ڪجهہ نہ چيو يا چورايو پر خود شڪايت ڪندڙن کي دٻ پٽيائين. مان پيپلز پارٽي ۾ تہ ڀُٽي صاحب جي ڪوٺ تي 1976 جي آخر ڌاران شامل ٿيس، پر عبدالماجد کي هتي لاڙڪاڻي ۾ اهو اڍائين سالن جو عرصو ڀُٽي صاحب جي هڪ سياسي حليف جي پٽ جي حيثيت ۾ گذارڻو پيو. پر هن پنھنجي اخلاق، خلوص ۽ پيشه ورانہ مهارت سبب پنھنجا سرڪاري فرائض بہ برجستي طريقي سان سرانجام ڏنا ۽ مقامي ماڻھن سان واسطيداريون بہ بيحد خوش اسلوبي سان نڀايائين.
عبدالماجد جي لاڙڪاڻي ۾ پورا ٽي سال پوسٽنگ رهي. 1975 ۾ سندس ٻيو نمبر فرزند عبدالباسط پيدا ٿيو. عبدالماجد چوندو آهي تہ اهي ٽي سال سندس زندگي جا ڪڏهن نہ وِسرڻ جھڙا خوشين جا ڀرپور سال هئا جو بيڪ وقت اولاد، والدين، پنھنجي دل گهريي زال ۽ پنھنجن ننڍن ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ رهڻ جو موقعو ۽ قرب حاصل هيس. جڏهن سندس شادي ٿي هئي گهر ۾ سواءِ سندس هڪ ڀيڻ جي ٻيا سڀ ڀيڻ ڀائر (پنج ڀينر ۽ چار ڀائر) گهر ۾ هئا جن کي هن جي گهرواري، يعني سندن ڀاڄائي، بيحد قرب ۽ پيار ڏنو. انھيءَ عرصي ۾ منھنجي ٻن ڌيئرن جي شادي بہ ٿي. بيشڪ انھن ڏينھن ۾ اسان جي گھر ۾ بھترين، قرب، پيار ۽ خوشين سان ڀرپور ماحول هو جنھن جو گهڻي ڀاڱي ڪريڊٽ عبدالماجد جي گهرواري نرگس کي ٿو وڃي.
1977 واري طغياني دؤر ۾، جولاءِ يا آگسٽ ۾ عبدالماجد جي بدلي لاڙڪاڻي مان حيدرآباد ڪيائون ۽ اهڙي طرح اهو سنھري دؤر، جنھن ۾ منھنجي خاندان جي ٽن پيڙهين جي فردن خوشين سان ڀرپور ماحول ۾ گڏ وقت گهاريو، سو پورو ٿيو. الله جا لک احسان آهن جنھن بعد ۾ ٻچن کي گهڻيون ئي خوشيون ڏيکاريون، پر اهڙو وقت وري نہ آيو.
عبدالماجد ان کانپوءِ جا ٽي ورهيہ حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس کاتي جي مختلف عهدن تي گذاريا. اتي سندس رهائش پنھنجي چاچي غوث بخش جي جاءِ جي هڪ حصي ۾ رهي. جولاءِ 1978 ۾ جڏهن حيدرآباد ۾ انڪم ٽيڪس جو نئون زون ٺاهيو ويو تہ اتي ايم اي مجيد کي ڪمشنر ڪري رکيائون جيڪو ڀُٽي صاحب جي دؤر ۾ ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر جي اهم عھدي تي فائز رهي چڪو هو. مسٽر مجيد مرحوم بيحد محنتي ۽ قابل آفيسر هو. هن کي نئين زون کي اسٽيبلش ڪرڻ لاءِ مستعد، محنتي ۽ ڄاڻو آفيسرن جي گُهرج هئي. هن حيدرآباد جي چارج وٺڻ کان اڳ ئي زونل آفيس لاءِ موزون آفيسرن جي ڳولا شروع ڪئي. کيس عبدالماجد جي باري ۾ ٻڌايو ويو. عبدالماجد تن ڏينھن ۾ پنھنجي بالا آفيسرن جي نامناسب روش سبب موڪل تي ويل هو. نئين ڪمشنر خاص گهرائي چيس تہ کيس سندس ضرورت آهي ۽ هو ساڻس گڏ هن جي اسپيشل اسسٽنٽ طور ڪم ڪري تہ جيئن نئين زون جي تعمير ڪجي. هڪ سال تائين عبدالماجد سندس اسپيشل اسسٽنٽ طور ڪم ڪيو جنھن مان مرحوم مِرزا عبدالمجيد صاحب، عبدالماجد جي ڪارڪردگي ۽ اخلاق مان ايترو متاثر ٿيو جو سروس ۾ باوجود کانئس گهڻو سينئر هجڻ جي، آخر تائين عبدالماجد سان سندس تعلقات بيحد دوستانہ ۽ محبت وارا رهيا. حيدرآباد ۾ پوسٽنگ دؤران هن تاريخ ۾ ايم اي بہ مڪمل ڪئي.
1980 آگسٽ ڌاران عبدالماجد جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي جتي هو تقريبًا پوڻا ٽي ورهيہ رهيو. ڊسمبر 1980 ۾ سندس ٽيون ۽ سڀني مان ننڍو پُٽ عبدالباري ڄائو. 1981 جي آخر ۾ عبدالماجد ۽ سندس گهرواري انگلينڊ ۽ آمريڪا مختصر عرصي لاءِ گهمڻ ويا ۽ واپسي تي عُمري جي سعادت حاصل ڪيائون.

عبدالماجد جي ڪھاڻي، سندس والد جي زباني… اڳتي پڙهو

عبد الغفور ڀرڳڙي

(عبد الماجد ڀرڳڙيءَ جو والد)

عبدالغفور ڀرڳڙي ولد عبدالجليل ڀرڳڙي 1921ع ڌاري ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي، تعلقي شھدادڪوٽ ۾ جنم ورتو . پاڻ هڪ قانوندان ، اديب ، دانشور ، سياسي، سماجي حوالي سان مشھور آهي . هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان ؛ مئٽرڪ مدرسہ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، بي اي چيلاسنگهہ اينڊ سيتلداس (سي اينڊ ايس) ڪاليج شڪارپور مان ايم اي فارسي ۽ ايل ايل بي 1946ع ڌاري علي ڳڙهہ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪري، جولاءِ 1947ع ۾ وڪالت جي سند حاصل ڪيائين. هن شاگرديءَ جي زماني ۾ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽ فارم تان تمام گهڻي سرگرميءَ سان حصو ورتو. شڪارپور جي سي اين ايس ڪاليج ۾ بہ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي شاخ قائم ڪري تحريڪ پاڪستان جي جدوجھد ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائين .
عبدالغفور ڀرڳڙيءَ جو سياسي لحاظ کان مشهور سياستدان قاضي فضل الله سان واسطو رهيو هو. 1946ع ۾ ڏوڪري تڪ جي صوبائي اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي مقابلي ۾ قاضي فضل الله جي اليڪشن جو انچارج ڀرڳڙي صاحب رهيو. ضلعي سياست ۾ هن ” ميونسپل اصلاح جماعت “ ٺاهي، پوءِ ساڳئي پليٽ فارم تان ڊسمبر 1952ع ۾ قاضي فضل الله گروپ هيٺ چونڊ کٽيائين ۽ 26 جنوري 1953ع تي کيس ميونسپالٽي لاڙڪاڻي جو صدر چونڊيو ويو، 1955ع تائين تدبر سان انتظام هلايائين، بعد ۾ خانبهادر کھڙي هن اداري کي معطل ڪيو، پر وري 1956ع کان آڪٽوبر 1957ع تائين ٻيھر چيئرمئن مقرر ٿيو. هن لاڙڪاڻي شهر جا روڊ ۽ رستا پڪا ڪرايا. ڀرڳڙي صاحب لاڙڪاڻي ۾ 9 جنوري 1958ع تي ’غلام محمد ٽائون هال ‘ جو بنياد رکيو، جنھن جو افتتاح 23 مئي 1958ع تي تڏهوڪي وزيراعظم ملڪ فيروزالدين نون ڪيو .
1954ع ۾ ون يونٽ ٺھڻ کان پوءِ ڀرڳري صاحب ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندي لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ٿيندڙ جلسن ۾ شريڪ رهيو. هو 1962ع ۾ بي ڊي اليڪشن معرفت ويسٽ پاڪستان اسيمبليءَ جي چونڊ ۾ شھدادڪوٽ مان سيف الله مگسيءَ جي مقابلي ۾ اميدوار بيٺو، سرڪاري اميدوار 125، جڏهن تہ هن 90 ووٽ حاصل ڪيا. جنوري 1965ع ۾ ڀرڳڙي صاحب شھدادڪوٽ ۾ مادر ملت فاطمہ جناح جو پولنگ انچارج رهيو. جتان صدر ايوب خان 36 ۽ محترمہ فاطمه جناح 27 ووٽ حاصل ڪيا هئا .
ڀرڳڙي صاحب 1976ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي دعوت تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. پوءِ سندس قابليت کي ڏسندي کيس ” ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻو افيئرس “ جو انچارج بڻائي وزيراعظم هائوس المرتضيٰ ۾ دفتر ٺھرائي ڏنو ويو، جتي شھرين جي مسئلن جي حل لاءِ گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائين. 1977ع جي چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي شھدادڪوٽ مان سنڌ اسيمبليءَ جو بنا مقابلي ميمبر چونڊيو ويو. هو 1977ع ۾ پيپلز پارٽي سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو. جنرل ضياءُ الحق جي دور حڪومت ۾ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سبب پنج ڀيرا گرفتار ٿي جيل ويو. سال 1982ع ۾ پيپلز پارٽيءَ کي الوداع چئي جنرل ضياءُ الحق پاران قائم ڪيل ” مجلس شوريٰ “ جو ميمبر ٿيو. جون 1984ع ۾ کيس روينيو ۽ ثقافت جو صوبائي وزير مقرر ڪيو ويو. جون 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ اميدوار طور بيٺو ، پر سوڀ ماڻي نہ سگهيو. اهڙيءَ طرح 1995ع ۾ محترمہ بينظير ڀٽو جي وفاقي حڪومت ۾ اعزازي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو. ڀرڳڙي صاحب ” لاڙڪاڻي سٽيزن ڪلب “ جو1977ع کان 1982ع تائين لڳاتار پنج سال صدر رهيو، ان بعد 1982ع کان ڪلب جو سرپرست اعليٰ رهيو .
1960-1965ع تائين پنج سال سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر رهيو. هن لاڙڪاڻي مان هفتيوار ” انصاف “ اخبار جاري ڪئي. 22 آڪٽوبر 1949ع تي ٻن ڏينھن لاءِ منعقد ٿيندڙ ” آل سنڌ جميعت شعراءِ سنڌ ڪانفرنس “ جو جنرل سيڪريٽري بہ رهيو. هو 9 ، 10 اپريل 1955ع تي منعقد ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي استقباليہ ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو .
عبدالغفور ڀرڳڙي، قائد اعظم محمد علي جناح بابت هڪ تحقيقي ڪتاب ” ساٿ ڌڻي سرواڻ “ ( 1994ع ) لکيو آهي . جيڪو هندوستان جي مسلمانن جي حالت بابت تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس هڪ ڪتاب ” زندگيءَ جو سفر “ نالي سان شاهہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ هن روميءَ، اقبال ۽ شاهہ لطيف جي ڪلام جو تقابلي جائزو ورتو آهي. هن 1983ع ۽ 1995ع ۾ اقوام متحدہ جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪئي. ڀرڳڙي صاحب انتھائي هوشيار، قانوني ماهر، قرب ۽ اخلاق جو نمونو ۽ قومي جذبي سان سرشار اڳواڻ رهيو آهي. هن لاڙڪاڻي شهر ۽ عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪئي. صاف سٿري سياست جو قائل رهيو ھئو. هن محترمہ بينظير ڀٽو جي خواهش تي شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب “ Falcon of Pakistan ”  پڻ لکيو .

عبدالماجد ڀرڳڙيءَ تي ھي ليک سندس ڪتاب جو ھڪ باب آھي، جيڪو ھتي رکيو پيو وڃي.