ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوسرءُ جي مند

سَرءُ جي مُند

تڏھن ھي سڀ ھوئي ڪين، ھيڏو ھال اڌ ڀت تائين گولائيءَ ۾ ٺھيل صوفا، ڏائي پاسي اٺن ڪرسين سان ڊائيننگ ٽيبل، ڇت ۾ ٻه جھاز ۽ انھن جي وچ ۾ ھيڏو وڏو پکو. ائين ته ڏائي پاسي واريءَ ڀت ۾ ھڪ ائرڪنڊيشن به ھڻائي ڇڏيو اٿم. مٿس فارميڪا جي پٽين وارو طاق ائين لڳو آھي ڄڻ ڏائي پاسي واريءَ ڀت جي ڪٻٽن مان ھڪ ڪٻٽ آھي... پر اھو وقت ئي ٻيو ھو، جڏھن سنڌ مان لڏي آيا ھئاسين.

گهر به ھي ڪين ھو، تڏھن، ننڍڙي بئرڪ ھئي. مون ٻاھر پئي ساھڙين سان راند ڪئي. سڀاڳچند اسان جي گهر جي دڪيءَ تي پير رکيو ته مان به سندس ھٿ ۾ ھٿ ڏئي راند ڇڏي وڃڻ لڳس. سھميل ماٺيڻي لھجي ۾ سڀاڳچند چيو، "ڪيئن آھين سوني؟"

مون ڪنڌ مٿي ڪري ڏانھنس نھاريو، ھو چپ چاپ مرڪي رھيو ھو. ذرا پٺيان منھن ورايم، ساھيڙيون راند ڦٽي ڪري وڃي چڪيون ھيون. منھن اونداھي ته ھونئن ئي ٿي وئي ھئي. مون وري دڪيءَ تي پير ھيٺ پير مٿي ڪيل سڀاڳچند ڏي ڏٺو. ائين پئي لڳو ته سندس مرڪ ڄڻ پٿر جي مورتيءَ ۾ ھميشه لاءِ اڪرجي وئي آھي.

"ڪيئن سوني... اڄ مان وڌيڪ سٺو ٿو لڳان نه؟" اوھ، ھاڻي وڃي منھنجي نظر سندس ڪپڙن تي پئي. نئون سبايل گري رنگ جو چوڙيدار پاڄامو ۽ ڪرتو پائي آيو ھو سڀاڳچند.

سندس ھٿ ڦٽو ڪري، مون وات تي ھٿ رکي وٺي ٽھڪ ڏنا، "وائو، توھين ته اڄ ننڍا ٿي پيا آھيو، بلڪل چوڏھن سالن جا... نه، توھين چوڏھن جا نه. چوڏھون ته منھنجو شروع ٿيو آھي. توھين پنڌرھن جا ٿا لڳو."

"ته مان آھيان نه پسند." سڀاڳچند مون کي ڳراٽڙي کڻي پاتي.

ان مھل مون کي ڇا ٿيو، مان اڄ به چئي نٿي سگهان. مٿي ۾ گهمراٽي، ڇاتيءَ ۾ دڪ دڪ، فقط اھي ٻه ڳالھيون ياد آھن. منھنجي ماءُ اچي دروازو کوليو، تيستائين سڀاڳچند مون کي ڳراٽڙي پائي ھٿ ھٽائي ڇڏيو ھو. منھنجي ماءُ سڀاڳچند جي اندر گهڙنديئي، ھٿ سان کٽ جي نوھار مٿان پيل ڪچري کي صفا ڪيو ۽ کيس وھڻ لاءِ چئي، ڀر ۾ بيھي رھي. مٿي تي رئو اڃا به ھيٺڀرو کسڪائي چيائين، "اڄ ڪڪيءَ کي ڀلي وٺي وڃو شيوا تي، سڀاڻي کان وٺي ڪانه ھلي سگهندي."

سڀاڳچند جو منھن ننڍو ٿيندو ڏسي، منھنجي ماءُ چيو، "ٻي ڪائي ڳالھه ڪانھي، سونا جي اڄ پڪ ٿا ڏيون."

"ڇوڪرو پنھنجي آس پاس جو آھي؟"

"نه ڪٽنيءَ کان دروءَ جن جو مامو آيو آھي. ڀريو ڀڪليو گهر آھي، زال کي گذرئي اڃا ڇھه مھينا ٿيا اٿس."

"ٻار؟"

"ٻه آھن، پر ڏاڏي، ناني ويٺيون اٿن سنڀالڻ واريون."

"پر عمر به ھوندي... ڪم چڱو ته نه ٿيو."

"توھان کي ته خبر آھي اسان جي ڪنيءَ جي. وڏيون ته چئن چئن ٻارن تي ڏنيون اٿم. ويچارن ورتي مون کان ڪوڙي پائي به ڪين..." ڊگهو ساھه کنيو امي.

"ته... ڀلي اڄ ڪئمپ ۾ کير ورھائي اچون؟"

"ھا، ٻاٽليون سويل رکي وئي آھي کير واري."

اسين کير جون ٻاٽليون کڻائي ڪئمپ جي وڌوائن واري ٽڪر ۾ آياسين. ھڪ ھڪ گهر ۾ ھڪ ھڪ ٻاٽلي ڏئي رھيا ھئاسين، جو مون پڇيو، "پاري دادي ڇو ڪانه آئي؟"

ٿورو منجھي سڀاڳچند چيو، "چوي ٿي اڄ کان وٺي نه اينديس."

کير ڏئي موٽي رھيا ھئاسين ته سڀاڳچند پڇيو، "ته تون برابر ٻڍي سان شادي ڪري ويندينءَ؟"

ٻڍو اکر نئون ھو. ٻيو سڀ ته مميءَ به چيو ھو، دڪ دڪ ٿيڻ لڳي ڇاتيءَ ۾، 'ٻڍو ٻڍو ٻڍو.' منھنجو پيءُ اچي اکين اڳيان بيٺو. 'اڇا وار، اڇيون مڇون، منھن ۾ گهنج...'

وڌوائن واري ڪئمپ کان موٽياسين پئي ته چندرو ماما اسان ٻنھي کي سڏ ڪيو. دڪان اڃا ان مھل کوليائين ويٺي. ھڪ تھه ٿيل ڪپڙو اڳيان وڌائي چيائين، "سوني ڌيءَ، ھيءُ ٽڪر کڻي وڃ، فراڪ سبائي پائج."

"ڇو ماما؟"

"نياڻيءَ کي ڪجھه ڏبو ته برڪت پوندي."

"وٺ ڇوري وٺ." سڀاڳچند کلندي منھنجي چوٽي پٽي چيو، "ماما ٿو ڏيئي. نئون فراڪ ٿو مليئي."

مون ڪپڙو جيءَ سان جڙي وٺي گهر ڏانھن ڊڪ پاتي، اميءَ جي نظر گهٽ ھئي. نوھار جي کٽ جي ڪنڊ تي ويٺي مالھا ڦيريائين. مون ڪپڙو ڳو ٿڙيءَ ۾ وجھي رکيو.

ماءُ چيو، "روٽي ٺاھي اٿم. پٽ گهر کي چوئنڪو ڏئي، سگهيرڙو کائي وٺ، مھمان ايندا ته ٽول ڍنگ به توکي ئي وٺي اچڻو پوندو. ڇورا ته ٽيئي وڙھي ويا آھن، سي الاجي ڪيڏي مھل اچن..."

بابا پريان ھڪ پراڻيءَ آرام ڪرسيءَ ۾ کڙو ٿيندي کنگهڪار ڪئي.

'ٻڍو ٻڍو ٻڍو.' اندر ۾ انھيءَ ھڪ لفظ مانڌاڻي کڻي وڌي.

مون چوئنڪو ڏنو، ماني کاڌي. ڪڙي واري ڦوٽڙي کنئين ۽ گم ٿي ويس. شام گذري، رات گذري مان نه موٽيس. ٻئي ڏينھن منجھند جو جڏھن گهر موٽيس، تڏھن اکيون ڦاٽي ويون سڀني جون! گهر سڄو پوليس چونڪي بڻجي پيو ھو.

"ڪيڏانهن وئي ھئينءَ ڇوري؟" ماءُ چوٽي پٽي.

"ڪھڙو ڪارو منھن ڪرڻ وئي ھئينءَ؟" وڏيءَ ڀيڻ ٿڦڙ ھنيو.

"وڃايئه نه سڄي گهر جي پت؟ ڪھڙو منھن کڻي ڪئمپ ۾ جيئنداسين؟" ٻيءَ ڀيڻ رڙ ڪئي.

ڀاءُ اکيون ڦوٽاري اڳيان بيھي ڏڪايو، "اڙي ڳالھه ڪر نه ڪھڙي بدمعاش سان ڀڳي ھئينءَ؟"

ٻئي ڀاءُ آھستي چيو، "سڀاڳچند سوشل ورڪر ته سڄو وقت ڪئمپ ۾ ئي ھو."

ھاڻي منھنجو به پارو چڙھي ويو. ھٿ واري ڦوٽڙي اڇلي کٽ تي وڃي اونڌي منھن سمھيس. چيم"نٿي ٻڌايان، نٿي ٻڌايان." ۽ رڙيون ڪري رئڻ لڳس.

سڀ پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھئا ته ڇوڪريءَ کي جيڪي ڏسڻ آيا سي ته ويا ھليا، پر پاڙي ۾ ته اھا خبر باھ وانگر پڄرائي ويا آھن ته ڇوڪري شايد ڦٽل آھي. ھاڻي سچي ڪيئن ڪرائجيس... مار ڏجيس...

ان وچ ۾ بابو ڌيري ڌير يپنھنجي پراڻيءَ آرام ڪرسيءَ مان اٿي، منھنجي ڀر ۾ اچي کٽ جي ايس تي ويٺو. منھنجي مٿي تي ھٿ گهمائي چيائين، "پٽ ڳالھه ڪر نه، رات ڪٿي ٽڪي ھئينءَ؟ کاڌو رکي ڇڏيو ھوسين تولاءِ."

"کاڌو؟... بک ته ڏاڍي لڳي..."

بابي مون کي آرستو اٿاري، ھلي رڌڻي ۾ ماني کارائي. سڀني ماٺ کڻي ڪئي. پر نگاھ قيديءَ تي ھئن. مان رڌڻي مان ٻاھر آيس ته سوالن جي ٻي بوڇاڙ شروع ٿي وئي. "ھيءُ ڦوٽڙيءَ وارو ڪپڙو ڪنھن ڏنو توکي؟ ڇو ورتئه؟... ڪنھن کان ورتئه؟ ٻڏي نه ٿي مئينءَ.."

ھينئر ته وايو منڊل ھڪ زھ ڪشيل ڪمان بڻجي پيو. اوچتو منھنجي ساھيڙي چندري اچي اسان وٽ پھتي. وڏيءَ ڀيڻ يڪدم سوال ڪيو، "ڇو آئي آھين تون، چندري؟"

چندري سھمجي ويئي. آھستي چيائين، "دادا سڀاڳچند مڪو آھي."

مون سندس فراڪ کي ھٿ لائي چيو، "توکي ڪنھن ڏنو ھيءُ فراڪ؟"

"چندرو ماما"

"مون کي به ڏنو اٿس. تو ڪنھن کان سبايو."

چوڄ مان مون کي ٺونٺ وٽ ٻڻانھن وجھي چندريءَ چيو، "منھنجي ڀيڻ، توکي به سبي ڏيندي. چندرو ماما چيو، اٺن نياڻين کي فراڪ ڏيندس."

"ھان"، مون سڀني جيلرن ڏي نھاريو. سندس اکين ۾ تارا ڦري گهري رھيا ھئا.

"مگر رات سڄي ڪيڏانھن ويئينءَ؟" وڏي ڀيڻ رڙ ڪئي.

"ماسي پپان وٽ." ڊپ ۾ ڄڻ گولي ڇٽي مون کان.

"لک لعنت ھجيئي" وڏيءَ ڀيڻ ڀونڊو گهروڙيو منھنجي منھن ۾. پر ڪمان جي زھ بلڪل ڍري ٿي وئي. پوءِ به ماءُ مٿي تي ٻه ڌڪ ھڻي چيو، "پر چنڊيءَ کان پڇيو ته سھين ڀڳينءَ ڇو؟"

مان "ٻڍو ماڻھو"... چئي ڊڪ پائي گهر کان ٻاھر نڪري ويس. رستي ۾ فراڪ جو ڪپڙو ياد آيو ته ڊڪندي وري اندر ويس ۽ ڦوٽڙي کڻي ڊڪندي ٻاھر نڪري آيس. ھڪ سٽ لڪ جي جھونڪي وانگر ڪنن ۾ پئينم جا ان مھل ڪا پاڙيواري اميءَ کي چئي رھي ھئي، "مان ته اھڙيءَ ڇوڪريءَ جي چمڙي چيري ڳاڙھا مرچ ۽ لوڻ ٻرڪي ماريانس."

مون ڊڪندي اچي سڀاڳچند جي گهر دنگ ڪيو. سندس زال پاروتيءَ مون کي ڳراٽڙي پائي سمجھايو. "متان ڪرين ٻڍي سان شادي. ھاءِ ڪانه پئي آھي، اھڙا گهڻيئي جوان ڇوڪرا پيا آھن. کڻي ٿورو ڪمائيندا ھوندا. توکي دادھن ڪنھن کان دان ۽ مشين وٺي ڏيندو."

"ھا ھا ڇو نه وٺي ڏبي، اڙي اسان جي سونو ڪا..."

چندريءَ چيو، "مان وڃان ٿي."

مون چيو، "مان به توسان ٿي ھلان."

چندريءَ جي ڀيڻ فراڪ ڇا سبي ڏنو، منھنجي زندگيءَ جي گاڏيءَ کي ڦيٿا ھڻي ڇڏيائين. پڪو پرن ڪري ڇڏيم ته سلائيءَ واري بڻجنديس. سڀاڳچند جي مدد سان مشين اچي وئي. ھاڻي مٺ ڪوسي ھئي. اھو ڏينھن به آيو، جڏھن ڀينرن ڏٺو ماءُ پيءُ کي مان پئي پاليان. چپ سبي ڇڏيائيون. ڀائرن کي گولين ۽ بالن لاءِ مون وٽان پئسا مليا ته مون کان ننڍا اڳيئي ھئا، ھاڻ وڌيڪ ننڍا ٿي ويا.

دادا سڀاڳچند آزاديءَ سان گهر ۾ ايندو ھو، مون کي وٺي ويندو ھو، کير ورھائڻ بند ٿيو ته سڀاڳچند جاين جي دلاليءَ کي لڳي ويو.

مون چيو، "مون کي به جاءِ کپي، مان پئسا جمع ڪندي وينديس، توھان وٽ."

"پھرين ھل شھر ۾ جايون ڏس ته سھي. ڏسون ڪھڙي جاءِ پسند ٿي ڪري سونو."

شھر... جايون... اڌ ٺھيل... سڄيون ٺھيل... مينھوڳي جاين جي کنڊرن ۾ ھيٺ مٿي، سڀاڳچند جي ٻانھن پڪڙي ھلڻ... برسات جون پھريون بوندون... ھيج ڀري کل...

"تون ته کلين ئي کلين پئي، ڪڏھن مون تي به نظر وئي اٿيئي؟"

مون کل روڪي سڀاڳچند ڏي نھاريو. ٻنھي ھٿن ۾ سندس منھن پڪڙي چيم، "چه چه، دادا ڪيڏو منھن لٿل آھي توھان جو."

سڀاڳچند يڪدم کڻي مون کي ڀاڪر پاتو. من کي الاجي ڇو وري دڪ دڪ ٿيڻ لڳي. ڏاڍو ننڍو منھن ڪري چيائين، "توکي ڪھڙي خبر سڀاڳ جو ڀاڳ بلڪل بدلجي ويو آھي."

مون چيو، "ڪيئن. ڇو؟"

چيائين، "پاروتيءَ مون کي طلاق ڏئي ڇڏي آھي."

"مطلب؟ مطلب ھاڻي ڪپڙا ڪونه ڌوئي ڏيندي."

"روٽي به نه ٺاھي ڏيندي؟"

"نه، ڪجھه نه ڪندي منھنجي لاءِ."

"نه ڪري ته نه ڪري، مان ڪري ڏيندي سانو." مون وري سڀاڳ دادا جو منھن پڪڙيو. ھن به مون کي ڀاڪر پائي منھن کڻي منھنجي ڇاتيءَ ۾ ھنيو.

خبر ناھي ان مھل ڪيئن ڪائي سکي ھئي، جا اندر ۾ چوڻ لڳي: 'پرائي مرد کان ڀاڪر نه پارائبو آھي.'

ضدي ته مان آھيان ئي. انھي اندر جي آواز کي کڻي آڱوٺو ڏيکاريم. سڀاڳ دادا مون کي ھڪ ٻانھن سان ڀاڪر ۾ ڀري کلي چيو، "ھي ڇا پئي ڪرين منھنجي ننڍڙي گڏي؟ ڪنھن کي پئي چيڙائين؟"

ھن ڀيري مون پاڻ ڇڏايو، "ائين نه ڪبو آھي دادا!"

مگر اھو 'ائين نه ڪبو آھي' ايترو ڍلو ھو جو سڀاڳچند وري وري مون کي ڀاڪر ٿي پاتو.

مان ھاڻي سندس گهر ۾ کيس ڪپڙا استري ڪري ڏيندي ھيس. پھرين پاروتيءَ جا به ڪندي ھيس. پاروتي نوڪريءَ تي ھلي ويندي ھئي ته ان مھل گهر جي راڻي مان ھئس ۽ راجا سڀاڳچند.

پاڙي ۾ ڪانا ڦوسي ٿيڻ لڳي، ته سونا سڀاڳچند کي ڦاسايو آھي، پر جن جو مون سان چڱو ئي ڏيٺ ويٺ جو رستو ھو، تن ھميشه ائين ئي چيو ته، "سڀاڳچند جا به عجب چئبا، جو ھيتري ننڍڙي ڇوڪريءَ تي اھڙو کڻي جادو ڦيريو اٿس، جو سڄو ڏينھن ڇيلي وانگر پٺيان لڳي پئي ڦريس."

مان پنھنجي ضدي طبيعت سبب ھي سڀ ٻڌي اڃا به وڌيڪ سڀاڳ دادا سان گهمڻ لڳيس. ھيترو ٻاھر نڪرڻ لاءِ سٺا ڪپڙا ضروري ھئا. مشين ته مون وٽ ھئي. سلائي به جھڙي تھڙي آئي ٿي. انڪري سنجھي مان گهر اينديئي مشين ڪڍي پاڙي اوڙي وارن جا ڪپڙا سبي وٺندي ھئس.

صبح جو سويل شيوا جي بھاني سڀاڳچند سان نڪري ويندي ھيس.

جيڪي ڏينھن سڀاڳ دادا ڪنھن ضروري ڪم تي ھليو ويندو ھو. انھن ڏينھن تي مان ڪپڙا سبندي ھئس. گهر ۾ ڪن وقتن تي چانور اٽو به نه ھوندو ھو، تڏھن امي نماڻائيءَ سان پڇندي ھئي، "ڪجھه ڏئي ويون اٿئي اھي ڪپڙا سبائڻ واريون؟ ڏاڍو خون سڪايو اٿن تنھنجو."

"خون ٿيون سڪائين ته ڏئي به سٺو ٿيون وڃن نه."

"ڏسان ته ڇا ڏنو اٿن؟"

تڏھن نوٽن جي ٿھي ڪڍي ڏيکاريندي ھئس ماءُ کي ته چوندي ھئي. "اڄ پڻھين کي دڪان تي ڪونه مڪم. رات سڄي ٽونڪار پئي ھليس. ننڊ ئي ڪانه ڪئي اٿائين. ڀاڻھين کي چوان ٿي، وڃي ھنن رپين مان ڪڻڪ ۽ چانور کڻائي اچي سيڌي واري کان."

مان چپ چاپ پئسا ڪڍي ماءُ جي تريءَ تي رکندي ھئس ۽ وري سبڻ کي لڳي ويندي ھئس.

ھڪ ڏينھن ٻڌم، وڏي ڀيڻ امان کي چئي رھي ھئي، "تون به حد آھين، ڇوڪريءَ کي ڪجھه ميڙڻ ته ڏي ته ڪنھن چڱي گهر ۾ شادي ڪرائي ڇڏجيس. اجائي بدنامي وڌندي ٿي وڃي. سڀاڳچند توھان کي گرو ٿو لڳي، پر جيڪو اسين ويٺا ساھري گهر ٻڌون، سو توھين پاڙي ۾ رھندي به نٿا ٻڌو شايد."

ھي سڀ ٻڌڻ مھل مون ننڊ جو بھانو ڪيو ھو ۽ ائين ئي پيئي رھيس. ليڪن اندر ئي اندر مون کي لڳو مان ھڪ وڏي جنگ جي ميدان ۾ بيٺي ھئس. رپين جو لشڪر ڪٺو ڪري رھي ھئس، جنھن کي وٺي غريبيءَ جو قلعو ٽوڙي اندر داخل ٿيڻو ھو، جتي ڪوئي جوان شھزادو منھنجي سپنن جو راجا قيد ھو. مان کيس ڏيتي ليتي وٺڻ سان مفت جو مال ھٿ ڪرڻ جي زنجيرن کان آزاد ڪري ساڻس شادي ڪنديس.

مگر ٿيو ڇا... اھي اڌ ٺھيل جايون، جن جي ڇت تي ڪو پکي پکڻ به ڪين ھوندو ھو، فقط سڀاڳچند جي شاعراڻي ٻوليءَ سان سھائيءَ جي سنھيءَ چادر ۾ ويڙھجي ويندا ھئا. اسان جا سرير ھوا جي جھونڪن ۾ سانوڻ رت جھڙا گلن سان سينگاريل جھولا نظر ايندا ھئا. ڪنھن پکي پکڻ جي ھلڪي آواز تي به مان ڇرڪ ڀري سڀاڳچند سان چنبڙي پوندي ھئس ۽ ائين اسان ملھايو ھني مون! اڌ جڙيل مڪانن ۾ منھنجي چوڏھن، پنڌرھن، سورھن ورھين تائين زندگي، تڏھن منھنجي ناري سرير اندر سرجنا جو احساس ٿيو. مان سمجھي ويس ناريءَ کي ڌرتي ماتا جو روپ ڇو سمجھيو ويندو آھي. پر اھو سڀ ٻڌڻ سان سڀاڳچند جو منھن لھي ويو، "چيائين انھيءَ سوال کي به ڏسڻو آھي ۽ ھي ٻيو ڪم نڪتو آھي. اسپتال ۾ نرسن جي ڏاڍي کوٽ آھي، منھنجي ھڪ دوست تو لاءِ وڏي پگهار تي نوڪري ڏيڻ جو انجام ڪيو آھي." سڀاڳچند جي وھنوار ۾ ان مھل ايتري نماڻائي ھئي، جو مون ھڪدم ھا ڪري ڇڏي. اڄ سوچيان پئي جنھن سڀاڳچند ور ور ڪري مون کي چيو ھوندو ته مون کي سماج جو ذرو به ڊپ ڪونھي، اھو ان مھل ايڏو ڊنل ھو، جو ان مھل مان نرس جي نوڪريءَ لاءِ اگر ها نه ڪريان ھا ته شايد منھنجي پيرن تي ڪري پوي ھا.

خير، نرس جي نوڪري ته ھڪ بھانو ھو. ڊاڪٽر سڀاڳچند جو دوست ھو. مون کي چيائين، "نرسن جي پھرين ڪجھه تپاس ڪبي آھي"، ۽ مون کي ليٽائي بيھوشيءَ جي دوا سنگهائي ڇڏيائين.

ان ڏينھن شام تائين نرس جي ڊيوٽي ڏيڻ بدران مان خود ئي نيم بيھوشيءَ ۾ اسپتال ۾ پئي ھئس. ھي سڀ ڇا ھو؟ ڇا لئه ھو؟ اھو به اڄ ٿي سمجھان، ڇو ته ھفتي کن اندر ئي مون کي چيو ويو، ھاڻي اسپتال ۾ نرسن جي کوٽ ڪانھي، تون ڀلي سلائي ڪري پنھنجي آجيوڪا ڪڍندي ڪر.

سڀاڳچند پري پري ھلي مسواڙ تي ھڪ گهر ورتو ھو. ھاڻ ھو جاين جي دلاليءَ مان چڱو ڪمائڻ لڳو ھو. پاروتيءَ کي پنھنجي ٻن ٻارن سوڌو گهر ۾ ڇڏي سڀاڳچند پنھنجي نئين گهر ۾ مون سان گڏ رھڻ لڳو. مان رات جو ھميشه ماءُ وٽ ھلي ويندي ھيس. پھرين ته ڀينرن ڏاڍا ڀنڻ ڪيا. پر جڏھن ڏٺائون مان روزانو امان کي، ننڍن ڀائرن، ننڍي ڀيڻ جي پالنا لاءِ خرچ ڏيڻ لڳي آھيان، تڏھن چپ ٿي ويون. ڪڏھن ڪڏھن تڏھن به ٽڙڪاٽ نڪرندا ھئا. ڄڻ لال لوئي ته سڄي رات جلي پوري ٿي ھئي، پر ڪٿي ڪا ڪاٺي ٽانڊو بڻجي رک ۾ ڍڪي پئي ھئي، جا واءُ لڳڻ سان رک اڏامڻ تي چمڪاٽ ڪري چئي ٿي وئي، 'سونا سڄي ڪين سڙي رک ٿي آھي، سندس جيءُ اڃا به ڄر ورتو آھي!'

نئين گهر ۾ سڀاڳچند کي رڌي پچائي کارائڻ پيارڻ ۾ مون پاڻ هڪ گهر گرھڻيءَ جي روپ ۾ قبول ڪري ورتو. پر وري ھي ڇا ٿيو منھنجي اندر!... سڄي جان جنگ جو ميدان بڻجي ٿي وئي، جتي لٽيل ڦريل جھانسيءَ جي راڻي ٻاڪاري ٿي اٿي، 'اڙي غدارو! منھنجي سوڀ جي رپين جو لشڪر، جن جن پنھنجين ٽجوڙين ۾ بند ڪري رکيو آھي، تن تي شل دوزخ جي باھ وسندي. منھنجي ڌرتيءَ جو شھزادو اڃا به ڏيتي ليتيءَ جي لالچي ڪوٽ اندر قيد آھي. ۽ مان آھيان جا غلاميءَ جون زنجيرون، غريبيءَ جا پيڪر ٽوڙي نٿي سگهان...!'

خبر ناھي ڪيئن منھنجي اندر جي بي آراميءَ جي ڄاڻ سڀاڳچند کي معلوم ٿي وئي. ھن ھڪ ڏينھن مون کي ڏاڍو ڌمڪايو، "ڇاھي اھو سڀ؟ ڇاجي بي آرامي؟ ڇا لئه ھيڏو رودن مچايو اٿئي..؟.. مون توتي ڪو ٻنڌن ڪين وڌو آھي. توکي ھر طرح سکي رکيو اٿم. ڪھڙي گهر جي ڇوڪري آھين... ياد ڪر اڄ تنھنجي ڪٻٽ ۾ ڪيڏا وڳا ٿا لٽڪن؟ مڻيا به گهٽ ڪونه اٿئي. تون پائين نه ٿي، اھو ٻيو سوال آھي. باقي سونا چوڙا، منڊيون، سونا والا ھرڪا چيز ته ٺھي وئي آھي تنھنجي. تنھنجي ڀيرن کي ڇا مليو آھي؟ ٻڍا مڙس، ماٽيجو اولاد، کڻي ھڪ ٻه سڳو به اٿن، پوءِ ڇا؟ پونگڙا ته ڪتن ٻلين کي به آھن..."

رودن ڪٿان اچي ٻوڏ جي چڙھائي شروع ڪئي مون وٽ! رڙي چيم، "سڀاڳچند مان خود به نه ٿي سمجھي سگهان، مون کي ڪھڙو دک آھي.."

"شڪ جي باھ ۾ سڙندي ھوندينءَ، سمجھندين ھوندينءَ ته مان پاروتيءَ وٽ ويندو ھوندس، جو ٻارن جي پرورش کي پنھنجو فرض سمجھي ڪجھه کين ڏيان ويٺو..."

ڄڻ منھنجي ھٿن جا ڪبوتر اڏامي ويا، مون کي ته خبر به ڪين ھئي ته سڀاڳچند ٻارن جي پڙھائي لاءِ زال کي مدد ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. ھاڻي شڪ جاڳيو ته ڪڏھن ڪڏھن سڀاڳچند مون کي خالي گهڙي وانگر ڇو لڳندو آھي. ٻارن جو فرض آھي ته زال لاءِ ته انھن کان وڏو فرض آھي. پر مان اڃا ڪجھه چوان ئي چوان سڀاڳچند رڙ ڪري چيو، "سوچ، ڪيڏيون گلائون ٻڌندي به توسان نڀايو اٿم، توسان ناتي کان پوءِ پاروتي ڏي ڪڏھن اک کڻي به نه نھاريو اٿم ۽ تون آھين جا مون کي بلا وانگر پي وئي آھين..."

خبر ناھي ڇا ڪجھه ھو ھن جھڳڙي جي اندر. مون ماءُ جي گهر پھچي، پاڻ سان انجام ڪري ڇڏيو ته وري ھن در تي نه اينديس.

مون چيو، 'بلا وانگر پي وئي آھين سڀاڳچند کي؟ پر مک کولي ڏس! پياسو خشڪ چپن وارو ھي تنھنجو ئي ته مک آھي جو امرت لاءِ واجھائي رھيو آھي. پياس رودن ڀري ڇڏيو آھي تنھنجي ھانو ۾....'

تڏھن سر جي موسم اڃا ڪين شروع ٿي ھئي. منھنجي سرير جي ڌرتيءَ تي بھار جي مند، گل ڦل باغ بھارون لايو بيٺي ھئي. ٽيھن کان مٿي ھوندي منھنجي عمر، جڏھن ليلان داديءَ جو ڀاءُ رمو، ھڪ ھڙ ۾ ڪجھه ڪپڙا مون وٽ ڇڏي وڃڻ لڳو.

"اڙي ڀائي ھيڏانھن ھيڏانھن، ڪجھه سمجھاءِ ته سھي ڪھڙي ڪھڙي ڪپڙي مان ڇا ڇا سبڻو آھي."

رمو منھنجي سامھون مشن وٽ بيھجي ويو آھي. سڌو سڌو منھنجي اکين ۾ ڏسڻ لڳو. منھنجي من جي درا ۾ ھڪ مڇليءَ اڇل کاڌي "اڙي شھزادا"!

ڪجھه دير کان پوءِ رموءَ جي تاب جڏھن منھنجي نظرن کي جھڪائي ڇڏيو، تڏھن چيائين، "اھو سڀ ليلان اچي ڪندي." مان چپ رھيس. ائين به ڪونه پڇيم "اھو سڀ" ڇا؟ ليڪن اھڙي ڪا مورڇا مون تي چڙھي وئي ھئي، جو ڪجھه به ڪڇي ته نه سگهيس، پر رموءَ کي وڃڻ کان روڪي به نه سگهيس.

ٻئي ڏينھن صبح جو ليلان ۽ رمو منھنجي گهر آيا. ليلان چيو، "ھي منھنجو ڌرم جو ڀاءُ ڏٺئه سونيا، بس چريو ٿي پيو اٿئي توتي."

مان کلڻ لڳيس. پري ڪٿي زندگيءَ جي سڃيين وادين ڏي ڏسندي چيم، "واھه ڀائي ليلان! ڏاڍا وڏا چرچا پئي ڪرين مونسان... ھل ڀلا ٻڌاءِ ھنن ڪپڙن مان ڇا ڇا تيار ڪرڻو آھي..."

انھن ڪپڙن جي سلسلي ۾ رموءَ روز اچڻ شروع ڪيو. چيائين، "شھر ۾ ھل ته توکي ھڪ دوست کان پيٽيڪوٽن سبڻ جو آرڊر وٺي ڏيانءِ. بس توکي ڪم ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوندي."

"عجيب ڳالھه پيو چوين رمو! آرڊر لاءِ ڪم نه ڪبو ته آرڊر پورو ڪيئن ڪري ڏبو."

"سونيا! ڪم ايترو سولو ۽ گهڻو ملندو، جو ٻه مشينون رکي ماڻھو ڪم تي لڳائي، تون ٻيا آرڊر وٺڻ نڪري پئج."

"ائين؟" مون کي لڳو منھنجي پيرن ھيٺان ٻه لڪڙيون کڙيون ڪيون ويون آھن جن تي بيھي ھاڻي آسمان کي به ڇھي سگهنديس. "ليڪن رمو ھڪ ڳالھه ٻڌاءِ، محنت ھو ڪندا روز ٢٠ روپين جي مان جڏھن کين ڏھ ڏئي ڏھ پاڻ وٽ رکنديس، تڏھن مان ٻيا آرڊر وٺڻ نڪرنديس. اھا ٺڳي ناھي؟"

"اھو ته دنيا جو دستور آھي، نه ته دنيا ۾ جاين جوڙڻ وارا مزور غريب ڇو ھجن. جھوپڙين ۾ ڇو رھن..."

"بس بس ٻيا وڌيڪ مثال نه ڏي، مان ھن سلائيءَ ۾ ئي خوش آھيان. ٻين جي محنت رت ڪري کان تنھن کان ته.." منھنجا لفظ وات ۾ ئي رھجي ويا. رموءَ جي شڪل ايتري لھي وئي، جو مون کي کل اچي وئي..! "چيم تنھنجو بئروميٽر ڇو ھيٺ ٿي ويو رمو؟"

مٿي ڇت ڏي ڏسندي رموءَ چيو، "ڪنھن جي دل جي ڪنھن کي ڪھڙي خبر..!"

اھا 'ڪنھن کي' اکر مان آھيان ته رموءَ جھڙي شخص تان ته قربان ٿي وينديس. رموءَ کي به ڪھڙي خبر ته سندس جھڙي سھڻي موھيندڙ شخص لاءِ مان ڪيڏو تڙڦي ھئس ۽ ڦاٿيس وڃي سڀاڳچند جھڙي پاڻ کان وڏي پيءُ جيڏي شخص جي چڪر ۾...!

سمو اچي ويو جڏھن زندگي ھندرو بڻجي پئي. گهر جو ھڪ روم صاف ڪري پھرين ٻه مشينون، تن لاءِ ٻه ڇوڪريون رکيم. آرڊر وڌيا ته پيٽيڪوٽن سبڻ لاءِ چار مشينون رکيم ۽ مان ھئس رموءَ سان گڏ، بمبئيءَ جي شاھي رستن تي، ھوٽلن ۾، باغن ۾، ريلوي پلين جي مٿان..!"

رموءَ چيو، "ڪشمير ھلندينءَ سونيا؟"

"ڇو؟"

"سوال آھي؟ سڀ جوڙا ھني مون ڪٿي ڪندا آھن؟" ان مھل اسين ھڪ ريلوي پل جي مٿان بيٺل ھئاسين. مون کي لڳو جنوريءَ جي ھوا ڪشمير کان ھتي آئي آھي. پلئه ۽ ساري ٿڌڪار سميٽي، جا اچي مون تي وسائي اٿس ته.. "اوئي!" مون ڏڪندي ٻئي ٻانھون ٻڌي ٿڌ کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ڪئي.... پر رموءَ اک سان پيار جو ڇٽاڪ اھڙو ھنيو ۽ مٿان چيائين، "ٻانھن ۾ ڀاڪر ۾ دٻائين به ٿڌ کي ٿي؟.."

آھ... سندس باقي اڌ نه چيل سٽ ساري سرير ۾ وڄ جي ڌارا کي ڦٿڪائي ويئي. ھيٺ ريل جي پٽن تان ريلون گم ھيون، مٿي آسمان ۾ سج تي پاري جي ٿڌ جو تھه ھو ۽ ھيءَ پل، ھندورو ھئي، جنھن ۾ رمو ۽ مان ويٺا لڏي رھيا ھئاسين، نه، راڌا ڪرشن ھئاسين.... ڪجھه دير کانپوءِ اننت ۾ ، ڦھليل خوشيءَ کي سميٽيندي، پاڻ کي ھڪ عجيب درد ۾ مبتلا ڏٺم، ڊگهو ساھه کڻي چيم "ھلون؟.."

رمو پل جي ڪٽھڙي کي آڌار ڪري بيٺو ھو. مڌر مرڪ سندس مک تي ھئي، نھاري ئي نھاري رھيو ھو مون ڏانھن يڪٽڪ. ڌيري سان چيائين، "سونيا، تون واقعي خوبصورت آھين...!"

اڙي اڙي ھي ته ھن ڇوڪري مون تي آڪاس لاھي وڌو! مان ھڪ بي آرام خوشيءَ کان اکين ۾ ڳوڙھا آڻي کلڻ لڳيس... "ھلون ھاڻي رمئيا!... ماڻھو پيا اچن وڃن." ھاڻي رمو ٻانھون ٻڌي ھلڻ لڳو.

ڪھڙو آھي قدرت جو قانون! رمو ته تير جيان سڌو پئي ھليو ۽ مان... مان ته ڄڻ ھڪ ڊٺل ڀت ھئس. پيرن مان پختگي ور ور ڪري نڪري ٿي وئي. بي سھاري ول بڻجي پئي ھئس، ڪاش ڪنھن وڻ جو سھارو ھجي... رموءَ منھنجي ٺونٺ کي جھلي منھنجي پيرن ڏي ڏسندي چيو، "چمپل ۾ ڪجھه لڳي پيو توکي؟"

"ھا." مون ڪنھن غيبي سور کان ڪڙھي چيو. رموءَ يڪدم ھڪ پنو کيسي مان ڪڍي کڻي منھنجي پيرن اڳيان رکيو. چيائين، "ھن تي پير رک بنا چمپل جي."

پير ۾ ڪا تور ڀرجي وئي ھئي! چمپل مان پير ئي نه نڪري. رمون ھيٺ ويھي منھنجو پير چمپل کان آجو ڪري، پني تي رکيو ۽ يڪدم پين سان ماپ ليڪي ورتائين. وري به پنھنجي ئي ھٿن سان منھنجو پير مٿي ڪري ھڪ ڀيرو مٿيس پيار سان ٻئي ھٿ ڦيرائي وري پير کي چمپل ۾ وڌائين. جنھن وقت منھنجي پير مٿان سندس ھٿ گهمي رھيا ھئا، تنھن وقت ائين لڳو ڌرتيءَ زور زور سان گهمراٽي ھڻي مون کي بيھڻ جي ميزان مان ڪڍي ڇڏيو آھي. تڏھن ٻئي ھٿ ھيٺ رموءَ جي ڪلھي تي رکي، ان چڪر کي سھاري ورتم....

ھلندي ھلندي ھڪ ترڇيءَ نظر سان مون ڏي ڏسندي رموءَ چيو، "سونيا! ھڪ ڳالھه پڇانءِ؟"

مون کلي ڏٺو، "ڳالھه پڇڻ لاءِ مول وٺڻ جي ھيءَ ڪھڙي قسم جي ضرورت آئي آھي تو وٽ؟"

"تو منھنجن ڪلھن تي ھٿ رکيا. ڇو؟"

کيس رستي ۾ ھڪ ھنڌ بيھاري سندس سندر منھن کي نظر سان ڇھندي چيم، "ڇو؟... تون مون کان ڏھه سال ننڍو ڇو آھين؟.. پھرين ان جو جواب ڏي.."

ڪنھن وٽ ڪوئي جواب ڪين ھو. اھا رات ڪيئن گذري.... بس مون کي ئي خبر... ھن نئين ناتي مون کي بي آرام ڪري وڌو.

صبح جا ڏھ مس لڳا ھوندا، جو رمو اچي پرگهٽ ٿيو. مان رات کان وٺي وري وري اھو ئي سوچي رھي ھئس ته رموءَ سان ھاڻ وڌيڪ رستو وڌائڻ نه گهرجي. پر اکيون منھنجون ڏھن وڄڻ تائين به ڪيڏو انتظار ڪري چڪيون ھيون!... ڪيتري ڦڙتي اچي وئي منھنجي انگ انگ ۾....

رموءَ ھڪ پئڪيٽ کڻي ڏنو مون کي.

پڇيم، "ڇاھي ھن ۾؟"

رموءَ جي شرارت ڀري مرڪ سان پنھنجي مرڪ به ملندي ڏٺم.

"چمپل."

"او چمپل!" پئڪيٽ کولي، پٽ تي اڇلي، ٻنھي پيرن ۾ چمپل پائي بيٺس. ڪاش شڪرانن سان ويڙھي سگهان رموءَ کي!

کلي چيم، "رمو! ايترو خيال ته زندگيءَ ۾ ڪنھن به نه رکيو منھنجو."

ھٿ مھٽيندي رمو کلڻ لڳو، "ڀلا ھي به ڪو وڏو خيال رکڻ آھي؟... ھل ڀلا ھاڻي.... ھڪ تمام وڏو آرڊر سبڻ لاءِ ملڻو آھي. پوءِ شايد ھڪ ٻه ڇوڪري وڌيڪ وھارڻي پوندي مشين تي."

ھاڻي مشين ھلائڻ وارين ڇوڪرين ۾ سر پر ٿي. مون چيو، "ھتي جاءِ ھنن لاءِ ئي سوڙھي آھي."

ڇوڪرين يڪي آواز ۾ چيو، "اسان کي ڏجو پنھنجي گهر مان سبي اينديون سين."

"اوڪي!.." ڇاتيءَ تي ھٿ رکي، ڪنڌ کي اڳيان جھڪائي رموءَ اھڙي ناٽڪي انداز ۾ چيو، جو کل ڦٽي نڪتي سڀن کان.

نئون آرڊر وٺڻ لاءِ اسين ٻئي گهر کان باھر ٿي نڪتاسين ته منھني وڏي ڀيڻ اچي پرگهٽ ٿي. مون کي چيائين. "اڄ مان آئي آھيان، تون ڇو ٿي وڃين؟"

جواب رموءَ ڏنو، "ديدي! ھڪ وڏو آرڊر ملڻو آھي. اسين منجھند تائين موٽي اينداسين. مون کي به ڪم تي وڃڻو آھي."

وڌيڪ ديديءَ ڇاٿي چيو، سو ٻڌڻو ڪين ھو..... سو نئين چمپل سان پٽ پٽ ڪندي مان به اڳ مليل آرڊر جا باڪس کڻي رموءَ سان تڪڙي تڪڙي نڪري آيس. رمو مون کي ھڪ باغيچي ۾ وٺي ھليو...

"ڇا ھتي رمو؟"

"تون ھتي بينچ تي ويھه ته سھي. ھان ڏس ھي گلاب." رموءَ گلاب جو گل کڻي مون کي ھٿ ۾ ڏنو. مون کي اڄ ئي خبر پئي ته رموءَ جا ھٿ ۽ ھٿن جون آڱريون به گلاب جي پنکڙين وانگر نرم آھن... گلاب کي سنگهندي من جا ڪھڙا ڪھڙا پٽ کلي پيا، چئي نٿي سگهان.

رموءَ چيو، "مون اڄ توکي ڪلھوڪيءَ ڳالھه جو جواب ٻڌائڻ لاءِ ھتي وھاريو آھي. اسين ڇوڪرا ويھن سالن جا ھجون يا ستاويھن جا، ڪوئي فرق نٿو پوي."

" اسين ڇوڪريون ستاويھن جون ھجيون يا ستٽيھن جون ھجون، تڏھن به ڪوئي فرق نٿو پوي؟"

"ڌت.... پريم جي جھان ۾ عمر جا فرق بيوقوف ڳڻيندا آھن..."

"پريم...! ڇا پيو چوين رمو؟"

"پاڻ کي دوکو نه ڏي سونيا!" رمو دور دور ڏسندي به ڪنھن اندرينءَ اک سان مون کي جاچي رھيو ھو... مان اچانڪ ڀر ۾ ويٺل رموءَ جي گوڏن تي سر رکي روئي پيس.

رموءَ منھنجي مٿان ھلڪو جھڪي منھنجي لوندڙيءَ وٽ پنھنجو منھن آندو. موت ھن کان وڌ مٺو ڪيئن ھوندو! ڪڙو ڪيئن ھوندو! ڪڙو ڪيئن ھوندو! ھاھاڪار ھو منھنجي تن بند ۾! سک، دک، اميد، نااميدي، من ساگر ۾ اھڙيون لھرون بڻجي ور ور ڪنديون پئي آيون، جو اکيون منھنجون سيلاب بڻجي پيون....

"مان توسان شادي ڪندس سونيا!" ھن ڪن وٽ مون کي ڪھڙي ھيءَ ڳالھه چئي! برھمانڊ ۾ جوتيون ٽمڪڻ لڳيون! تيز ھوائون انھن کي وسائڻ لاءِ آيون. "رمو خبر اٿئي مون کي ڪنھن وقت سڀاڳچند جي سنگ بدنام ڪري ڇڏيو ھو؟..."

"مون کي ان سان ڪوئي واسطو ڪينھي."

"مون ۾ تو وانگر ٻئي کي مدد ڪري چاڙھڻ جو ڏانءُ ڪونھي، نه ئي تو وانگر موتين جھڙا ڏند ڪڍي کلڻ ئي اچيم! نه موھيندڙ مرڪ آھي سدائين منھنجي منھن تي."

"سونيا! توکي ڇا آھي ڇا ناھي، ان جي توکي ڪھڙي خبر. تون وٽ بس ھڪ ڳالھه تارؤن تار ڀريل آھي..."

"ڪھڙي!"

"..........." رموءَ جي ھي ماٺ ماٺ سان ڏسڻ جو سڀاءُ.

وري پڇيم، "ڪھڙي ڳالھه آھي مون ۾ تارؤن تار ڀريل...؟"

پنھنجي ٽڙيل گل جھڙي منھن کي منھنجي ويجھو آڻي ٿو چوي، "پيار... تنھنجو مون لاءِ پيار..."

منھنجو منھن ڳاڙھو ٿيو يا نه، پر اکيون ڀاو سان ڀرجي، ڇپر جھڪائي، بند ٿي ويون. سندس ڇاتيءَ تي مُڪون ھڻي چيم، "تون ستائين ٿو مون کي رمو! ڏاڍو ٿو ستائين!" رموءَ کڻي منھنجي کاڏيءَ تي ھٿ رکيو.

اچانڪ مون کي ڪا ڳالھه ياد اچي وئي، مان منھن ڦيرائي بيھي رھيس.

"وري ڪھڙو گرھڻ ڏٺو مئڊم!؟"

ڊگهو ساھه کڻي چيم، "رمو تون مون کان ڪيترو ننڍو آھين، تنھنجي گهر وارا اصل ڪونه مڃيندا."

منھنجو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي ٿو چوي، "پنھنجي گهر وارن کي مڃائڻ جو ذمو منھنجو."

ھائو ذمو برابر کنيائين. رموءَ جي ٻڍڙيءَ ماءُ جڏھن مون کي ڏٺو، تڏھن ڀاڪر ۾ ڀري مٿي تي ڪري چمي ڏنائين. سک شايد ائين اصل ٿڌي جل جيان ڌوڪيندا ٺار وجھندا ايندا آھن! تڏھن ڪنھن مھل ڙي من! تون ائين ڇو وسھي ويندو آھين ته ھيءُ سکن جو پرواھ ڪا ندي نالو آھي جو سدا پيو وھندو، ھتي ته بس نديءَ ۾ پاڻي اچي چڙھڻ لڳو ھو...

تن ڏينھن منھنجي ماسي ولائت مان لکيو، "منھنجي جاءِ صفا ڪرائي ڇڏجو، مان مھيني اڌ ھلي اچان شايد. ڪا اھڙي بيماري اٿم جنھن جو علاج ھتي پوريءَ طرح ٿي نه ٿو سگهي." مان ماسيءَ جي گهر جي ڪنجي کڻي رموءَ سان گڏ ماسيءَ جي گهر جي صفائي ڪرڻ نڪري پيس. رمو ھڪ مائي ۽ مزور کي ھيٺان وٺندو ھليو. لفٽ ۾ چڙھي ڇھين ماڙيءَ تي پھتاسين. رموءَ ھٿ کان ڇڪي بالڪنيءَ ۾ ھلي بيھاريو. "سونياآ! اسين ڌرتيءَ کان ڪيڏو مٿي آھيون اڄ؟ آڪاس ڏس ڪيئن ھيٺ لھي آيو آھي!" مان وائڙي ٿي ھن شاعراڻي اظھار کي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳيس، پر مون کي ته ڪجھه محسوس ٿيو ئي ڪين ٿي. ڪلاڪ کن کان پوءِ جڏھن ٻئي نوڪر سڄو گهر صاف ڪري ھيٺ ھليا ويا ۽ مان ماسيءَ جي باٿ ٽب مان تڙڳي ٻاھر آيس ته ڏٺم رمو ھٿ منھن ڌوئي وري به وڃي بالڪنيءَ ۾ بيٺو آھي. آس پاس ۾ ڪا به ڇھه ماڙ جڳھه ڪين ھئي، انڪري مون کي لڳو رمو سچ ٿو چوي ته آسمان ھيٺ لھي آيو آھي. مان ٿلھي ٽوال سان پنھنجا ڊگها واسينگ وار سڪائي رھي ھئس، جو رموءَ چيو، "اڙي ھيئن سڪائبا آھن وار!" پاڻ ئي منھنجي پٺيان بيھي وارن کي ٽوال سان اگهڻ ۽ ھر ھر چمڻ لڳو.

مٿان چيائين، "امي چوي ٿي ھن مھيني توھانجي شادي ڪنديس." مون چيو، "منھنجي اميءَ به ڏاجو ٺاھڻ شروع ڪيو آھي. منھنجو ڀاءُ پنھنجي ڪنھن سمگلر دوست کان اھڙين اچيون ساڙھيون وٺي آيو آھي، جو منھنون ته اکيون ئي چرخ ٿي ويون. اميءَ چيس ھي سڀ سونيا جي ڏاجيءَ لاءِ رک.... جڏھن خبر پيس ته مچڻي توسان ٿيڻ واري آھي ته کلڻ لڳو. چيائين، 'رمو سونيا کان ننڍو آھي، ترڪي ويندو.' پر اميءَ تو وارا اکر ٻڌايس ته جڏھن وڏي عمر وارو مرد ننڍيءَ عمر واريءَ ڇوڪريءَ سان شادي ڪري سگهي ٿو، تڏھن ننڍي عمر واري مرد سان وڏيءَ عمر واري ڇوڪري ڇو نه شادي ڪري. خير بحث کان پوءِ مڃيائين ۽ خوشيءَ ۾ ھزار روپيا اميءَ کي ڪڍي ڏنائين ته ڪجھه ٻيو به ڳھه ڳٺو ٺھرائڻو ھجيئي ته ٺھرائج، اڄڪلھه مال پاڻي جام ملڻ لڳو آھي."

رموءَ چيو، "گهر ته منھنجو ڏسي آئي آھين. ھھڙو ماسيءَ جي گهر جھڙو سينگاريل ڀلي ناھي، پر سٺو آھي.." مون رموءَ جي ڇاتيءَ تي کڻي پنھنجو کليل واسينگن وارو مٿو رکيو. "منھنجو رمو سٺو آھي ته گهر ڀلي غار يا چر ۾ ھجي، چاھي وڻ مٿان پکيءَ جي آکيرن جيان ھجي."

رموءَ مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ھلي ڊنلپ جي گاديلي ۾ ڄڻ ڳوھي وڌو. ڪو ڊپ ڪونه ھو، ڪو ڀو ڪونه ھو، جيڪي ھميشه ھڪ ٿي وڃڻ وارا آھن، سي اڄ ئي ڇو نه ھڪ ٿي وڃن.!

ھيءَ اڄ ڏاڍي لنبي ٿي وئي. روز اھا 'اڄ' اچڻ لڳي. ھفتي ٻن ۾ ئي مائٽن ۾ ڏاڍي چئه پچئه ٿيڻ لڳي ته روز ڇوڪري نڪريو وڃي صبح ساڻ. ھاڻي ته آرڊر به گهڻا ڪانه ٿي آڻي، چئن مشين مان گهٽائي ٻه ڪيون اٿس.

ٻئي ڀينر ۽ ماءُ چنتا ڪرڻ لڳيون. پيءُ ته ھاڻي بستري مان اٿندو ئي مشڪل ھو. مان صبح جو سويل اٿي ڪڏھن بيدا، ڪڏھن مڇي، ڪڏھن ميھا، ڪجھه به رڌي وٺندي ھئس، ڦلڪن لاءِ تئو ماسيءَ جي گهر ۾ وڃي رکيو ھوم. عجيب سک ھو ھن ننڍڙي گرھستيءَ ۾، ڪيڏيون لنبيون ھيون اسان جون ڳالھيون ۽ ڳالھين جي لنبائي گهٽ ٿي، ته ھٿ ھٿن ۾ وجھي ائين ئي سمر ھائوس واري جھولي ۾ پيا لڏندا ھئاسين. رموءَ جي ڊيوٽي ھونئن ته ڪڏھن ڏينھن ڪڏھن رات ھئي. ھاڻي ھن پنھنجي ٻين دوستن کي به رات جي ڊيوٽيءَ کان ڇڏائي ڇڏيو ھو... اسين ٻئي ڄڻا ڏينھن سڄو ماسيءَ جي جاءِ ۾ ڪاٽي، رات جو پنھنجي گهر ۾ پھچي ويندا ھئاسين. ڪھڙي ويل ھن بھار جي مند کي سڏيو ھوم، جو اھا گهڙي ست پئجي وئي ھئي.

ڪجھه عرصي کان پوءِ ھڪڙي ڳالھه ٿي. گهر ۾ ماءُ ۽ ڀينر چوڻ لڳيون. "سونيا! پنھنجي شڪل ڏني اٿئي آرسيءَ ۾؟"

ھائو، ڌيان سان شڪل ڏٺم ته خود به حيران ٿي ويس. مون کي ھي ڇا ٿي ويو ھو چمڙي منھن تي ڍلي پئجي وئي ھئي، سرير اندران ماس ئي ڄڻ ڪورجي ويو ھو! واقعي پريم ۾ انسان پاڳل بڻجي پوي. رموءَ کي ھٿن سان کارائيندي مون پاڻ کي ته ڄڻ ڀلائي ئي ڇڏيو ھو.

ماءُ چيو، "رشين منين چيو آھي 'گهڻ مٺائيءَ جي به چڱي ناھي.' تون جو آرڊرن وٺن پٺيان ڏينھن رات ڊڪندي ٿي رھين، سو ھڻي ڳاري پاڻ کي چٽ ڪري ڇڏيو اٿئي."

مان حسرت ڀريءَ نگاھه سان پاڻ کي آرسيءَ ۾ ڏسڻ لڳيس. ماءُ چيو، "ھاڻي ڀائر ڪمائڻ لڳا اٿئي، توکي گهڻي ھڻ پڇاڙ ڪرڻ جو ضرور ئي ڪھڙو آھي."

کلي چيم، "ڇو منھنجو ڏاجو ٺاھڻ وسري ويو اٿو ڇا؟"

ڀيڻ چيو، "ھيءُ ڀاڻھين جو الاجي ڪٿان سٿ ساڙھين ۽ ريشم جا وٺي آيو آھي، سي تو لاءِ ئي ته آھن !"

برابر ائين ئي ھو، مون ان ڏينھن پنھنجون ساڙھيون ھڪ وڏيءَ بئگ ۾ ٺاھي رکيون. ڊريسون ۽ ھائوس ڪوٽ رات جو ويھي ڪٽيم ۽ سبڻ وارين ڇوڪرين کي سبڻ لاءِ ڏئي، مان وري به صبح ساڻ نڪري ويس.

مان ڳري وئي آھيان، ماس ڪورجي ويو اٿم، ائين ڇو ٿيو آھي ويچارن ۾ ھلندي دڪين وٽ ٿاٻو اچي ويو. سمينٽ جو ڏاڪو ڳل ۾ لڳو. ڳل ڦٽيو ڪين، شڪر، پر لوڪل ٽرين ۾ چڙھي ماسيءَ واري مڪان ۾ پھتس، تيستائين ڳل سڄو ڪارو ٿي ويو.

اتي پھچنديئي ڳل کي ڏسي، رموءَ ڪجھه اھڙي عجيب نگاھ سان مون ڏي ڏٺو، جو مان سراپجي ويس. اسين جھولي تي وڃي ويٺاسين، رمو ماٺ ھو. "ڇو ماٺ آھين رمو؟ ھيڏو ڌڪ کائي آئي آھيان ته اھو به نٿو پڇين ته ڇا لڳو. الا ڪيڏو سور آھي!" رموءَ چيو، "ڌڪ ته مون کاڌو آھي."

مان سندس سڄو بدن ھٿن سان ڇھي ڇھي چوڻ لڳيس. "ڪٿان ڌڪو کاڌءِ.... ڪٿي ڌڪ لڳو اٿئي؟"

رموءِ ھڪ چٺي ڪڍي کڻي مون کي پڪڙائي. "ڪنھن لکي آھي؟" مون ٻئي ٻانھون رموءَ جي گلي ۾ کڻي وڌيون.

"سڀاڳچند....!"

نالو ٻڌي دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي. چٺي پڙھي ته اوسان ئي خطا ٿي ويا. ھي ڇا ٿي ويو ھو سڀاڳچند کي؟ ڏاڍي ناٽڪي زبان ۾ لکيو ھئائين، "سونيا منھنجي آھي. تون پنھنجي عمر ڏس رمو ڀاءُ! سونيا جي بدن تي ھر انچ مٿان منھنجي ڇاپ آھي.." وغيرھ

مون کي لڳو ڌرتي پئي ڌڏي. پينگھ تان لھي پٽ تي ٿي ويٺيس. رموءَ جي گوڏي تي کڻي سر رکيم. رموءَ چيو، "ڇا ٿو ٿئي؟"

اھو ڏينھن اسان جو ڪيئن روئندي گذريو. بس پرماتما ٿو ڄاڻي. مان آپگهات ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. ھڪ ڀيرو ته ڀڄي بالڪنيءَ مان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم، پر رموءَ ٻک وجھي مون کي گود ۾ کڻي ورتو چوڻ لڳو. "مون کي ته تون بلڪل ٻار ٿي لڳين..." ڳل تي ھٿ لائي چيائين، "ٻيو ڪير جيڪر ڳل تي ھھڙو ڪارو داغ ڏسي ته خبر ناھي ڪھڙا ڪھڙا شڪ آڻي توتي..."

رموءَ جي ھيءَ سٽ ڇا ھئي؟ بس ڪٽجي ويس مڏيءَ ڪاتيءَ سان! ھي ڇا ٿي ويو؟ پريم جو ھيرو وشواس جي منڊيءَ ۾ گهرگهلو ٿيڻ شروع به ٿي ويو ھو! ڪير ڄاڻي ڪيڏي مھل ڪري به پوي...!!!بس وقت ئي ڪين لڳو. برابر ھڪ ڏينھن اھو ھيرو ڪري ئي پيو. رموءَ جي نگاھ بدلجي وئي. کيس منھنجي ھر چرپر ۾ شڪ نظر اچڻ لڳو. سامھون دريءَ ۾ ھڪ گنديءَ صورت واري ماڻھوءَ مٿي نھاريو، اسان جي جاءِ ته ڇھه ماڙ تي ھئي، ھن چوٿين ماڙي تان بالڪنيءَ طرف نظر ڪئي ۽ رموءَ چيو، "ڏسجي ٿو ھتي به ھڪڙو تنھنجو پريمي جنم وٺڻ لڳو آھي..."

"منھنجي رموءَ کان سواءِ ڪوئي نھاري به سھي مون ڏي ته اکيون ڪڍي ڇڏيانس."

"پڪ؟"

"پڪ ڇا منڊيءَ تي ٽڪ سمجھو منھنجي ڳالھه." مان سندس گوڏي تي سمھيل ھئس ان مھل. چرچي جي انداز ۾ چيائين، "ڪيترا ڀيرا مان ڪجھه شئي ٻئي وٺڻ ھيٺ ھليو ويندو آھيان، پوءِ ويٺي اک ملائيندي ھوندينءَ."

"اڙي اما!" مان رڙ ڪري اٿي ويٺس.

""ھي ڇاٿي ويو آھي توکي رمو! منھنجا ته ڇيھه ڇڄي پيا آھن اڄ..."

"اڙي چرچو به نه ٿي سھي سگهين؟ مان ته ساڀيا مان پيو گذران. ڪھڙيون ڪھڙيون ڇوڪريون پيون پٺيان ورن. ماءُ شادي شادي ڪري جان ڪڍي ڇڏي آھي."

"ھل ته برھمڻ کان مھورت ڪڍائي وٺون."

"تڪڙ ڪھڙي آھي؟"

"تڪڙ ڪيئن ناھي، ھڪ ٻئي کان سواءِ ساري رات گذارڻ ڪيڏي ڏکي ٿي لڳي."

"ٺيڪ آھي ھفتي اندر امان کي چئي مھورت ڪڍائي ٿا وٺون."

ٿوري دير ترسي چيائين، "مگر ھي تنھنجو جھونو پريمي سڀاڳچند ته ڪونه رولو وجھندو وري..."

"ڇا لئه؟"

"تنھنجي سونھن جو جنھن ھڪ ڀيرو خزانو لٽي ڏٺو، سو ڪيئن تڙڦندو ھوندو تولاءِ، سو تون نه سمجھي سگهندينءَ."

"ايڏي سھڻي ته مان آھيان ئي ڪين..."

"کپر بلا آھين سونيا! توکي پنھنجي خبر ئي ڪانھي. ھن هڪ مھيني جي اندر، ھن ماسيءَ جي اڪيليءَ جاءِ ۾ خبر ناھي ڪيترا ڀيرا تو مون کي ڪکيو آھي..."

"۽ منھنجو ڇا پورو رت ست نه خلاص ٿي ويو آھي؟ گهر ۾ ته آرسي کنيو منھن ۾ ڏين ته ڏس ايڏو ڇو ٿي ڀٽڪين آرڊرن وٺن لاءِ، جڏھن ملن ئي به ڪين ٿا."

رمو يڪ ٽڪ منھنجي منھن ۾ ڏسندو رھيو، پوءِ چيائين، "ھاڻي ڪجھه ڏينھن ھڪٻئي کان الڳ گذاري ٿا ڏسون..."

مون نماڻا نيڻ مٿي کڻي اندر ئي اندر ۾ التجا ڪئي ته اھا سزا نه ڏي رمو! تو بنا جيئڻ ڪونھي منھنجو. مگر ائين ھار مڃڻ منھنجي سڀاءُ ئي ڪانھي. اٿي چيم، "پوءِ ته ھاڻي ئي ٿا ھفتي لاءِ قلف لڳائي ھلون ماسيءَ جي مڪان کي."

"ھلون ٿا." چئي رمو به ھڪدم اٿي بيٺو.

ھاءِ ڙي ھاءِ! ھي ڇا ٿو ويو! منھنجي ته ھٿن مان ڪبوتر ئي اڏامي ويا. مون سمجھيو ھو مون کي پڪڙي وھاري ڇڏيندو... مگر ھي ته بس اڏ تي ويٺو ھو.

ليڪن سچ پچ ڪبوتر تڏھن اڏاڻا، جڏھن مون رموءَ جي وڇوڙي ۾ ٽي ڏينھن تڙڦندي گذاريا. پنھنجو ڏاجو پئڪ ڪري ورتم. نوان پلنگ دڪان تي تيار ڪرائي رکائي آيس. مٿان ڪنھن اچي ڪن ۾ ڦوڪ ڏني ته رمو ته دوستن سان گڏ سينگاپور ھليو ويو.

ھھڙو ڌڪ! ڪوئي نيل به نظر نه اچي!! سيتا ماتا!!! تکي ڌرتي جاءِ ڏني مون کي ته ڪوئي به آسرو ڪونھي. شاعر جي سٽ لڇي اٿي من ۾، "جنھن کي ڏڍ نه ڏانءُ، سا ڪيئن ڪاٽي ڏينھڙا!! رات وچ ۾ ساريون روشنايون گم ٿي ويون، بي آواز بم لڳل ڌرتي ٻري جلي فقط دکي رھي ھئي...

ھاءِ ڙي ھِيءَ سَرَءُ جي مُند! وڻن سڪل پن ڪيرائي ڇڏيا. رستي ھلندي پنھنجي پيرن جي آواز ڇرڪائي ٿي ڇڏيو... وڻن ۾ ته وري به نوان غنچا ڦٽندا، پر منھنجي سرءُ شايد مسڻ تائين ھلي!!

ڪيترا سال گذاري ڇڏيا آھن ھن مشين جي چڪري ڦرڻ ۾، نه ٿڪو آھي، نه ٽٽو آھي. ڪپڙن سبڻ جا آرڊر گهر ويٺي ملڻ لڳا آھن. ھر سال نئين مشين شامل ٿيندي رھي آھي. وڏي ويڪري ھال ۾ ھي سبڻ وارين جو ڪٽنب وقت جي چڪر کي مشين جي چڪر ۾ ضربيندو ھليو آھي. رپين جي لشڪر سان غريبيءَ جي قلعي تي سوڀ ته پاتم، پر هي ڪهڙا ڀوت سسئيءَ جي ڏيرن وانگرن منھنجي پنھونءَ کي پرديس ڏي اڏاري ويا؟ ڪھڙا ڏونگر ڏوريان، ڪھڙا جبل جھاڳيان...

رمو! مون کي سونا مان سونيا ڇو بڻايئه؟ ڪيئن ڀلايان اھو پيار؟ منھنجي ھر چاھنا کي پورو ڇو ڪيئي؟ ڇو آندئي منھنجي جيون ۾ بھار؟ ھاڻ ته سرءُ جي مند جو مڙي آھي ته بھار جي اچڻ جا سڀيئي دروازا بند ٿي ويا آھن.

گهر ٻاھران جو باغيچو آھي، ان ۾ سنجھا جو سمو روز پھچي ويندو آھي. شفق جي اداس لالي ھوندي اٿس. ساڻ ھلندو ويندو آھي بي پناھه آسمان تان منھنجي ماضيءَ جو ڪاروان...

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا