سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوسائيٽ متعلق

سائيٽ جي باري ۾ ٻه اکر

مون پهرين سنڌي ويب سائيٽ 2001 ۾ ٺاهي هئي، جيڪا دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ هئي. اڳتي هلي، ان کي بهتر روپ ڏيئي، ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام جي روپ ۾ 2004 دنيا جي نظرن سامهون آندي هيم. ان مهل اها ويب سائيٽ ان وقت جي بهترين پروگرامنگ پي ايڇ پي، فونٽ ايمبيڊنگ ٽيڪانالاجي، سي ايس ايس وغيره جي آڌار تي اهڙي نموني ٺاهي وئي جيڪا ان وقت جي رائج هر قسم جي برائوزرن ۽ ڪمپيوٽر سسسٽمز تي سنڌي لکڻيءَ کي هوبهو ائين پئي ڏيکاري جيئن اسان صورتخطيءَ ۾ لکندا آهيون. مان شروعاتي فانٽ ان سائيٽ تي رکي نموني خاطر سڀني برائوزرن تي پاڻ تپاسيا ۽ گھربل نتيجا پسي محسوس ڪيو ته هاڻي سنڌي ٻولي دنيا جي سڀني شاهوڪار ٻولين جيان انٽرنيٽ تي دنيا جي هر هڪ ملڪ ۽ هر ڪمپيوٽر تان نه صرف پڙهي سگھجي ٿي پر اها لکي به سگھجي ٿي. ان وقت مان وت ۽ وس آهر قران پاڪ جو سنڌي ترجمو، ڀٽ ڌڻيءَ جو رسالو ۽ ان سان گڏ سچل سرمست جو سنڌي ڪلام به پنهنجي ويب سائيٽ تان شايع ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ انهن املهه ماڻڪن کي محفوظ ڪيو. پر وقت سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي به اوتري ئي ترقي ڪري ٿي. ائين اها ويب سائيٽ هڪ رول ماڊل بڻجي وئي جنهن کي ڏسندي ٻين دوستن ۽ پوءِ ادارن ۾ به اتساه پيدا ٿيو ۽ ايئن سنڌي جو ويب سائيٽون انٽرنيٽ جي دنيا کي سينگارڻ لڳيون ۽ پهريون ڀيرو سائبر اسپيس ۾ اسان جي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ٿيڻ لڳي ۽ اها پنهنجي هجڻ جو احساس ڏيارڻ لڳي.

مان جڏهن 2004 کان وٺي اڄ يعني 2013 تائين جي ڇڙو انٽرنيٽ جي پروگرامنگ تي ئي نظر گھمايان ٿو ته تمام وڏيون تبديليون انقلابي طرح سان پرکيان ٿو. مثال ڪمپيوٽرن جو ئي مثال جيڪڏهن وٺجي ٿو ته گذريل ويهن سالن ۾ اڌ مڻ تور وارن ڊيسڪ ٽاپ ڪمپيوٽرن مان هاڻي وڃي اڌ ڪلي جيتري وزن وارن ليپ ٽاپن تي ٽيڪنالاجي پهچي اڃان ٻه وکون اڳتي پئي کڻي. تمام گھڻيءَ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي سبب ڪجھ ئي مهينن ۾ هٿ جي تريءَ جي اڌ ماپ جيترا پام ٽاپ سڄي دنيا جي ماڻهن جي دسترس ۾ هوندا. موبائل ٽيڪنالاجي به ايتري ته ترقي ڪري وئي آهي جو اهو وقت ڏورانهون ڪونهي جڏهن ماڻهو انهن موبائلن تان سڄي آفيس جو ڪم نبيريندا. انٽرنيٽ جي اوائلي پروگرامنگ، جيڪا بنيادي ٻوليءَ يعني ايڇ ٽي ايم ايل تي ٻڌل هوندي هئي، سا هاڻي جديد ترين ٻولي پي ايڇ پي ۽ ان کي به ٻه وکون پوئتي ڪندي اجڪس سافٽ ويئر تي روان دوان آهي. جديد سماجي ويب سائيٽون، جن ۾ فيس بڪ يا ٽويئٽر نمايان آهن، سي ان پروگرامنگ تي ٺهيل آهن جيڪي انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ کي ان ئي صفحي تي بغير ڪنهن ٻي بٽڻ دٻائڻ جي سڄي دنيا جي چرپر بابت آگاه ڪن ٿيون. 

انهن تبديلين پيش نظر، مون کي ڪجھ وقت کان احساس هو ته ڀرڳڙي ڊاٽ ڪام واري ويب سائيٽ کي ٽيڪنالاجيءَ ۾ انقلابي تبديلين سان هم آهنگ ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ايئن، جديد پروگرامنگ جا طريقا استعمال ڪندي، هن نئين ويب سائيٽ جو بنياد رکيو ويو. جيئن 2004 ۽ ان کان اڳ 2001 ۾ هن ويب سائيٽ کي دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ هجڻ جو شرف هو، تيئن هن ويب سائيٽ کي به اهو اعزاز آهي ته هي دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ آهي جيڪا سڀني برائوزرن ۽ موبائلن جي اسڪرينن تي ٺيڪ پنهنجي اصلي روپ ۾ نظر اچي سگھندي. هن قسم جي ويب سائيٽ مان سمجھان ٿو ته پاڪستان جي به (بشمول انگريزي ۽ اردو) پهرين ويب سائيٽ آهي جيڪا برائوزر ونڊو ۽ استعمال ٿيندڙ ڊوائس جي اسڪرين جي ماپ کي پرکي پنهنجي نمايان ڏيک کي ان مؤجب پاڻمرادو مٽڻ جي اهليت رک ٿي. نتيجي طور تي پڙهندڙ کي آرام سان سائيٽ جي هر پاسي ۽ هر لنڪ تي وڃڻ لاءِ ڪابه ڏکيائي نه پيش ايندي.

مان اهو به چاهيو پئي ته ايم بي سنڌي بلاگ جو بنياد وجھي اهڙو پليٽ فارم به جوڙجي جتي نوان ايندڙ سنڌي پروگرامر سنڌي پروگرامنگ متعلق پنهنجا ويچار به ونڊي سگھن ۽ خيالات جي ڏي وٺ ذريعي نوان نوان تعميري خيال به دنيا سامهون آڻجن. هيءَ سائيٽ سماجي نيٽ ورڪ سائيٽن سان سلهاڙيل به آهي جنهن جي مدد سان دوستن جي تبصرن کي هتي ۽ فيس بڪ يا ٽويٽر تي به نمايان ڪيو وڃي ٿو. هاڻي پنهنجي ڪوشش به اها ئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي مستقبل ۾ ايندڙ نون برائوزرن ۽ ڊوائيسز (جهڙوڪ ٽيبليٽز ۽ سمارٽ موبائل فون) سان ملائجي ته جيئن هلندڙ صديءَ جي تيزترين رفتار سان سنڌي ٻولي به هم قدم رهي. هيءَ سائيٽ ان سفر جي پهرين وک آهي.
ساٿ سلامت

عبدالماجد ڀرڳڙي

1 مارچ 2013

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا