ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحورڃ جو درياه

رُڃ جو درياه

جلسي تي بلڪل سھج سڀاءُ گڏجي ويو. پنھنجي کيسي مان پاڻ ئي ڪارڊ ڪڍي منھنجي ھٿ ۾ پڪڙائي چيو ھئائين، "ست سال گڏ پڙھيل دوست، ائين منٽن ۾ ٿوريئي سڪ پوري ڪري سگهنداسين، فرصت وقت ھليو اچج ۽ پنھنجن شعرن جي ڪتابڙي به کنيو اچج."

"اڄ ڪتابڙي منھنجي ھٿ ۾ آھي، پر ڪلاڪ کان ھن بيٺڪ جي ڪمري ۾ قيد ويٺو آھيان." اھي اکر لکي، وري ھڪ ڀيرو سورج صاحب کي نوڪر ھٿان چٽ موڪلي ڏنم.
بس چمتڪار ٿي ويو. خود سورج پاڻ ھليو آيو بيٺڪ ۾، سندس ھٿ جي منڊيءَ واري شاھي ھيري تي جو اس جو تڙڪو پيو ته سڄيءَ بيٺڪ ۾ انڊ لٺ جا رنگ ڦھلجي ويا. ڀاڪر پائي چيائين. "رام تنھنجي ڀاڀيءَ جو ڏوھ اٿئي. مون کي تنھنجي اچڻ جي خبر ملي ھا ته توکي ھيئن يڪدم ٻک وجھي اندر کڻي وڃان ھا، تو دلدار جو نالو ياد ايندي ئي ڦليليءَ ۾ ٽٻيون ڏيڻ شروع ڪندو آھيان، پر ھاڻي به تنھنجي ڀاڀيءَ منھنجو دوست وڇوڙي ڇڏيو. ھاڻي ھيئن ڪر، تون ڀاڀيءَ وٽ ويھه، مان پنھنجي پارٽنر کي ايئر پورٽ تان وٺي اچان..."
مان اڃان دوست سورج جي چمڪي جي اثر کان ٻاھر ئي نه نڪتو ھوس، جو ڏٺم، نوڪر مون کي سنيتا ديويءَ جي اڳيان ھلي بيھاريو آھي، خبر ناھي ڪيئن پندرھن سالن جي عرصي، سنيتا جي شڪل تي پنھنجو ھڪ پيرو به نه ڇڏيو ھو. مان ھٿ جوڙي بيٺس ته بيٺو ئي رھيس. ھوءَ پھرين ته مون کي جاچيندي رھي. پوءِ کي چيائين "ھا رام! ھنن جا حيدرآباد وارا سنگتي! اچو اچو وھو." ۽ پاڻ اڳيان ھلندي ھلي، مان ڄڻ ڪنھن جادوئي تار تي سندس پٺيان گـهلبو ويس. ايترو اميراڻو ڪمرو ھوندو، سو ته مون سپني ۾ به نه سوچيو ھو. ايئرڪنڊيشن جي ھلڪيءَ بدبوءِ کي، ڪنھن عجيب خوشبوءِ سان مات ڪيو ويو ھو. ھڪڙو چندن جو چورس ننڍڙو صندل رکيو ھو، ھڪ ڪنڊ ۾. سنيتا مون کي ان تي وھڻ جو اشارو ڪيو. سڄي ڪمري ۾ ٻيو ڪٿي به بنا ٽيڪ وارو ڪوچ يا ڪرسي ڪانه ٿي نظر آئي ۽ پوءِ به ھيءَ سيکت مون کي ئي ملي. مگر ھاڻي خبر پئي ته سڄي ڪمري کي جا چندن جي خوشبوءِ مگڌ ڪري وئي ھئي، سا ھن تخت جي انگ انگ مان ئي ٻاھر نڪري رھي ھئي. سنيتا منھنجي ڀرسان ئي ھڪ موڙي تي ويھي رھي. نوڪر ھڪ ٽپائي سيري، ٿورو سڪو ميوو، بسڪيٽ ۽ پاڻي رکي ويو. ھڪ گول دٻو به رکي ويو. سنيتا جي ھٿن ۾ ڪابه منڊي مڻيو ڪين پيل ھو، پر جنھن وقت ھوءَ ڏوڏيون ڇلي، مون کي ڏيندي پئي وئي، تنھن وقت ائين پئي لڳو ساڳيو سورج جي منڊيءَ وارو ست رنگ شعاع ھر ھر ڪمري اندر ڦھلجي پيو وڃي. "ھئڙا اڇا گلابي ھٿ ڪٿي خود ئي ھيرن جي کاڻ مان ته ڪين نڪتا آھن؟" مون تڪلف ڇڏي سڌو سنيتا کان سوال ڪيو.
ھن کلي چيو، "توھين ته آهيو ڀائي شاعر ماڻھو، ضرور ائين ئي چوندا. پھرين ته ٻڌايو توھين اسان جي شاديءَ وقت ته حيدرآباد ۾ ھئا، پوءِ ھيڏا سال ڪيڏانھن گم ٿي ويا؟ گهڻا ٻار اٿو؟ دوست کي خط پٽ ڇو نه لکيو؟"
"اڙي اڙي اڙي اڙي يڪساھي ھيترا سوال؟"
خير اهي ھيون واقفيتون، پراڻن دوست جون نين حالتن سان. پر مون کي جو پنھنجي نلنيءَ سورج صاحبن وٽ نوڪري ھٿ ڪرڻ لاءِ موڪليو ھو، سو ھن وايو منڊل ۾ ڳالھه ڪيئن ڪڍان؟ وڏي ڳالھه ته ھن سپنن واري محل ۾ اچي مون کان ته پنھنجو سڌامو پڻ ڀلجي ويو ھو. ڪاش مون کي ملڪ جي ورھاڱي وقت ڪو ئي ٻڌائي ھا ته ماڻھوءَ کي وري وسڻ لاءِ ھڪ وڏي شھر يا راڄڌانيءَ ۾ ئي ٺڪاڻو ڳولڻ کپي. ليڪن پوءِ منھنجا شعر ائين جنم پائين ھا مون وٽ؟
ڪجھه به چئجي، پر منھنجي ھيءَ ملاقات بلڪل اجائي وئي. نلنيءَ کي جڏھن سورج ۽ سنيتا جي محلن ماڙين جون ڳالھيون ٻڌايم، تڏھن يڪدم وات تي ھٿ رکي چيائين، "وري نه وڃجو انھن وٽ، اسين جوڌپوري ئي سٺا آھيون. اسان کي بامبي جو ٿيڻو ئي ڪونھي. پنھنجي دوست کي ڇڏي وڃجي زال جي اردليءَ ۾؟ ڇي ڇي! پاڻ سان گڏ توھان کي به ايئرپورٽ تي وٺي وڃي ھا ته ڇا ٿئيس ھا؟"
ان 'ڇا' کي ته مون ئي ٿي سمجھيو، نلنيءَ کي ڇا سمجھايان؟ منھنجي ھٿ جي منڊي ته پيرن جو بوٽ به موڳو پئي لڳو. شڪل ته مون آرسيءَ ۾ ڪانه ويھي ڀيٽي، پر جيڪي اسين ٻئي دوست ڀائر لڳندا ھئاسين، سي شايد ھاڻي ڪجھه به نه لڳندا ھجون. ڪٿي ھو اوچو مٿي عرش ۽ ڪٿي مان ھوس ڀورو مٿي ڀونءِ... ڇي ڇي ھي پست خيال ۽ ھڪ شاعر وٽ! شاعر آھي تصور جي دنيا جو سمراٽ!
'خودي ڪو ڪر بلند اتنا ڪه ھر تقدير سي پھلي، خدا بندي سي خود پوڇي بتا تيري رضا ڪيا ھي.'
'محض بڪواس، ڏيڏر لاءِ کوھ جي پاڻيءَ ۾ ڦوڪجڻ ڦاٽڻ واري شامت...'
ھي خيالن جا ور وڪڙ، سورج جو آدرڀاڪر ۽ سنيتا جو نھٺائي ۽ سونھن، خبر ناھي ڪھڙي ڪھڙي چيز ھئي، جا مون کي ڇڪيندي ڇڪيندي وري ھنن جي در تي وٺي وئي. ٻاھرئين ڪمري تائين پھچي اچانڪ پير موٽڻ لاءِ مجبور ڪرڻ لڳا. ڇو ته مان ھنن ماڻھن کي اھو ٻڌائيندس ته مان فقط ملڻ لاءِ نه آيو آھيان، پر نوڪريءَ جي غرض کڻي آيو آھيان. اھڙي خيال اچڻ سان جو بدن پگهر پگهر ٿي ويو. پر، "صاحب ۽ مائي گهر ۾ ڪانھي." نوڪر جي چيل انھيءَ ڳالھه مون کي شانتي ڏئي ڇڏي، اوچتو گهر اندران ٻه پريون نڪتيون ۽ باھر باغيچي ۾ پھچي "ڊرائيور ڊرائيور" جي رڙو رڙ ڪندي وڃي پيروز رنگ جي ھڪ ننڍڙيءَ موٽرڪار ۾ ويٺيون. ڊرائيور آيو ۽ کين "ڊانس ڪلاس جانا ھي؟" چئي اڏامي کڻي ويو. ھاءِ ڙي مان!... سندن پيءُ جو جگري دوست مون تي نظر ئي نه پين. تنھن ڏينھن سنيتا ساڻن سڃاڻپ به ڪرائي ھئي، پر شايد مان ئي ائين ڪنڊ ۾ ٿي بيٺو ھوس... انڪري... ۽ ياد اچي پنھنجي ڪڪي نندني. ڪيڏو وڏو ٿي ويو آھيان مان. مون کي ھڪ شاديءَ لائق ڌيءَ به آھي. اڃا ڪلھوڪي ڳالھه آھي مان ۽ سورج ڦليليءَ تي وڃڻ لاءِ صبح جو اٿي ھنن ٻنھي پرين وانگر اوڌم مچائيندا، ڦليليءَ تي نڪري ويندا ھئاسين. ڪائي جوابداري ڪانه ھئي ۽ ھينئر جوابداريءَ ھيٺ سڄا ڪلھا ئي جھڪي پيا آھن. پير پير ۾ ڪري موٽي رھيو ھوس، جو اوچتو بنگلي ۾ سچيتي اچي وئي. ائين محسوس ٿيو ڄن جھڪيل سورج مکي گل، سورج نڪرڻ سان مٿي منھن کڻي بيٺا. سڀني نوڪرن کي هيڏانھن ھوڏانھن ڀڄندو ڏسي مان ٿم ٿي ويس. ڳالھه ڇا ھئي، جو ھنن کي پنھنجي صاحب جي موٽر جو ھارن سڃاتل ھو، جنھن ڪري سڀ کڙا ٿي بيٺا، مگر مون کي ته ھنن جي چرپر جو ڪارڻ تڏھن سمجھه ۾ آيو، جڏھن ڦاٽڪ مان موٽر کي اندر گهڙندو ڏٺم، سورج لٿو ته سندس پٺيان ھڪ ڪرسچئن ڇوڪري به لٿي، جنھن جي ھٿ ۾ ڪي پئڪيٽ ھئا. ائين ته سورج جا ھٿ بنه خالي ڪونه ھئا. ھڪ ٻه پئڪيٽ سندس به ھٿ ۾ ھو. ڪرسچئن ڇوڪريءَ لھندي ئي ٿورو پرڀرو بيٺل ڀولوءَ کي سڏي ڊڪيءَ مان وسڪيءَ جو کوکو ڪڍڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ ھال جي ٻاھرئين در کي ڪنجيءَ سان کولڻ لڳي. ان وچ ۾ سورج مون سان ھٿ ملايو ۽ ڇڪي اندرئين ڪمري مان لنگهي اندرئين پاسي کان ئي ھال ۾ وٺي ھليو، جتي ڪرسچيئن روزي، گلاسن ۾ برف ۽ وسڪي وجھي کاڄن، بادامين ۽ چيز لنگ جون پليٽون رکي چڪي ھئي.
مون ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسي چيو، "ڀاڀي ڪٿي آھي؟"
"ھوندي اتي ڪٿي." چئي سورج وسڪي کنئي، مون کي ھڪ گلاس پڪڙائي پيو پاڻ کڻي ٽڪرائي پيئڻ لڳو. ڌيري ڌيري جھونيون يادگيريون دھرائيندي دھرائيندي ھڪ عجيب ڳالھه تي پھچي ويو...
"ھي تنھنجي ڀاڀي آھي نه، ھتي اچي ڏاڍي تکي ٿي پئي آھي."
"اڇا!!"
"ھا ڀائي ڳالھه ئي نه پڇ. ھاڻي ھيءَ ويچاري روزي، کيس ڇا ٿي ڪري؟ مڙس ته مان سندس ئي آھيان. ڪير به مون کي کانئس کسي ڪانه سگهندي..."
منھنجو ساھ اندر ئي اندر رڪجڻ ۽ گهٽجڻ لڳو، ھي آھي پنھنجو سورج! ڇا اھو ساڳيو سورج آھي؟
ھاڻي سورج جي اکين ۾ لالي ۽ منھن تي خنڪي ھئي. اک ڀڃي چيائين، "آخر ھنن ڇوڪرين کي به ته روزي کپي..."
"يعني؟... تنھنجو مطلب آھي روزيءَ جھڙين ڇوڪرين کي؟..."
"ھا، ڇو ٺيڪ نه چيم؟... حقيتقت ۾ ڇاھي ته سنيتا کي ڪم ڪو به ڪونھي. اجايو ويھي ويھي ويٺي پور پڇائي، وري اولاد مان به ڪين ٿيو، وڏي ڪڪي اڃا 14 ورھين جي ھئي ته ضد ڪري ويٺي ته مون کي پارسي ڇوڪري سان شادي ڪرڻي آھي. مون ته چيو زھر ڏئي ڇوڪريءَ کي ئي پورو ڪري ڇڏجي. نه ھوندو بانس نه وڄندي بانسري."
سورج جون ڳالھيون ھاڻي منھنجي برداشت کان ٻاھر ھيون، ڪنن ۾ آڱريون وجھي چيم، "اولاد لاءِ ڪوئي ائين به چئي سگهندو آھي؟"
"اَڙي اولاد؟ خبر اٿيئي ڪھڙا گل کلايا اولاد؟ شاديءَ جي چئن مھينن کان پوءِ سڌي واپس اچي ھن گهر ۾ ويٺي... ۽ ماڻس؟... بس وساڻل ڏيئي جي به وٽ ته ھوندي، ھن زال جون ته ڄڻ پاڙون ئي سڙي ويون."
سورج جي اکرن ۾ دک شامل ٿيندو پئي ويو. ائين پئي لڳو شايد... شايد روئي به وجھي. ان مھل روزيءَ چيو، "توھان جا دوست ته اڃا ڪونه آيا آھن، فون ڪريان؟"
"نه، اڄ رام آيو ته سڀني دوستن جي ڪمي پوري ٿي وئي آھي." سورج جا لفظ توازن وڃائي رھيا ھئا.... ھو اٿي روزيءَ جي ڪرسيءَ پٺيان وڃي بيٺو "روزي تون بلڪل ٺيڪ آھين نه؟" روزي چيو، "ييس باس."
"ناھين ناھين ناھين ناھين، اڀي باس ناھين." سورج ھٿ سان ڪنھن تصور جي غبار کي ھٽائڻ لڳو. مان اندر ۾ ششدر، سگريٽ جي پڇاڙي پير سان چٿي، وڃڻ لاءِ تيار ٿيس ته ھال جي در وٽ ڪنھن جلوي جو احساس ٿيو. ڪنڌ مٿي کڻي ڇا ڏسان سنيتا! بلڪل ئي اپسرا جيان برجمان!!! سورج جي به نظر ان طرف وئي چيائين، "ھلو سنيتا! ھلي اچ، ھڪ پيگ بچيو آھي باقي..."
سنيتا اندر ته اچي ئي رھي ھئي، پر ائين، ڄڻ ھنن سڀني چيزن، ويندي ماڻھن سان به ھن جو ڪوئي لاڳاپو ڪين هو. مون کي ته ائين محسوس ٿيو ڄن ديو لوڪ کان اچي رھي آھي، پير پٽ تي ڪونه اٿس، ڄڻ ھڪ اپسرا ترندي مون تائين اچي پھتي ھئي، آھستي چيائين، "توھان جو فون آيو ھو، توھان کي گهر ڪوٺيو اٿن."
مون واچ ڏٺي، "اوه ھيڏو وقت گذري ويو." سورج جھومندي چيو، "گذري نه، اڏامي ويو چئو دوست" مون من ۾ ڏاڍي بي تڪي ڳالھه چئي: وقت ته سنيتا سان گڏ رھڻ مھل اڏامڻ کپي. روزيءَ سان گڏ رھندي ته وقت اڏامڻ جو سوال ئي نه ٿو اٿي، مون ڪجھه شڪجندي پنھنجي اچڻ جو مقصد ياد ڪندي سورج کي چيو، "ھاڻي تنھنجو منھنجي گهر اچڻ جو وارو آھي. ڀاڀيءَ کي به وٺي اچ."
سورج ڪوچ تي ويھي رھيو. "ضرور ضرور" چئي اٿڻ جي ڪيائين، پر اٿي نه سگهيو.
ڊرائيور کي پرين سان گڏ ويندو ڏٺو ھو مون. آخر سنيتا ئي پنھنجي ڪار کڻي، مون کي ڇڏڻ ھلي.
سنيتا ڪار ھلائي رھي ھئي، مان ان ۾ سوار ھيس. ھڪ کن لاءِ ائين پئي لڳو، ڳوٺ ۾ ٻئي ڄڻا گهوڙي تي چڙھي سرڪاري باغ ڏي سير لاءِ پيار وڃون ۽ گهوڙي جي واڳ سنيتا جي ھٿ ۾ آھي. مان فقط سندس پٺيان ويٺو آھيان....
"واھه زمانا" منھنجي وات مان نڪري ويو.
"توھان ڪجھه چيو؟" سنيتا موٽر جي رفتار ڍري ڪئي.
"نه.... ڪا مطلب جي ڳالھه ڪانه ھئي."
سنيتا مرڪي ھڪ نھار مون طرف اڇلائي ۽ وري اسٽيئرنگ ويل ۾ ڌيان لڳائي رفتار تيز ڪري ڇڏيائين. ناريءَ جي ھيءَ نھار، شفقتن سان ڀرپور، تڏھن دل چيو جيڪي سورج سان نه سلي سگهئين، سو اگر سنيتا کي ٻڌائي ڇڏين ته شايد تنھنجي اڄوڪي ڪاھ سڦلي ٿئي... من جھلي چيم، "توھين مون کي گهر ڇڏڻ ھلو، اھا، ڇا.... منھنجي خوشقسمتي ناھي."
ھاڻي موٽر جي رفتار تمام ڍري ڪري ڇڏي سنيتا، ورِي ورِي مون طرف ڏسندي چيائين، "ڀلا اوچتو ئي مان 'تون' مان 'توھين' ڪئين بڻجي ويس؟... توھان جي قسمت سٺي آھي، ان ڳالھه سان ته مان سھمت آھيان."
"مطلب؟" مون تڪڙ ۾ پڇيو.
سنيتا کلڻ لڳي. "مطلب ته ائين ٿا پڇو، ڄڻ مون توھان جي ڪا چوري پڪڙي ورتي آھي."
"ته ڪو نه پڪڙي اٿيئي منھنجي چوري تڏھن؟" مون پاڻ کي تناءَ کان آجو سمجھيو ۽ ڪار جي سيٽ تي ٽيڪ ڏئي ڇڏيم.
ھاڻي سينتا ڪار رستي جي، ھڪ اھڙي ٽڪر تي بيھاري ڇڏي، جتي ھن جي ڪار، بين ڪارن جي رستي روڪ ڪانه ٿي ڪئي.
آھستي پڇيائين، "توھين پڇندا، ڪار ڇو بيھاريئه؟"
"ھا".... مان مونجھاري ۾ ته ھوس ئي، "ته ٻڌاءِ!"
ڪجھه مون طرف ڏسندي، ڪجھه پنھنجي ٻنھي ھٿن ۾ رومال کي تھه ڪندي ۽ اکيليندي، سينتا چيو، "ڪلھه مون ۽ سورج ويٺي ھڪ ڳالھه تي بحث ڪيو."
"ڪھڙي ڳالھه تي؟" مون کان خبر ناھي ڇو ڇرڪ نڪري ويو.
"توھان ته ٻارن وانگر ٿا ڇرڪ ڀريو."
مون پاڻ کي ضابطي ۾ آڻي کلي ڏنو.
"سورج ۽ مون سوچيو آھي ته انڌيريءَ ۾ جيڪا، اسين پنھنجي ڪنسرن سوريه ڌارا جي ھڪ نئين آفيس کولي رھيا آھيون، ان ۾ توھان کي ٻڌي رکي ڇڏيون.."
مان وائڙو ٿي نھارڻ لڳس. دل ۾ چيم' اھوئي ته توھان کان گهرڻ آيو ھوس..'
"نالي ۾ ان برانچ جي ھلائيندڙ مان رھنديس، پر ماڻھن مٿان نظرداري رکڻ، سڄو ڪم سنڀالڻ، توھان جي ذمي ھوندو... دل ۾ ڪابه غلط فھمي اصل نه آڻجو، مان توھانجي باس ڪانه ھونديس، اھو منھنجو انجام آھي توھان سان، مان اھائي ھونديس، توھان جي ڀاءُ کان وڌيڪ جگري دوست جي پتني سنيتا ۽ بس..."
جذبي وھيڻي منھنجي دل اڇلجي پئي. مون سندس ٻئي ھٿ کڻي ڪري، پنھنجي اکين سان ڇھائي ورتا.
موٽر وري ھلي رھي ھئي. مان اکيون بند ڪري، پنھنجي ھن اوچتي ھٿن کي اکين سان ڇھائڻ واري واقعي تي سوچي رھيو ھوس، ٿڌا نرم گلابي ھٿ! من چيو، 'ان بولت ميري برٿا جاني، اَنند اَنند سکه پايو' (بنا ٻڌائي تو منھنجي حالت ڄاڻي ورتي، ڪيڏو سک مليو آھي مون کي!)
"ھاڻي ھتان شايد ڏائي پاسي ھلڻو آھي نه."
"ھا ھا.." مون اکيون کولي ڏٺو. برابر ڏائي طرف ئي ھلڻو ھو، "بس ھن روڊ تي پنجون نمبر بنگلو" ۽ کن ۾ ڪار ماسيءَ جي بنگلي اندر پھچي وئي.
سنيتا کي مان گهر اندر وٺي ويس. ھوءَ نلنيءَ سان ھلڪو ڀاڪر پائي گڏي.
"سورج جي زال سنيتا"، مون نلنيءَ کي ۽ داديءَ کي سنيتا جي سڃاڻپ ڏني.
"توھان سمجھيو مان نه سڃاڻندي سانس؟ ائين ته ٻئي ڪنھن ھنڌ ڏسانس ھا ته شايد پڇانس ھا، 'ڀلا تون سنيتا ۽ سورج پرڪاش جي ڌيءَ ته ناھين؟'"
ٽھڪ ڏئي سڀ کلياسين.
نلنيءَ چيو، "سنڀال ته مون به پنھنجي سرير جي گهٽ ڪانه ڪئي آھي، ھيءُ پنھنجو شاعر مھاشيه، جو سونھن جو پوڄاري آھي... پر تون ته عمر کان ڏھ سال ننڍي پئي لڳين."
داديءَ چيو، "ڇٽ پٽ ڇٽ، ھن نلنيءَ کي تنھنجي شاديءَ تي مان ئي ته وٺي آئي ھيس. تنھنجي سورج ڪو شاديءَ جو ڪارڊ ۽ ھڪ لنبي چٺي ڪئي ھئن سکر ۾. وري ته سال گذري ويا آھن، اوچتو ھاڻي اچي لٿا آھن بمبئيءَ ۾، چي: دادي اسين سورج سان گڏجڻ آيا آھيون. ھيترن سالن کان پوءِ سورج ياد آيو اٿن."
مون داديءَ جا ڪلھا لوڏائي چيو، "ايترن سالن ۾ سورج ڪيترو مٿي چڙھي ويو آھي، اھا به ڪا خبر اٿيئي؟"
"پٽ! چنڊ وري ڪو ھيٺ بيٺو آھي ڇا؟"
"شاعريءَ ۾ ھنن به ڏاڍو نالو ڪڍيو آھي، ھر ڪو سنڌي سندس گيتن ۽ ڪلامن مان واقف آھي. پر سڌامو ته سڌامو ئي آھي." نلنيءَ جو منھن ڦڪو ڦڪو ٿيندو ڏسي، مون يڪدم نلنيءَ جي وات تي کڻي ھٿ رکيو.
رات جو جڏھن نلني منھنجي ڀر ۾ اچي سمھي، تڏھن پھريون سوال اھوئي ڪيائين، "تو سڌامي واري ڳالھه تي منھنجو وات ڇو بند ڪيو؟"
مون کلي کڻي کيس ڇاتيءَ سان لڳايو، "نلني! ھن دوست ته ان بولت ميري برٿا جاني.." سندس ڪن وٽ چيم. نلنيءَ تڏھن مون کي وڌيڪ قرب ڏئي چيو، "ڪجھه پگهار ٻگهار جي ڳالھه نڪتي؟"
"سڄي نئين آفيس جو مئنيجر ئي مون کي ٿا ڪن." سک جو ساھه کنيو نلنيءَ، "اوھ بنا پئسي ڏاڍي پريشاني ٿي ٿئي. اڄ داديءَ به پڇيو ته گهڻا ڏينھن بمبئيءَ ۾ رھڻ جو سوچي آيا آھيو، ٻار ته اڪيلا ٿيندا ھوندا جوڌپور ۾."
نئينءَ آفيس جي مھورت وت، نلنيءَ ھڪ شيشي جي ڪوٺي ڏسي چيو، توھين وھندا ھن ڪوٺيءَ ۾.... سڄي آفيس مٿان نظرداري ڪرڻ؟"
"نه، اھا ڪوٺي، سورج جي ڀوريءَ لاءِ آھي. سورج چوي ٿو سڄو ڏينھن گهر ۾ ويھي، سنيتا بور ٿي ٿئي. پوءِ رات جو پئي مون سان جھاموٽيون پائي. ان کان ھڪڙي برانچ سنڀالڻ جو بوجھ سر تي ھوندس ته مون کي ته نه حيران ڪندي."
"اڇا؟"
نانيءَ جي انهي 'اڇا' ۾ ڇا ڇا سمايل ھو، سو منھنجي دل خوب ٿي ڄاتو. گهر موٽڻ تي نلني ماسيءَ کي چوڻ لڳي. "ڏسو ٿا کودا پھاڙ نڪلا چوھا."
ماسيءَ تڪڙ ۾ پڇيو، "ڇو نوڪري نه ملي ڇا سڌامي کي، ڪرشن وٽان؟"
کلندي چيم، "اھا ڳالھه ناھي ماسي! نوڪري ته ملي، پر مئنيجري ڪرڻي پوندي، سا به، سورج ڪمار جي جوءِ جي نالي ۾.."
ماسي ڦٽ ڪري ڪوچ تي ويھي رھي، ڪجھه سوچي چيائين، "نوڪري وڃي ڪاري ڪتي جي نالي ۾ ھجي، تنھنجو ڇا؟ توکي پگهار سا ڪم، اھو ته ملندءِ نه؟"
"ٻيو به ڪجھه ملندس ماسي"، کلندي نلنيءَ چيو، "ھڪ ڀوري ھوندي شيشي جي پڃري ۾ سندس سامھون ويٺل ۽ ھي ويچارو شاعري ڪندو، ڪين مئنيجري؟ مينھن ۾ آفيس ٿي ويندي بند." نلنيءَ وڏو ٽھڪ ڏنو.
ڪيڏو شڪي آھي ھيءُ ناريءَ جو من...
ڪيڏي رات گذري به، ننڊ نه ھئي منھنجي نيڻن ۾، ھڪ عجيب ماٺ لڳي وئي ھئي مون کي.
نلنيءَ رڌڻي جو ڪم ڪار سميٽي، جڏھن مون کي جاڳيل اچي ڏٺو تڏھن منھنجي شعرن لکڻ جي ڊائري کڻي اچي ھٿ ۾ ڏنائين.
"اڙي ھيءَ ڇو؟"
"توھين شعر لکڻ جي موڊ ۾ جو آھيو."
شعر لکڻ جي موڊ ۾ ھوس يا نه، اھا ٻي ڳالھه ھئي. باقي منھنجو اچانڪ ئي سنيتا جي ٿڌن گلابي ھٿن کي کڻي اکين تي رکڻ وارو واقعو اڃا به مون کي عجب کان آزاد نه ڪري سگهيو ھو.
پنھنجو وھاڻو ڪلھي تي رکي نلني منھنجي پلنگ وٽ بتيءَ جو بٽڻ ٿي دٻايو ته کيس ٻانھن کان ڇڪي چيم، "ڪيڏانھن ٿي وڃين؟"
"اڙي بابا! ماسيءَ جو گهر ھيڏو وڏو آھي، ڪنھن نه ڪنھن روم ۾ وڃي سمھي پونديس. بتيءَ ۾ ڀلا ننڊ ڪٿي ايندي آھي مون کي؟"
نلنيءَ جو ھٿ چمي سندس ساري وجود تي نظر ورائي کيس وڃڻ ڏنم. جوڌپور جي ننڍڙي گهر ۾ جڏھن رات رات جو مون کي شعر لکڻ جو موڊ ھوندو ھو، تڏھن نلني اکيون پوري جاڳندي رھندي ھئي. سندس ھن نشڪام قربانيءَ اڳيان من جھڪي پيو. ان مھل جيڪو شعر منھنجي ھٿ سان لکجي ويو، ان ۾ نلني ۽ سنيتا عجيب نموني نئون نالو'ڪموندني' پائي اٿي کڙيون ٿيون.
سوريه ڌارا انٽرنيشنل جو ڪم سڄو مون کي ئي سنڀالڻو ھو، پر پھرين مين برانچ ۾ مھينو کن ڪم سکڻ تي لڳي ويو. آفيس کان موٽندي سورج ھاڻ روزيءَ ۽ مون کي ساڻ ڪري، ڪڏھن پڪچر ھائوس، ڪڏھن ڪنھن ڪلب وغيره ۾ ھليو ھلندو ھو. ٿورن ئي ڏينھن ۾ مان سمجھي ويس ته سورج فقط سنيتا کي پاڻ کان پري رکڻ ۽ روزيءَ جي ڪمپنيءَ ۾ وڌيڪ رھڻ لاءِ ھيءَ سوريه انٽرنيشنل کولڻ جو ٽڪساٽ ڪيو آھي. پر دوستيءَ جي وچ ۾ جا ناڻي جي ديوار کڙي ھئي ته دوست کي دڳ ڪيئن ڏيکارجي. روزي ته بس ناڻي جي لالچ سبب ئي سورج جو ساٿ ٿي ڏنو. ھاڻ مون کي سنيتا لاءِ تمام گهڻو احساس ٿيڻ لڳو. پر سورج ئي ته منھنجو دوست ھو. من ئي من ۾ کيس ڏوراپا ڏيندو ھوس ته 'يار! سچ ڇڏي وڃي ڪوڙ تي پيو آھين.'
ھڪ ڏينھن ته پڙ پڌرا ٿي پيا. سورج کي روزيءَ صاف صاف چئي ڏنو ته تون منھنجو قدر نه ڪيو آھي. مان ولائت ۾ نوڪريءَ لاءِ ٿي وڃان.
سورج اچي مون سان ڳالھه ڪئي، چئي، "ڏس پنھنجي حق ٻڌي زال کان وڌيڪ گهمايانس ڦيرايانس پوءِ به...."
مون کي وجھه ملي ويو سنيتا جو پاسو کڻڻ جو. مون چيو، "اھوئي ته ھنن خريد ڪيل ٻانھين جو نخرو آھي. ھنن جو پيٽ ڀرجڻ جو ئي ناھي."
سورج چيو، "پر بيوقوف چوي ٿي منھنجي ماءُ کي جاءِ وٺي ڏي. پڇينس تنھنجي ماءُ منھنجي ڪير لڳي؟"
مون چيو، "دوست اھو به ڍارو اڇلي ڏس." منھنجي من کي پڪ ھئي ته ھيءَ عورت جاءِ ملڻ کان پوءِ سورج کي ڇڏي ويندي.
سورج روزيءَ کي جاءِ وٺي ڏني يا نه، ان کان اڳ ئي مون کي سوريه ڌارا انٽرنيشنل جي سنيتا واري برانچ م وڃڻو پيو.
سنيتا چيو، "مان ته ھتي بور ٿي پئي آھيان." مون چيو، "ھتي ته ڪم ايڏو ھوندو، جو بور ٿيڻ جي فرصت ئي ڪين ھوندي توھان کي."
"نڪي نئين مئنيجر مون کي ڪم سيکاريو، نڪي منھنجو ئي من ٿو لڳي ڪم ۾. بس صحيون ڪندي آھيان، سي به بنا ڪجھه سمجھڻ جي... خير ھاڻ ته توھان جي ڪمپني ملندي."
ڇا لئه ڪوئي ڪنھن جي ڪمپنيءَ لاءِ پريشان ٿو ٿئي، ڇا لئه اھا پريشاني، پريشان ڪندڙ ڌر جا سڀ پور کولي سڳنڌ ڦھلايو ڇڏي....
ڳالھه مٽائڻ لاءِ کلي چيم، "توھان کي مالھيءَ ڪھڙي باغ مان ھي گل آڻي ڏنا آھن؟ توھان جي گلدستي مان ڪيتري سٺي خوشبوءِ ٿي اچي، نه ته بمبئيءَ ۾ گلاب جا گل حيدرآباد جي گلن جھڙا سڳنڌ وارا ته ڪين ھوندا آھن..."
سنيتا ھلڪو مرڪيو. گلدستي کي ڏسندي چيائين. "ھي ته آھن ايور ريڊي روزز. ولائت وارو ھڪ دوست ڏئي ويو آھي."
مون چتائي چتائي ڏٺو بلڪل ئي سچا نظر ايندڙ، نرم پنکڙين وارا گلاب ھئا! تڏھن ھن شيشي جي ڪئبن اندر گلاب جل جي سڳنڌ جو مرڪز ٻيو ئي ڪو ھو. پر کل جھڙي ڳالھه ھئي. هتي به ڪوڙا گلاب رکيل ھئا ۽ سورج وٽ به روزي ھئي.
سنيتا ھڪ فائيل کولي، کڻي منھنجي اڳيان رکيو. مان سندس ۽ سورج جي باري ۾ سوچيندو کيس ئي ڏسي رھيو ھوس.
سنيتا اکين جي اشاري سان فائيل ۾ نھارڻ لاءِ چيو.
مار ھتي ته فائيل ۾ مٿان ئي مٿان منھنجو تازو لکيل شعر ھو "ڪمود! تنھنجا ٿڌا ۽ گلابي ھٿ.." ھڪ دٻيل مرڪ، ٽھڪ بڻجڻ لاءِ مک ۾ آتي ھئي. مگر سامھون واري ڌر ٽھڪ ۾ شامل ٿيڻ واري آھي يا نه. ان خيال سان سنيتا ڏي ڏٺم،... ھوءَ بلڪل گنڀير ۽ شانت ھئي. منھنجي کل ته اڏامي وئي. ان جي جاءِ تي ھڪ قسم جو ڊپ مون کي ويڙھي ويو.
سنيتا چيو، "تڏھن ھن عمر ۾ توھين ڪنھن ڪمودنيءَ کي چاھڻ لڳا آھيو؟ توھان جي نلني ويچاري ته اھڙا شعر ڏسي دکي ٿيندي هوندي."
مون نڙي صاف ڪري چيو، "نلنيءَ ته شادي کان اڳ ئي، منھنجي ھن قسم جي شاعريءَ کي ڏسڻ شروع ڪيو ھو. چوندي آھي: 'ڀڳوان ھڪڙي قسم جي مٽي ڳوھي زال ذات کي ٺاھيو. ٻيءَ مٽيءَ مان پرشن کي ٺاھيائين. سو مان آھيان زناني مٽيءَ مان ٺھيل، ان جو ھڪ حصو...'"
ٻئي ھٿ ھڪ ٻئي ۾ اٽڪائي، کاڏي ھيٺان رکي، ٻڌي رھي ھئي سنيتا ھي سڀ.
مون ماٺ کڻي ڪئي.. کن رکي چيم، "ڪجھه تون به ڳالھاءِ."
ٻئي ھٿ ھيٺ رکي ڊگهو ساھه کڻي سنيتا چيو، "توھان جي نلنيءَ جو اھو ويچار بلڪل ئي سٺو آھي. ھا ساري استري جاتيءَ لاءِ سٺو آھي... ليڪن حالتون ھر استريءَ لاءِ نياريون آھن. ڪن لاءِ اُھو وقت اچي ٿو، جڏھن پتي پتني ھڪ ٻئي کان ڌار رھڻ لڳن ٿا. ساڳيءَ ڇت ھيٺان رھندي به، ھڪ ٻئي جي دک سک کي سمجھڻ لاءِ تيار ناھن. اھڙي وقت عورت جي من ۾ اداسي ڇانئجيو وڃي. سب سنساري خوشيون کيس رڃ جي درياھ جيان لڳن ٿيون... اھڙي وقت شايد ڪم ئي سندس سھارو آھي."
مان سنيتا جي برف جھڙي شفاف وجود طرف ڏسندو رھيس... اچانڪ ئي ھن مورتيءَ جي مٿان وري وئي منھنجي نلنيءَ جي صورت. نلنيءَ کي گهر جي ديک ڀال ۽ رڌڻي جي ڪم ڪار، سندس وجود تي ڪاراڻ جو ھلڪو تھه چاڙھي ڇڏيو آھي. پر اندر ۾ وھندڙ رڃ جي درياھ جي ڳالھه ھن ڪڏھن ڪين چئي آھي!
کلي چيو سنيتا، "پنھنجي نئين ڳولي لڌل ناري ڪمود تي ڪٿا ٺاھڻ ۾ لڳي ويا ڇا...؟"
مون جواب ڪين ڏنو. بس ان آڪار ڏي ئي ڏسندو رھيس جنھن جي ھر انگ مان چلڪاٽ پئي نڪتو. ڄڻ پاڻيءَ مٿان سورج پئي چمڪيو... پر اندر وھيو پئي رڃ جو درياھ!...
ڪيتري دير سنيتا چپ ويٺي رھي. آخر ڄڻ ڪنھن غبار کي ھٿ سان ھٽائيندي چيائين، "سامھون ڏسو، توھانجي ميز وٽ، ڪيڏا ماڻھو ڪٺا ٿي ويا آھن."
مون شيشي جي ڪئبن مان، ٿورو پرتي رکيل پنھنجي ڪم ڪرڻ واريءَ ميز ڏي نھاريو، برابر ڀيڙ ڪٺي ٿي وئي ھئي.
سنيتا سڌو منھنجين اکين ۾ ڏسندي چيو، "توھين سانتا ڪروز برانچ مان ھن آفيس جو ڪم سکي آيا. ھاڻي مون کي سيکاريو ته ھيءَ ڀيڙ روز منھنجي ٽيبل وٽ اچي... مان ڪم ۾ رڌل رھڻ ٿي چاھيان."
مان سندس اکڙين جي ماڻڪين اَندران انھيءَ رڃ جي درياھ جو نظارو ڏسي رھيو ھوس.
ھڪ ڪوتا جو سرو من ۾ لھرائڻ لڳو.
'ڪمود، تون آھين جل جو ڀرم.'

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا