ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوسواگت

سواگت

اٺ ڏينھن گذري چڪا ھئا، جڏھن ومل ھڪ ڳوٺڙي ۾ پنھنجو خود درشن ڪري آيو ھو، کيس محسوس ٿيو ھو، سندس نرجيو سرير ۾ سجيو آتما جو چنڊ لٿو ھو. ان جي آنند جا ذرڙا، اڃا به سندس ساري سرير کي، ڪپھه جي ريشي جيان ويڙھي بيٺا ھئا.

ومل جنھن مھل ريل مان لھي، ڳوٺ تي نظر وڌي ھئي، تنھن مھل کيس احساس ٿيو ھو ڳوٺ جي اونداھيءَ جو، جيڪا ڪٿي ڪٿي ٽنگيل، راه جي بتين جي روشنيءَ کي گم ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ڪري رھي ھئي. کانئس ٿڌو ساه کڄي ويو. سگريٽ جو ڪش ھڻي، بلبن ڏي وري ھڪ نظر اڇلايائين. من ۾ چيائين، 'مون ۾ ۽ ھنن ويچارن بلبن ۾ ڪھڙو فرق آھي؟' بلب مون وانگر سمجھن ٿا ته سندن اندر ڪوئي سورج لڪل آھي، جو انڌڪار کي ڀڄائي ڪڍندو، مگر انڌڪار، ڪيئن نه پوريءَ طرح کين ويڙھي ويو آھي! انڌڪار جي مدد لاءِ ته ڪو ھيڙي جو لشڪر به اچي نڪتو آھي.
ھن ننڍڙيءَ اسٽيشن تي به ڪولي ڪٿان اچي پرگهٽ ٿيو! چيائين، "سامان کڻان صاحب؟"
ومل ڪوليءَ جي منھن ۾ نھاريو، "سامان؟... سامان کڻندين؟... ھڪ بئگ ئي ته آھي... اڇا ھل، ليڪن ڪنھن سٺيءَ ھوٽل ۾ وٺي ھل... سامان کڻڻ جو نه سھي رستي ڏيکارڻ جو ئي سھي ڪجھه ته ضرور ڏبو توکي."
"پھريون ڀيرو آيا آھيو؟.."
ومل وٽ ھزار اَنديشا ھلي آيا ھن سوال تي. پر پنھنجي ننڍڙيءَ بئگ اندر رکيل، خسيس رقم جو سوچي کلي ڏنائين، چيائين، "پھريون ڀيرو آيو آھيان ان ڪري ئي ته رستي جي خبر ڪانھي. ائين ته ڪٿي هڪڙو منھنجو پوڄاري رھندو آھي..."
"ڪھڙي مندر ۾؟"
"مگر ان وٽ مون کي ھلڻو ئي ناھي."
"ڇو سيٺ؟"
"ڀائي! توکان ڇا لڪايان؟ پوڄاري ڪنھن ڪنھن وقت پنھنجي اشٽ ديو کي اھڙيون ست سريون ٻڌائيندا آھن جو ھو سڄو پٿر ٿي ويندو آھي."
ڪوليءَ چيو "ديوتا پٿر جو ئي ته ھوندو آھي. نه ته پوڄاري کيس پوڄي ئي نه سگهي جيڪر. منش ديھي ته مل موتر سان ڀري پئي آھي، ڪير ڪندو ان جي پوڄا سيٺ؟"
"واه واه" ومل ڪولي ڏي نظر اڇلي. قدآور ڪوليءَ جي، ڳاڙھي پٽڪي مٿان اٽئچي، ھڪ عجيب پاڇو، ھر بتيءَ ھيٺان لنگهندي ومل جي آڪار سان ملي ساه منجھائي پٺتي ھليو ٿي ويو يا ساڪار روپ ڪولي اڳيان ھلندو ٿي رھيو، ڳوٺ جي کاٻڙ کوٻڙ رستي تان.
سگريٽ جي پڇڙي، ننڍڙن ٻوٽن جي جھنڊ اندر اڇلي، ومل من ئي من ۾ کجي چيو، "ڪھڙو بيڪار ڪم مليو آھي ھڪ ليکڪ کي! آدم شماري... ڇي... ۽ ٽرين جو ھيترو بي ٽائيم ھجڻ... ڦو..."
ھڪ ڪچي روڊ تي پھچي ڪوليءَ چيو، "صاحب ھيءَ ئي ھوٽل ھتي سڀ کان سٺي ھوٽل اٿو."
ڪولي بئگ مٿي تان لاھي ھٿ ۾ جھلي.
ومل کانئس بئگ وٺي سندس تريءَ تي ڪجھه رپيا کڻي رکيا.
ڪوليءَ صاحب جي منھن ۾ نھاريو.
ومل چيو، "اڃا ڪجھه کپئي؟ بئگ ڳري ته ڪانه ھئي."
"نه نه صاحب اھا ڳالھه ناھي. توھان جي ڪمري ۾ رکي ڏيانو؟"
"بس بس گهڻو ٿيو." چئي ومل مئنيجر سان ڳالھائڻ لڳو. ڏٺائين ڪوليءَ در تائين ويندي ويندي تري کولي رپين کي چمي ورتو.
"نالو لکايو.." مئنيجر ڪتاب کوليو.
"ومل.."
"ڀر ۾ ويٺل نوجوان جي چانھه جو ڪوپ پليٽ ۾ چانھه اوتيندي ترڪي ويو ۽ پٽ ۾ ٻه ٽڪر ٿي يو.
ومل جي نظر جوان طرف وئي ته جوان اٿي بيٺو، "ومل... ليکڪ؟"
ومل کلي چيو، "ليکڪ ته ڪوئي ٻيو ومل ھوندو، فلحال ھي بندو ته آدم شماري وٺڻ لاءِ توھان جي ڳوٺ ۾ پڌاريو آھي."
"ليڪن توھان جو نالو به ومل آھي. بس ڏاڍي خوشي ٿي،" جوان وڌي اچي ومل سان ھٿ ملايو.
ومل کيس ڀاڪر پائڻ چاھيو، ھيڏي ڌارئي ڳوٺ ۾ ڪوئي ته پنھنجو ھو، ڪوئي ته سنڌي ھو، ۽ 'توھان جو نالو به ومل آھي، بس ڏاڍي خوشي ٿي.' ومل من ۾ چيو، 'خبر ناھي ڪھڙو عجيب ناتو آھي ھن ماڻھوءَ جو و مل سان!'
"ويھو چانھه پيئو!.."
ومل ڪرسيءَ تي ويھي رھيو.
"ومل منھنجو پريه ليکڪ آھي... توھان ڪڏھن سندس ناول ۽ ڪھاڻيون پڙھيا آھن؟"
"منھنجو پريه ليکڪ به ومل ئي آھي. خاص ڪري نالي ڀائي جو آھي."
"اڇا؟" اجنبيءَ ھٿ ملايو. "توھين ھتي ڀلا ڪيئن رھندا؟ رھي ته ويندا، پر منھنجي گهر ھلي رھو."
"توھان جي گهر؟"
"عجب کائڻ جو ضرور ڪونھي. مس ته ڪوئي سنڌي ھن ڳوٺ ۾ اچي ٿو ۽ ھتي گهر ئي گهڻا آھن سنڌين جا، بس آڱرين تي ڳڻڻ جيترا."
چانھه پيئڻ جي وچ ۾ ايتريون ته ڳالھيون ٿي چڪيون، جو ومل خود ئي اٽئچي کڻي اجنبيءَ سان ھلڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو.
گهر ته ڳوٺ جي نموني کان بلڪل ابتڙ ھو. شھر جي سکن جي ھر چيز ميسر ھئي، باٿ روم ۾ ٽائيلس ۽ ڪموڊ، ورانڊي ۾ چينيءَ جي گينڊي، منھن ڏسڻ لاءِ آرسي، پاسي ۾ برش رکڻ لاءِ جاءِ، صابڻ لاءِ پلاسٽڪ جو لوٽو، گهر جوسارو فرنيچر اڇي فارميڪا سان چمڪيل، ھڪ روم ۾ ھڪ صوفا سيٽ به پيل ھو. پٽ تي ايراني غاليچو، ھڪ ڀت ۾ شيشي جو ڪٻٽ ھو، جو سڄو ڪتابن سان ڀريل ھو. ومل ڪتتابن کي جاچڻ لڳو. ته اجنبيءَ چيو، "ھي ڏسو ومل جي ليکڪن جو سڄو سيٽ مون وٽ آھي. سندس سڀ ناول ۽ ڪھاڻي سنگرھ ڏسندا. جن ۾ ومل جي ھڪ به آکاڻي ھوندي، سا مخزن مون وٽ ضرور ھوندي."
ومل سگريٽ دکائي. اک ماري پڇيو، "تو ته پريتما وانگر پيار ڪيو آھي، پر ڄاڻين ٿو ته شھر ۾ سندس ناولن ۽ آکاڻين تي نڪته چيني ڪندي تنقيدنگارن کنڀ کنڀ پٽي رکيو ھوندو؟"
"آه" اجنبي ٿڌو ساھه کنيو.
"ڏسجي ويھي، ومل تمام گهڻو ته ڪونه لکيو آھي."
ڇاتيءَ تي ھٿ رکي اجنبيءَ چيو، "آه، مون لاءِ ته سندس ھڪ ناول ئي بس ھو ! موھت ٿي پيس سندس لکڻيءَ تي."
"اھڙي ڪھڙي ڳالھه آھي ھن ليکڪ جي، جيڪا توکي خاص وڻي آھي؟"
"ڪمال آھي، خود سندس فئن ھوندي به توھين سندس لکڻيءَ جي جادوءَ کي سمجھي نه سگهيا آھيو؟ يا اڳ ٿا وٺو؟"
"مان ته کيس رواجي ليکڪ سمجھندو آھيان."
"دوست! ھن ليکڪ جيڪا سمجھه ۽ پريم جي دنيا مون کي ڏ ني آھي نه، سا ڪوئي ليکڪ نه ڏئي سگهيو آھي."
ومل کي پيار اچي ويو ھن اجنبي شخص تي،. کلي پڇيائين، "تون ڇا ٿو سمجھين، تنھنجو ليکڪ ڪيتري عمر جو ھوندو."
"ھوندو ٽيھن سالن کن جو..."
ومل جي اندر مان ھڪ گرم گرم ڪش ٻاھر نڪتو، "ڪاش مٿي جي وارن ۾ ھيترن اڇن وارن جو فصل نه لڳل ھجي ھا." ومل جي من ۾ آيو 'ھڪ وار ئي ڏيان، مان آھيان ومل... ليڪن نه، ائين ڪرڻ سان ھڪ مزو ھليو ويندو. ھڪ پاٺڪ جي تصور ۾ ھڪ پريه ليکڪ جي جوان مورتي اچانڪ ئي ٻڍي ٿي ويندي. دل جي ھڪ گهري جذبي تي قابو پائيندي ومل چيو، "دوست! تون جنھن ليکڪ جو شرڌالو آھين، ان کي ڪڏھن ڏسڻ جي ڪوشش به نه ڪئي اٿئي؟"
"ڪاش مان کيس ڏسي سگهان، ڪاش ھو ڪنھن فلم ۾ پارٽ ڪري ۽ مان اھا فلم گهرائي، ھتي جي سڀني مٺ ڀر سنڌين کي فري ڏيکاريان."
ومل جو سارو تن بدن ڪنھن جذبي سان ڪناٽار ڀرجي ويو. کلي چيائين، "ڇا پيو ڏسين پيارا!"
پوڄاريءَ به مرڪي چيو، "سوچيان پيو جنھن ديوتا کي توھان جھڙا پاٺڪ نصيب ٿيا آھن جن جي منھن ۾ ھيڏي مڻيا آھي، سو ليکڪ ڇا ھوندو! اچڻو ئي پوندو مون کي توھان جي شھر ۾."
چانھه سان ڀريل پليٽ ۾ اڃا به ڇت وارو بلب چمڪي رھيو ھو. ڳوٺ مان آدم شماريءَ جو تعداد لھي آيس. اڄ پوڄاريءَ جي ڀاو ڀري ياد چانھه جي پليٽ ۾ چمڪي اٿي آھي!

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا