ايم بي سنڌي ”ڪيو آر ڪوڊ“ سيل

”ڪيو آر ڪوڊ“ ڇا آهي؟ هي ڪوڊ اوهان کي جديد موبائل سيٽن تان ويب ائڊريس ٽائپ ڪرڻ بنان ويب پيج کولي ڏيندو آهي. اوهان صرف پنهنجي سمارٽ فون تان بار ڪوڊ اسڪينر وسيلي ايم بي سنڌي جو هي ڪوڊ کي اسڪين ڪيو ۽ وڌيڪ اوهان جو فون پاڻ توهان کي ايم بي سنڌي ويب سائيٽ تي پهچڻ لاءِ مددي ڪم ڪندو.

سماجي رابطن ۾ گڏجو

عبدالماجد ڀرڳڙي

عبدالماجد ڀرڳڙي

ايم بي سنڌيءَ ڇا ڪيو؟

01سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي آندي وئي.

02جديد ترين پروگرامن ۾ سنڌي آندي وئي.

03ونڊوز 8 ۾ سنڌي ٻولي شامل ڪئي وئي.

04سنڌي ٻولي هر آپريٽنگ سسٽم ۾ اچي وئي.

05ويب جي دنيا ۾ اجڪس ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي اچي وئي.

06سنڌي اڊوبي جي جديد گرافڪ ۾ آندي وئي.

اوهان هتي آهيو: مکيه صفحوالڳ راهون

الڳ راهون

خبر ناھي ڪھڙيءَ کنيو جو سڀدرا ديويءَ جي فوٽي کي ابتو ڪري ڇڏيم. روي گهر ۾ گهڙيو ته يڪدم سندس نظر اُبتي ٿيل فوٽي ٿي پئي. پڇيائين، "ھيءُ فوٽو ڪنھن اُبتو ڪيو آھي؟"

ھڪ پل لاءِ سوچيم چوانس، 'بيبيءَ ڪيو آھي.' ليڪن منھنجي سچ ڳالھائڻ جي عادت، چيم، "مون".
ھو چپ چاپ پنھنجي ڪمري ڏي ھليو ويو، چپ چاپ ٺيڪ نه ٿيندو. پھرين ته مون ڏي ڪڙي نظر اڇليائين، پوءِ فوٽي کي سڌو ڪيائين ۽ ان کان پوءِ مون طرف بلڪل ئي نه نھاريائين، ڄڻ مان ھن لاءِ ھئس ئي ڪونه. دل ۾ آيم، پٺيان ڇڪي پڇانس، "سڀدرا ديوي اگر تو لاءِ سڀڪجھه ھئي ته مون کي ھن گهر ۾ آڻڻ جي ڪھڙي ضرورت ھئي."

ليڪن ھينئر اھو پھرين رات واري ساڳئي سوال جو پيارو جواب ته ملڻو ئي ڪين ھو، ھروڀرو پنھنجي موڊ خراب ڪرڻ مان ڇا ورندو. مگر سوچيم پھرين رات به جڏھن ھن چيو، "سڀدرا جھڙي لڳينءَ، تڏھن ته تنھنجي پٺيان پيس." ته به مون کي ڪو اھو جواب اندر ۾ خاص ته ڪونه وڻيو ھو، ان جو ڪارڻ شايد اڄ سمجھان ٿي ته ڪابه ناري پتيءَ جي نظر ۾ ٻي ناري ھجڻ نه چاھيندي آھي... نه اھو مان غلط ويٺي سوچيان. ھر ڪا ناري ٻي ناري ٿيڻ چاھيندي به ھجي، پر پنھنجي مرضيءَ سان سندس پتي کيس ٻيءَ ناريءَ جي روپ ۾ ڏسڻ چاھي ته شايد پسند نه ڪندي آھي. ھا اھائي ڳالھه ٺيڪ آھي، نه ته شاديءَ جي ڪن مھينن کان پوءِ رويءَ جڏھن مون کي سڀدرا ڪري پڪاريو ته مان سندس پلنگ تان ٽپ ڏئي اٿي ڇو کڙي ٿيس، ۽ ھن ور ور ڪري سمجھايو ته سڀدرا مري چڪي آھي، ان لاءِ توکي حسد ڪرڻ جو ڪوئي سبب ناھي. پوءِ به مان پنھنجي اندر ۾ سانوڻيءَ جي مور وانگر ھڪ ڪراھيندڙ آواز ڇو ٻڌندي رھيس 'مان مان ھجان'، ڪوئي مون کي پيار ڪري فقط مان سمجھي، سويتا سمجھي...

ھڪ رات تمام گهڻو روئي روئي، مون کيس ٻڌايو ته، "مون کي لڳي ٿو، سڀدرا جي ھن فوٽي سبب، اسان ٻنھي جي اٽوٽ پيار ۾، وار جيتري وٿي پئجي ٿي وڃي."

ھن ڀيري ھو ٽپ ڏئي منھنجي پلنگ تان اٿي کڙو ٿيو، سندس اکين ۾ ڪجھ چمڪي رھيو ھو "مون سمجھيو تون به ان کي پيار ڪندينءَ، جنھن کي مان پيار ڪريان ٿو." جاچي ڏٺم جيڪي سندس اکين ۾ چمڪي رھيو ھو، سي ڳوڙھا ھئا، جن کي ھن منھنجي اڳيان ھيٺ ڪين ڪيرايو. پرش آخر راجا آھي ۽ راج ھٺ!...

"روي!..." مون ھڪ ڀيرو کيس پٺيان سڏ به ڪيو، مگر ان رات ھو ٻئي روم ۾ ئي نه مون کان... منھنجي دل کان... ڪجھه ڪوھ پري ھليو ويو ھو. ھر کن مون کي ائين پئي محسوس ٿيو، اسين ٻئي بلڪل مختلف ماڻھو، ھڪ ٻئي سان اٽڪي، ھڪ وڏي ڀل ڪري ويٺا آھيون. ھن کي سڀدرا جھڙي ڪلاڪار کپندي ھئي. ڪراھت سان ڪڏھن ھن لاءِ 'ناچڻي' چئي، رويءَ اڳيان حسد به ڏيکاريو ھوندم، ان کان انڪار نٿي ڪريان. پر رويءَ جي غير حاضريءَ ۾ رويءَ کان لڪي مون خود وڃي نرتيه جي ڪلاس ۾ داخلا ورتي. ان ڳالھه لاءِ مان ڪھڙو ٿي بھانو پاڻ کي ٻڌائي سگهان؟ منھنجي من جي سٻل ويچار ھڪ وار ان جو جواب مون کي ھيءُ ڏنو، ته سويتا! تون خود سڀدرا کي پيار ڪرين ٿي، ڇو ته تون اسڪول ۾ ناٽڪ کيڏيا، رڪارڊ وڄائي تن تي ناچ ڪيئي، شايد تنھنجي اندر به ھڪ ناچڻي ڪلاڪار جو روح لڪل آھي، جنھنڪري رويءَ پھرينءَ رات چيو ھو "تون سڀدرا جھڙي لڳينءَ، انڪري ته تنھنجي پٺيان پيس...."

ليڪن جنھن مھل ھن سڀدرا جي ابتي ڪيل تصوير سبتي ڪري ڪڙي نظر اڇلي ٻئي ڪمري جو رخ رکيو، ان مھل جيءَ چيو،'"اھا سڀدرا اڄ جيئري ھجي ھا ته سندس خون ڪري وجھان ھا...'

ليڪن منھنجي زندگيءَ کي زھر ڪرڻ لاءِ ايتروئي کوٽو نصيب ڪافي نه ھو. ھڪ ڏينھن رويءَ اچي چيو، "آشا ديوي آئي آھي. اڄ رات ڪويتا پاٺ جو پروگرام ھتي گهر ۾ رکيو ٿمانس!."

"آشا؟ ڇي! ڪويتا پاٺ ڪندڙ تنھنجو نالو وري آشا؟ ھھڙو عام نالو! غاشا نالو رکائي ھا، آشنا نالو رکائي ھا... ڇا پاڻ ڪويتري ڪانھي؟"

"نه" رويءَ چيو، "پاڻ ٿورا لوڪ ناچ سکيل آھي، باقي چون ٿا گلي ۾ مٺاس اٿس."

مون چيو، "توھان جون ڪوتائون سٺي نموني پڙھي ته مان ٽيپ ڪنديس." ۽ واقعي ٽيپ تي ڀرڻ جھڙيون ھيون ڪوتائون... ڪوتائون ته ھيون ئي، ڇو ته اھي لکيل رويءَ جون ھيون، پر انھن کي سون تي سھاڳو ڏيڻ وارو ھو آشا جو آواز.

رات جا 10 اچي لڳا، آشا پريشان ٿيڻ لڳي. ھاڻ ھن گهر وڃڻ چاھيو. رويءَ کلي چيو، "وڃ ڀلي پر اڃا ته منھنجو فقط ھڪڙو ڪويتا سنگره به تنھنجي گلي جو ميٺاس ماڻيندو، سويتا جي ٽيپ ۾ نه پھتو آھي.."

"مان سڀاڻي به اينديس. پرينھن به. جيستائين توھان جي سڀني ڪوتائن کي پنھنجي گلي مان توھان تائين نه پھچايو اٿم. تيستائين بس نه ڪنديس. اسان جي سڄي شھر مان ڪلاڪار نڪتا ئي گهڻا آھن!"

رويءَ چيو، " آشا ديوي! پھرين سوچيو ته سھي، اسان جو شھر آھي ئي ڪيترو؟ فقط پنج ھزار چورس ميل."

آشا چيو، "مگر چوطرف جبلن، آبشارن ۽ ساوڪ کيس سونھن ته سرڳ کان وڌيڪ بخشي آھي."

منھنجي من ۾ آيو ته مان چوان، "مون ڀلي توھان ٻنھي جو شھر نه ڏٺو آھي، پر پنھنجي جنم ڀومي کي ايترو پيار ڪيو اٿم، جو توھان جي ٻنھي جي پنھنجي شھر لاءِ سڪ بلڪل تر نموني محسوس پئي ڪريان، مگر اھي اکر منھنجي زبان تي اچي به رڪجي ويا. رويءَ جا ٻيا به ٽي دوست آيل ھئا. اصل ۾ آشا ديوي کي رويءَ جو گهر ڏيکارڻ وارا اھي ئي ھئا، ھن ته فقط رويءَ جو ذڪر ڪيو ھو ساڻن. آشا ديويءَ کي سندس مائٽن وٽ ڇڏڻ لاءِ رويءَ جا ٽي دوست ڪافي ھئا، پر روي به ساڻن گڏ ويو. ٽئڪسيءَ واري کي ٻه رپيا خرچي ڏيڻ سان چئن کان پنج ڄڻا به کڄي ويا.

ھنن جي ھلئي وڃڻ کان پوءِ خبر ناھي ڪھڙيءَ احساس ڪمتريءَ اچي ورايو. دل ۾ چيم، عجيب آھن ھي مرد، اگر روي ھڪڙو نه وڃي ھا ته ڇا آشا ديويءَ کي ٻيا دوست اڏائي وڃن ھا!"

ڪلاڪ کن کان پوءِ روي واپس موٽيو. مون ان مھل مينا ڪماري جا ڳايل ڪي غزل پئي ٽيپ تي ھلايا. ھڪ درديلو احساس من تن کي گهيري ويٺو ھو. رويءَ ايندي شرط، ٽيپ رڪارڊر مان اھا ٽيپ ڪڍي، آشا ديويءَ جي تازي ڳايل ٽيپ کڻي وڌي، منھنجي من ۾ خبر ناھي ڪھڙي راڳڻي پئي ھلي، جنھن کي جھوٻو اچي ويو. رويءَ جي ھيءَ حماقت مون کي اصل ڪانه وڻي. مان چپ چاپ اٿي ويس ۽ وڃي بيبيءَ جو بسترو وغيرھ ٺيڪ ڪيم. بيبي ننڊ ۾ ڏاڍي پياري پئي لڳي. پر کيس چمي ڏنم ته جاڳي پئي. بس جاڳي ڇا پئي اصل "پپا پپا" جي رٽ لڳائي ڏنائين. روي ته ھڪ من، ھڪ چت، آشا جا ڳايل پنھنجا گيت ٻڌي رھيو ھو. کيس بيبيءَ کي کڻڻ لاءِ سڏ ڪيم ته جواب ئي نه ڏنائين. شعر لکڻ مھل ته ھونئن به ڪجھه ٻڌندو ناھي. ھاڻي شعر ٻڌڻ مھل به جواب نه ڏيڻ جي ڪار شروع ٿي رھي ھئي. ڪنھن نموني بيبيءَ کي ماٺ ڪرائي، مان بيبيءَ سان گڏ ئي سمھي پيس. شايد آڌي رات جو سمو ھو، جو اوچتو جاڳ ٿيم. ڏسان ته روي اڃا به ائين ئي آرام ڪرسيءَ تي ليٽيو پيو آھي. ۽ پاسي ۾ ٽيپ رڪارڊر مان، سندس پيارا گيت آشا ديويءَ جي سريلي گلي مان لھرائي رھيا آھن. مون ھلڪو کڙڪو ڪيو. پھرين سمجھيم، کيس ننڊ اچي وئي آھي، ليڪن کن کان پوءِ ٽيپ خلاص ٿي ته ڏٺم وري ان کي نئين سر چالو ڪري ڇڏيائين. خبر ناھي مون کي ڇا ٿي ويو. رڙ ڪري چيم "بند ڪر، مھرباني ڪري بند ڪري روي" ۽ رويءَ کي به خبر ناھي ڇا ٿي ويو چيائين، "بند نه ڪندس، نه ڪندس بند، توکي کپي ته ٻئي روم ۾ وڃي سمھه."

مون پڄرندي چيو، "تون جيڪر ٻئي روم ۾ وڃي، اھا تيڪ ٻڌين ته ڇاھي؟ بيڊ روم سمھڻ لاءِ ٿيندو آھي، راڳن لاءِ نه ٿيندو آھي."

ھن ڏاڍي ڪراھت سان چيو، "پابندين ۾ ئي ٻَڌي پئي ھُج، توکي ڪھڙي خبر روح جي آزادي ڇا ٿيندي آھي!"

مان به وھاڻو کڻي روم مان اٿي کڙي ٿيس. چيم، "اھا روح ٻوح جي آزادي ڪنھن استريءَ کي ماڻيندي ڏسو ته سڙي جيڪر خاڪ ٿي وڃو. اھي اسين زالون آھيون، جن جي زبان تي مُھر آھي."

رويءَ جي ڳالھائڻ ۽ نهارڻ ۾ حد کان وڌيڪ ڌڪار ڏسي منھنجو روح رڙي اٿيو. چيم، "ڪھڙو آھين روي! پھرينءَ رات کان وٺي سڀدرا ناچڻيءَ جي مُردي سان گڏ جيئڻو پيو. ھاڻي شايد آشا ديويءَ جي زندھ دليءَ سان گڏ جيئندي، ڪنھن احساس ڪمتريءَ ۾ مرڻو پوندو."

ان کان پوءِ خبر ناھي ڪھڙا ڪھڙا الزام ھڪ ٻئي تي ھڻندا رھياسين. اف! ڪھڙو آھي ھي لفظن جو طوفان؟ جنھن ۾ سڀ پيار ۽ پريم ڇن ڀن ٿيو وڃي...

مان پنھنجو وھاڻو کڻي بيڊ روم کان ٻاھر ته نڪتس، پر رويءَ کان سواءِ ڪٿي جاءِ ھئي منھنجي وشواس ڀريءَ ننڊ جي.

ٻئي ڏينھن تي به آشا ديوي وري اسان جي گهر ۾ آئي. 'اسان جي' نه چوان، 'روي' جي چوان، ڇو ته روي ان رات مون کان جو جدا ٿيو ته وري ڪڏھن گڏ نه ٿيو. دل ڪري، اسان جون راھون بلڪل الڳ ٿي چڪيون ھيون. گيتن لکڻ ڪري رويءَ کي مشھوري ملي ھئي.

مشھوري ته رويءَ کي گهڻو اڳ ملي ھئي، پر اھي گيت جڏھن آشا ديويءَ جي سرلي گلي مان ماڻھن ٻڌا، تڏھن ته روي لاءِ فلمن وارن به دروازا کولي ڇڏيا ۽ ٻئي ٻانھون کولي روي ۽ آشا ديويءَ جو ستڪار ڪيائون. مان رويءَ سان گڏ ھوندي به، پاڻ کي سندس پاڇي کان وڌيڪ ڪجھ ڪين سمجھندي ھئس.

ھڪ رات ته رويءَ سان وري جھڳڙو ڪيم. مون چيو، "روي ھي سڀ ڇا ٿي رھيو آھي؟ آشا ديويءَ سان گيتن کي سجيلا سر ڏيڻ سٺي ڳالھه آھي، پر آشا سان گڏ خريدارين تي وڃڻ، سندس عزت ۾ پارٽيون ۽ ڪوي سميلن ڪوٺائڻ، سندس ھر ڪو انگل کڻڻ، مان ڇا سمجھان؟"

"آشا ديوي منھنجي ڳوٺائڻ آھي، منھنجين ڪويتائن جو سندس آواز ملھه وڌائي ڇڏيو آھي. پوءِ به مان سندس قدر نه ڪريان؟"

"مان ته تنھنجي ڪنھن ڪم ۾ ساٿ نه ٿي ڏئي سگهان. سڀدرا وانگر نرتيه ڪلا ۾ نالو ڪڍي سگهان ھا، ته اڄ فلمن ۾ تنھنجي گيتن تي منھنجا نرتيه ھجن ھا.... ھاڻي ته مان ڏاڍي اڪيلي ٿي پئي آھيان روي!"

"ته ڪر نه محنت، ڪنھن جھليو اٿئي؟ اچ نه ميدان ۾، مڙس جي ڪويتائن جو قدر ته ٿيئي."

ھيءَ ھڪ للڪار ھئي منھنجي وجود کي. جيڪي نرتيه ڪلا سکڻ لاءِ اڳي لڪائي ڪندي ھئس، سو ھاڻي پڌري پٽ ڪرڻ لڳيس. رويءَ کي ڪمائي ٿي ته جاءِ به خلاصي ورتائين. وڏي هال ۾ رويءَ جي بيٺڪ ھئي. ھڪ ڪنڊ ۾ ڪئسيٽن سان ڀريل ڪٻٽ، ٽيپ رڪارڊر ۽ آشا جي ڳائڻ لاءِ ساز رکيل ھئا.

منھنجو روم ته گهنگهرن ۽ سازن سان اڌ کان وڌيڪ ڀرجي ويو ھو. ننڍڙيءَ شلپيءَ لاءِ ايترا رانديڪا اچي ڪٺا ٿيا ھئا، جو ان جو روم به دڪان بڻجي پيو ھو. بس خالي خالي ۽ صاف سٿرو ھو ته ھڪ بيڊ روم ھو.

ڌيري ڌيري بيڊ روم نالي ۾ بيڊ روم وڃي رھيو. روي ڪيڏي مھل آشا ديويءَ سان ڪھڙي فلم جي شوٽنگ تي ٿو وڃي، اھو به کيس ٻڌائڻ وسري ويندو ھو. شلپيءَ کي ننڊ ۾ چمي ويندو ھو. اھا عادت به ڌيري ڌيري کانئس ڇڏائجي وئي. پر ڪڏھن پنھنجو ڪوئي گيت، ڪنھن گهٽيءَ گهوٻي ۾ ڳائجندو ٻڌائين يا ريڊيو يا ٽي.ويءَ تي ساراھ ٻڌائين ته بس ڍير رانديڪا وٺي ايندو شلپيءَ لاءِ، پوءِ ڏاڍو پيار ملندو ھو شلپيءَ کي، ليڪن اھو به فقط ڪن گهڙين لاءِ.

مگر ھيءَ ڪھڙي عجيب ڳالھه ٻڌم دنيا وارن وٽان ته فلمي دنيا ۾ رويءَ ھُلائي ڇڏيو آھي ته "سندس گيتن تي ڪو به فلمي نرتيه مون کان نه ورتو وڃي."

ڌڙام ڪري، برف جي ھڪ ڇپ ھماليه جي چوٽيءَ تان ڪري پئي، لاھيءَ سان رڳڙجندي، زمين کي ڇليندي، ھيٺ ھيٺ وڃي، ڪنھن تل ترائيءَ ۾ پئي!!

پھاڙ جي چوٽيءَ تي سرسوَتي، پنھنجي ويڻا مان مڌرسر ڪڍي برھمانڊ کي ليءِ ۾ آڻي رھي ھئي ۽ مان ھيٺ ڪريل برف جي ڇپ جو ڳرڻ ڏسي رھي ھئس.... جيئري کڳي کي، ٽڪر ڪري جڏھن ديڳڙي ۾ رڌڻ لاءِ وجھبو آھي، تڏھن ڪيڏي دير تائين اھو کڳو ٽپ ڏيندو رھندو آھي... ڦٿڪندو رھندو آھي، جيسين سندس ٽڪر ٽڪر مان جان پوريءَ طرح نڪري وڃي.... ساڳي حالت ھئي ھن برف جي ڇپ جي..

"روي! منھنجي نرتيه کي فلاڻي فلم ۾ ساراھيو اٿن، مان ويڊيو ڪئسيٽ کڻي آئي آھيان. تون ڏس."

مون من ماري چيو.

"فرصت ھوندي ته ڏسندس، رکي وڃ منھنجي ميز تي."

"روي! تون مون کي سڀدرا ڇو نه ٿو سمجھين؟ سڀ چون ٿا، مان سڀدرا کان ٻه رتيون سرس آھيان نرتيه ۾!!"

"سڀدرا سمجھان توکي؟ سڀدرا جي جُتيءَ ۾ تون پير پائي سگهندينءَ؟ تنھنجو پھريون ڀيرو نرتيه مون تنھنجي ڪاليج ۾، سڀدرا سان گڏجي ڏٺو ھو. مون توکي ساراھيو، ھٿ چميا... سڀدرا مون کان وڌيڪ ساراھيو توکي، تنھنجو نراڙ چميائين... ڪري سگهينءَ تون آشا ديويءَ لاءِ ائين؟"

اچانڪ ئي وڄ جي چمڪاٽ جيان ھڪ عجيب حقيقت تي وڃي نظر پئي. چيم، "جيئن توکي مون تائين پھچائڻ لاءِ، سڀدرا ديوي ساھ ڏئي، توکي آباد ڪيو، تيئن مان برابر نه ڪري سگهنديس، پر الڳ رھي، توکي آشا ديويءَ تائين پھچڻ لاءِ تنھنجي راھ کولي سگهان ٿي... شل اھو ڏينھن نه اچي، جو تون چوين آشا ديويءَ کان ڪنھن به فلم ۾ منھنجو گيت نه ڳارايو وڃي.

عبدالماجد جي ڪهاڻي، سندس والد جي زباني

عبدالماجد، سنڌي ڪمپيوٽنگ جو باني، منهنجو وڏي ۾ وڏو فرزند آهي. هُو 8 فبروري 1948 تي پيدا ٿيو جڏهن مون لاڙڪاڻي...

سگھو ئي عبدالماجد جي گھرواري سخت بيمار ٿي پئي. در اصل هو جڏهن لاڙڪاڻي مان لاهور وئي تڏهن ئي سندس طبيعت...

ڪراچي ۾ رهائش دؤران هڪ ڀيري سندن غيرموجودگي ۾ شام جي وقت ڪجھ هٿيار بند ماڻهن سندس رهائش تي ڌاڙو هنيو...

اهڙي ريت، انڪم ٽيڪس جي نوڪري مان مالي گھرجن جو پورائو نه ٿيڻ ڪري پريشاني، بهتر سرڪاري نوڪرين ۾ سفارشي اميدوارن...

هن کي فنانس جي بجاءِ، جنهن ۾ کيس ڊگري به هئي ۽ تجربو به، خريداري کاتي يا پرچيز ڊپارٽمينٽ ۾ رکيائون...

«
»

فيس بڪ تي

ايم بي سَٿَ جا مقصد

  • سنڌي ٻوليءَ کي جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ ۾ رائج ڪرڻ
  • موبائل ٽيڪنالاجيءَ جي سرشتي ۾ سنڌي رجسٽر ڪرائڻ
  • سنڌي ڪتابن کي ڊجيٽل ڪتابن ۾ منتقل ڪرڻ
  • سنڌي نوجوانن کي هن ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڀڙ ڪرڻ

تازه ترين بلاگ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

هڪ وک اڳڀرو: اي پب فارميٽ ۾ پهريون سنڌي اي بوڪ

اٺ سال اڳ، انٽرنيٽ تي شاه سائين جي رسالي جي اشاعت جي سعادت نصيب ٿي....

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

ڪو ته ڏيئو ٻاري هلجي

مون اڄ پنهنجي فون کي اينڊرائڊ سسٽم 4.1.1 سان اپڊيٽ ڪيو ۽ مونکي اهو ڏسي...

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

سنڌي ٻولي سائبر صدي ۾

اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن هڪ فٽ جيتري ايپل ميڪنٽوش (20 ميگابائيٽ هارڊ ڊسڪ...

«
»

ترت رابطي لاءِ

This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

سياٽل، واشنگٽن رياست، آمريڪا